ڪراچي ۾ افغانين جي دهشتگردي ختم نه ٿي، ايس ٽي پي جو پورهيت ڪارڪن ڇريون هڻي قتل

گلشن اقبال )شفقت نوناري ) ڪراچي سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد صيفل شورو ڳوٺ ۾ سيلون تي ويٺل افغاني پٺاڻن ۽ پورھيت ايس ٽي پي ڪارڪن سھيل احمد لاشاري وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو، افغاني پٺاڻن ڇرين ۽ قئنچين جا وار ڪري پورهيت سھيل لاشاري کي  قتل ڪري ڇڏيو. پورهيت جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن اطلاع تي سياسي سماجي ماڻھو وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا. سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي پوليس چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته پوليس مک جوابدار ابراھيم افغاني کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي. ايس ٽي پي اڳواڻن رجب مگسي خير محمد مگسي مبارڪ ڀٽي الھواريو عمراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪراچي اندر افغاني دھشت جي علامت بڻيل آھن جيڪي ڏوھي وارداتن سميت ماڻھن کي بيگناهه بيدردي سان قتل ڪري رھيا آھن. اڳواڻن چيو ته سھيل احمد لاشاري ايس ٽي پي ڪارڪن ھئڻ سان گڏ ھڪ پورھيت ھو جيڪو حديرآباد کان ڪراچي ڪمائڻ آيو ھو جنھن کي افغاني پٺاڻن بيگناھه قتل ڪيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو تـه سھيل احمد لاشاري جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين قتل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.