هوا جي رخ جي تبديلي سان گڏ وفاداري مٽائيندڙ رائو انوار

تحرير: گل سيوھاڻي

سنڌ تي 15 سال لڳاتار حڪومت ڪندڙ ھڪ ئي سياسي جماعت جو سربراھ ۽ مفاھمت جو بادشاھ سڏجندڙ شخص جنھن پنھنجي ذاتي مفادن ۾ جيڪي به لاٺڙيا ۽ ڀوتار پاليا ۽ سانڍيا ھيا اھي جيستائين سنڌ اندر حڪومت ھئي تيستائين ان جي ٻولي ڳالھائيندا ھيا ۽ پنھنجي اڳواڻ خلاف ڪک به نه سھندا ھيا پر جڏھن کان سنڌ حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪري صوبي سنڌ جون واڳون نگران حڪومت جي حوالي ڪيون آھن تڏھن کان جيڪو واءِ لڳي رھيو آھي اھو ان 15 سالا اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت جي خلاف لڳي رھيو آھي سندن جيڪي به وفادار ساٿي ھيا پوءِ  اھي سرڪاري ڪامورن جي شڪل ۾ ھجن يا غير سرڪاري ڪامورن جي شڪل ۾ ھجن اھي ھاڻي واڳ ڌڻين جي چوڻ ۾ اچي پنھنجون پراڻيون وفاداريون تبديل ڪري واڳ ڌڻين جا گيت پيا ڳائين جنھن ۾ ھاف فراءِ فل فراءِ جو ماسٽر مائينڊ طور سڃاتو ويندڙ ۽ ايس ايس پي مرحوم چوڌري اسلم جو شاگرد رائو انوارالحق منظر تي اچي طوطي جيان ٻولي رھيو آھي.

رائو انوار چئي رھيو آھي ھن جيڪي به غلط ۽ ٻه نمبر ڪم ڪيا ھيا اھي ان وقت جي اقتداري جماعت جي اڳواڻ ۽ پنھنجي باس جي چوڻ تي ڪيا ھيا مطلب رائو انوارالحق جيڪي به انڪشاف ھاڻي پيو ڪري اھي اڳ ۾ ئي مختلف ذريعن واتان عوام ٻڌي چڪو آھي،سنڌ اندر سنڌ جو ھڪڙو پيٽ پرست ڌڙو به ھيو جيڪو ان اقتداري جماعت جي ھولي سولي باس سان ھا ۾ ھا ڪندو آيو پئي ۽ ان پيٽ پرست ڌڙي کي به سنڌ حڪومت پاران خوب نوازي خاموش ڪرايو ويو ھيو اھڙي طرح ٻيا به کوڙ سارا ان وقت سنڌ سرڪار جا فرنٽ مين ھيا جيڪي پنھنجي دور جا وڏا دھشتگرد ۽ قبضاگير ھيا انھن معرفت به اقتدار ڌڻيءَ  جيڪا سنڌ جي تباھي ڪئي اھا به ڪنھن کان لڪل ڪونھي ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي ھر ضلعي ۾ جيڪا رڪارڊ ڪرپشن ٿي آھي اھا ھاڻي آھستي آھستي ان اڳوڻي سنڌ حڪومت تي رھندڙ اقتداري سياسي جماعت جي فرنٽ مينن ذريعي آڏو  پئي اچي،اھڙن فرنٽ مينن ۾ ھڪڙو وڏو نالو پي ايس 78 گھوڙاٻاري ڪيٽي بندر ٺٽو ضلعي مان ان وقت جو چونڊيل ايم پي اي حاجي علي حسن المعروف علو کير وارو يا حاجي صاحب چئو ڳالھه مڙوئي ساڳي آھي جنھن موصوف ٺٽو سجاول بدين ضلعن ۾ جيڪا ريوينيون معرفت رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آھي اھا به ڪنھن کان لڪل ڪونھي ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي ڪوڙا کاتا ٺھرائي اھا پنھنجي نالي تي ڪرائي آھي ۽ اتي ضامن ۽ محسن ھائوسز تعمير ڪرايا آھن، اھو ئي سبب آھي جو پي ايس 78 گھوڙاٻاري ڪيٽي بندر مان چونڊجي اڳوڻي ايم پي اي حاجي علو کير واري جا جيڪي فرنٽ مين آھن جن وٽ گھر ۾ سگھي کٽ به سمھڻ لاءِ  ڪونه ھوندي ھئي اھي به ھاڻي بنگلن ۽ لکين روپين جي فرنيچر جا مالڪ بڻجي ويا آھن. اھڙي طرح تاريخ ۾ سڀ کان گھڻو عرصو رھندڙ اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر ريٽائرڊ ڪيپٽن فريدالدين مصطفي به آھي جيڪو پڻ ان اقتداري جماعت جي سربراھ جو فرنٽ مين رھيو آھي ھن سميت ٽن ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر به آھن جن تي ٻڌل ھڪ ٽيم جوڙيل ھئي جن کي ان اقتداري جماعت جي سرواڻ پاران ھڪڙو ٽاسڪ مليل ھيو ته اوھان روينيو جي رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ڪري سرڪاري زمينون سندس فرنٽ مينن جي نالي تي ڪيو جيڪي ھن سموريون سرڪاري لکين ايڪڙو زمينون بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي وڪرو ڪري ڏنيون جنھن کيس اربين کربين روپيا ڏئي مالا مال ڪري ڇڏيو. ان سرڪاري زمينن جي مھاڳن ۾ ايندڙ مسڪينن غريبن جون سروي زمينون به آيون ھيون اھي به انھن کان فورس ڪري ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري ان مسڪينن غريبن جي حقن تي به ڌاڙا ھنيا ويا.

