چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان سهڪار ڪنداسين: احمد شاهه

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر )  سنڌ جي سڌ سماءُ ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاھ  چيو آهي ته ڪتاب ۽  لائبريريون اسانجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهن، جڏهن ته ڪتاب پڙهڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو ته پوءِ تهذيب ختم ٿي ويندي، ڪاغذ مهانگو ٿيڻ سبب هاڻي لکڻ ۽ ڇپائي جو ڪم  هڪ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي پر انهن حالتن ۾ به جيڪي پبلشر ڪتاب ڇپائي رهيا آهن انهن جي همٿ کي داد ڏيون ٿا ۽ پبلشرز کي ڪاغذ تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ حڪمتِ عملي واضح ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه ايڪسپو ڪتاب ميلي ۾ منعقد ڪيل ارڙهين ڪتاب ميلي  ۽ ڪتابن جي مختلف اسٽالن جو دورو ڪندي ڪئي . هن چيو ته ڪورس، لٽريچر، تهذيب و ثقافت، تاريخ تي ٻڌل ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ سستي قيمت تي فراهمي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ جيڪڏهن اسان مهانگي ڪتاب جو حل نه ڪڍنداسين ته ڪتاب پڙهڻ جو شوق ختم ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪتاب پڙهڻ جي شوق کي وڌائڻ لاءِ منتظمين جي طرف کان وڏي ڪتاب ميلي جو انعقاد متاثر ڪندڙ آهي. هي هڪ عظيم مقصد آهي ۽ نگران وزير اعليٰ سنڌ جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر ۽ سنڌ حڪومت جو  ڪتاب ميلي جي منتظمين سان سهڪار رهندو . محمد احمد شاهه چيو آهي ته ڪتاب ۽ لائبريريون اسانجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهن، جڏهن ته ڪتاب پڙهڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو ته پوءِ تهذيب ختم ٿي ويندي . هن چيو ته هن ڪتاب سان انسان جو رشتو تمام گهڻو مقدس ۽ محترم رشتو آهي. هن چيو ته حڪومتن جو ڪم آهي ته هو پبلشرز جي مدد ڪن. محمد احمد شاهه چيو آهي ته عراق ۾ قديمي ۽ محلن جيتريون وسيع  لائبريريون ٺهيل آهن پر ويران پيون آهن. هن چيو ته رڳو ڪتاب رڳو ڪتاب نه آهن پر توهان جي ثقافتي سڃاڻپ پڻ آهن. دنيا جي سڀئي تاريخي لائبريريون انسان جو ثقافتي ورثو آهن. هن چيو ته ڪاغذن ۽ ڇپائيءَ جو سامان تمام گهڻو مهانگو ٿيڻ ڪري ڪتاب ڇپرائڻ هن وقت مشڪل ترين ڪاروبار آهي صوبائي وزير چيو ته منتظمين ڪتاب ميلي ۽ پبلشرز کي حڪومت ۽ آرٽس ڪائونسل جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي طرف کان درسي ڪتاب آڻڻ لاءِ هڪ ارب روپيا جاري  ٿي چڪا آهن. محمد احمد شاهه چيو ته جسٽس (ر) مقبول باقر جي اڳواڻي ۾ نگران سنڌ حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن سان  مڪمل سهڪار  ۽ امن امان کي مستحڪم  رکڻ آهي ۽ نگران حڪومت پنهنجا فرض مڪمل طور تي ادا ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت سمورن ادارن سان مڪمل سهڪار ڪندي پر اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.