ڀاڻ جي کوٽ جا معيشيت تي پوندڙ ناڪاري اثر

تحرير: عبدالقادر گبول

معيشيت جو مضبوط ۽ ڪمزور ھجڻ ڪنهن به رياست جي خوشحالي ۽ بدحالي کي ظاھر ڪري ٿو. يعني جيڪڏهن معيشيت بهتر هوندي ته ملڪ خوشحال هوندي. جڏهن هي ملڪ وجود ۾ آيو هو،  ان مهل هتي  ڪِي وڏيون وڏيون فيڪٽريون يا ڪارخانا نه هئا.  پر زراعت ئي واحد اهم ذريعو هو، جنهن تحت ملڪ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ھلائڻ لاءِ اهم ٿنڀي طور تسليم ڪيو ويو هو. نه صرف ايترو پر انگريزن جي دؤر ۾ به انگريز هتان ڦٽي يعني ڪپهه کي ٻاهر کڻي ويندا هئا. اهو سڄو ڪجهه زراعت جي مضبوطي سبب ممڪن پئي ٿي سگهيو.

ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن زراعت کي هٿي وٺرائي اُن مان گهڻي حد تائين جو معاشي فائدو ورتو آهي ۽ وٺي رهيا آهن. دُنيا جو سڀني کان وڏو ايريگيشن سسٽم به پاڪستان (سنڌ) ۾ پوءِ به پاڙيسري ملڪن جيترو به معاشي فائدو زراعت مان نٿا وٺي سگهون. اُن جا هونئن ته گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪ اهم سبب ڪلر (ڀاڻ) جي کوٽ جو به آهي. هاڻي ڏسو جيڪڏهن ڪنھن هاري کي پنهنجي زمين لاءِ پنجن ٻورين جي کاڌ جي ضرورت آهي ۽ کاڌ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري سبب اُن هاري کي ٽي ٻوريون ملن ٿيون ته ظاهري ڳالهه آهي ته اهو هاري پنجن جي جاءِ تي ٽين ٻورين تي گذارو ڪندو ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو اُن هاري کي اُپت گھٽ ٿيندي.

مجموعي طور تي اهڙي نموني ڏسو جيڪڏهن  في جريب تي ڀاڻ جي کوٽ سبب ٽي مڻ ڪڻڪ گھٽ ٿئي ته اُن جو نتيجو اهو نڪرندو جو خوراڪ جي اُپت گھٽ هجڻ سبب خوراڪ يعني ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي. ته يقينن وري ايندڙ وقت ۾ ڪڻڪ به بليڪ تي وڪرو ٿيندو. وري عوام لاءِ ٻيڻي عذاب ٿي ويندي. واضح رهي ته ڪڻڪ جي کوٽ ٿيڻ ۽ ڪڻڪ جو گهڻائي ۾ اُپت ملڻ جو هڪ چڱو خاصو اثر ملڪي معيشيت تي به پئي ٿو.

پاڻ ڳالهه شروع ڪنداسين سنڌ پنجاب بارڊر کان ته  سنڌ جي پهرين ضلعي  گهوٽڪي جو مثال وٺنداسين ته گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جون ٻه ايشيا جون وڏيون فيڪٽريون آهن جنهن ۾ هڪ FFC ۽ ٻيو اينگرو اچي وڃن ٿا. هن ضلعي مان ٺهندڙ ڀاڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ وارن علائقن ۾ موڪلي وَڃي ٿي نه صرف ملڪ پر دُنيا جي ٻين ملڪن ۾ به موڪلي وَڃي ٿي هي حالت ڏسو دُنيا جي ملڪن کي ڀاڻ مهيا ڪندڙ ملڪ جي حالت اها آهي جو اُن ملڪ ۾ ڀاڻ بليڪ تي هلي ٿو پيو. اهو ملڪ ته ٺهيو پر جنهن صوبي يا ضلعي ۾ اُهي انٽرنيشنل ڀاڻ جون فيڪٽريون آهن اُنھن صوبن ۽ ضلعن ۾ به ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿئي ٿو.

ڏسو ميرپور ماٿيلو ۾ FFC ۽ ڏهرڪي ۾ اينگرو ڀاڻ جون فيڪٽريون ته آهن پر انهن شهرن ۾ هينئر ڪٿي به اوھان کي سرڪاري ريٽ/حقيقي رقم يعني ٻين لفظن ۾ اُنھن شهرن ۾ به اوھان کي يوريا بغير بليڪ جي نه ملندو. ٻيو ته ٺهيو اينگرو جي ديوار سان گڏ وارن دوڪانن تي به اوھان کي ڪلر سرڪاري ريٽ تي نه ملندو. حقيقت ۾ هجڻ ته ائين کپندو هو جو جنهن شهر ۾ ڀاڻ جون فيڪٽريون آهن اُنھن شهر واسين کي ڀاڻ جي خريداري ۾ هڪ خاص قسم جي رعايت ملڻ کپندو ھو. فوجي فرٽيلائيزر جيڪا ڀاڻ جي فئڪٽري آهي اُن جي جاگرافي بناوت ڪجهه هن طرح آهي جو فيڪٽري جي بلڪل جي سامهون DC آفيس ۽ DC ھائوس سان گڏ  SSP آفيس آھن  پوءِ به هن گيٽ جي سامھون، مسوواه ۽  ڪوري ڪوهه جي علاقي وارن دوڪانن تي به اوھان کي سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ نه ملندو. هي موجوده حالت آهي اسان جي نظام جي.

هاڻي سوال اهو ٿو جنم وٺي ته ڇا آمريڪا يا چين کان ماڻهو اچي ڪري هتي ڀاڻ جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪندا ۽ اُن کي ملڪ جي هر هنڌ سرڪاري ريٽ تي مهيسر هجڻ کي يقيني بڻائيندا. هي جيڪي به انڊسٽريون ٺهيون آهن، اُنھن پنھنجن شهرن ۾ يوريا جو سرڪاري ريٽ تي مهيسر هجڻ جو ڪو ميڪنزم ڇو نه جوڙيو؟ آيا ڪٿي سڌي يا اڻسڌي طرح يوريا جي بليڪ واري وڪري ۾ انڊسٽريز ته ملوث نه آهن. جيڪڏهن  آهن ته اُنھن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو. خبر نه آهي ته ميرپور ماٿيلو واسين کي سرڪاري ريٽ تي تاريخ ۾ ڪلر ڪڏهن ملي به سگهندو الائي نه. هي اهو ئي ميرپور ماٿيلو آهي جتي FFC مان روزانو هزارين ٻوريون ٽالرن، ٽرڪن ۾ لوڊ ٿي SSP آفيس ۽ DC آفيس کي بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪراس ڪري الائي ڪٿي کڻي وَڃي يوريا جو بحران پيدا ڪن ٿا. دُنيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ ائين ٿيندو ھجي جو اٺ ڪلو ميٽرن تي ٻه انٽرنيشنل ڀاڻ جون فيڪٽريون ھجن ۽ اُنھن فيڪٽرين جي سامهون به ڀاڻ بليڪ تي هلندو ھجي. جيڪي به اسٽيڪ هولڊرز ۽ ڪامورا ڀاڻ بليڪ وڪري ۾ ملوث آهن يا اُنھن خلاف ڪارروائي نٿا ڪن تاريخ اُنھن شخصيتن کي پنهنجن ڪارن پنن تي ياد ڪرڻ ڪڏهن به نه وساريندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.