ھڱورجا(ن ع آ) سڳيون ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ جي زمينن تي والار سنڌ جي نگران گهريلو وزير جي پٽ کي الاٽ ڪيل زمين جا آرڊر فورن رد ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر,ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ، صالح سومرو، فريد سومرو جن ڪئي ريلي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي مير منور ٽالپر, ڪامريڊ اقبال خان ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جي 54 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي نگران گهرو وزیر جي پٽ کي سنڌ سرڪار پاران چار هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. هنن اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جو عوام ڪنهن به قيمت تي اهڙي قسم جي ڪنهن به حرڪت کي هرگز برداشت نه ڪندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ، سنڌ جي ملڪيتن ۽ وسيلن تي قبضن ڪرڻ جي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي حقن جو بچاء ڪيو ويندو. هنن اڳواڻن چيو ته عبوري نگران حڪومت جو ڪم صرف 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ آهي پر مفاد پرست مافیا پنهنجو بنيادي فرض ادا ڪرڻ جي بدران سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ جي لاء مختلف طريقا ۽ بهانا ڳولي رهي آهي. سندن چوڻ ھو ته ڀاڻ ڊيلر مافيا سنڌ جي آفسر شاھي سان ملي ڪري ھاري ۽ ننڍي آبادگارن کي لٽي رھيا آھن . اڳواڻن چيو ته ڀاڻ سرڪاري اگھ تي وڪرو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.