اھڙي طرح سنڌ جي وڏي وزير معرفت پوري سنڌ اندر ڊويزن سطح جي من پسند آفيسرن کي مقرر ڪري سرڪاري پراپرٽين تي ڌاڙا ھنيان چوڻ جو مقصد اھو آھي جيتري سنڌ جي تباھي ھنن جي 15 سالن ۾ ٿي آھي ايتري تباھي پاڪستان جي 75 سالن ۾ ناھي آئي ان سموري ڪرپشن جو جيڪو بادشاھ ھيو اھو سنڌ تي 15 سال حڪومت ڪندڙ سياسي جماعت جو سربراھ ھيو جنھن سنڌ اندر پنھنجا من پسند چيف منسٽر ۽ منسٽر صلاحڪار رکي تاريخي ڪرپشن ڪرائي آھي، ٿر جو ڪوئلو ھجي يا ڪوھستان کير ٿر جبل جي ڪنڌيءَ  مان ملندڙ تيل گئس ھجي،گورک ھل اسٽيشن جو ترقياتي منصوبو ھجي يا ايشيا جي سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ جا تعمير ٿيندڙ بچاءُ بند ھجن جيڪي ھنن ھٿ وٺي ڪٽ ھڻائي جھوريا ھيا ھن ۾ جيڪا اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آھي اھا به ان 15 سالا اقتدار ۾ رھندڙ سياسي چونڊيل نمائندن جي ڪارگذاريءَ  جو نتيجو آھي.

اھڙي طرح سنڌ جي ھر ضلعي تعلقي ۾ جيڪي به سندن حڪومت جا متاثر ماڻھو آھن انھن کي ڏنڊي ۽ جھنڊي جي زور ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي خاموش ڪرايو ويو آھي سندن 15 سالن جي اقتدار ۾ ٿيل ڪرپشن جا داستان جيڪي ھڪ رڪارڊ تي موجود آھن اھي سمورا ڪرپشن جا رڪارڊ واڳ ڌڻين کي شايد ھٿ چڙھي چڪا آھن جيڪي ھن وقت سندس سامھون رکي کانئن حساب ڪتاب ورتو پيو وڃي، اوھان کي خبر ھوندي ته ڪجهھ عرصو پھريان واڳ ڌڻين کي ڌمڪين جي شڪل ۾ اينٽ سي اينٽ بجاني وارو بيان ڏئي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي جيڪا سندن ڪوشش ته ناڪام ٿي وئي ھئي پر اھيا بليڪ ميل ڪرڻ واري گولي واڳ ڌڻين کي ھضم ڪون ٿي ان جي پلاند ۾ ھن وقت نگران حڪومت جي ذريعي جيڪا حڪومت بظاھر ته سندن ۽ مخالف بئنچن تي ويٺل ايم ڪيو ايم سياسي جماعت جي جڙيل حڪومت آھي پر اھا نگران حڪومت جيڪو ڪجھ عمل ڪري پئي اھو واڳ ڌڻين جي حڪمن تحت ڪري رھي آھي.

تازو سنڌ جي نگران وزير داخلا جو ھڪڙو بيان سامھون آيو آھي ته سندس علم ۾ جيڪا به ڪرپشن جي شڪايت اچي پئي ھو ان ڪرپشن کي آڏو رکي سخت کان سخت ڪاروائي ڪندو ان مان صاف ظاھر ٿيو ته امڪاني ايندڙ عام چونڍن ۾ پيپلز پارٽيءَ   جو وفاق ۾ ته ڪو حصو ڪون ھوندو پر سنڌ به سندن ھٿن مان نڪتل ھوندي،اھو ان ڪري ته ماضي قريب ۾ اقتداري جماعت جي سربراھ جي ڏنل اينٽ سي اينٽ بجاني والي بيان جي سزا کين ھن اليڪشن ۾ ڏني ويندي ۽ ان قيادت کي سزا ملڻ به گھرجي ڇو ته ھن قيادت جيڪا سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان حالت ۽ جٺ ڪئي آھي اھا ھن کان اڳ ڪڏھين به ناھي ٿي جيڪڏھن واڳ ڌڻي صرف ان سنڌ جي اقتداري جماعت کي پنھنجي خلاف ڏنل بيان جي سزا ڏيئڻ چاھين ٿا ته پوءِ  اھڙي سزا مسلم ليگ نون وارن کي ملڻ گھرجي ڇو ته ھنن 15 سال سنڌ تي اقتدار رھڻ واري جماعت جي قيادت کان به وڌيڪ خطرناڪ بيان بازي ڪئي آھي گڏ گڏ ان کي اعلي عدالت پاران سزا به ڏئي نااھل ڪيو ويو آھي جيڪڏھن پنھنجون وفاداريون تبديل ڪري ڪنھن ٻئي سان وفادار ھجڻ جو حلف کڻو ٿا ته اوھان کي شرم اچڻ گھرجي ۽ جنھن سان حلف کڻي شامل ٿيو ٿا انھن کي به شرم اچڻ گھرجي ڇو ته اوھان مان ڪو به نه ملڪ سان نه قوم سان وفادار آھي اوھان جي وفا صرف ۽ صرف پنھنجي ذات ۽ پنھنجي پيٽ سان آھي.

سندن جيڪي به وفادار ساٿي ھيا پوءِ  اھي سرڪاري ڪامورن جي شڪل ۾ ھجن يا غير سرڪاري ڪامورن جي شڪل ۾ ھجن اھي ھاڻي واڳ ڌڻين جي چوڻ ۾ اچي پنھنجون پراڻيون وفاداريون تبديل ڪري واڳ ڌڻين جا گيت پيا ڳائين جنھن ۾ ھاف فراءِ فل فراءِ جو ماسٽر مائينڊ طور سڃاتو ويندڙ ۽ ايس ايس پي مرحوم چوڌري اسلم جو شاگرد رائو انوارالحق منظر تي اچي طوطي جيان ٻولي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.