ملڪ ۾ دھشتگردي جي نئين لھر

ڪجهھ وقت جي ٺاپر کان پوءِ ھڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ نئين دھشتگردي جي لھر اٿي آھي. تازو ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگردن ھڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي آپگھاتي حملو ڪري قانون لاڳو ڪندڙ اداري کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پھچايو آھي. خبر موجب ڇهھ دھشتگردن درابن ۾ فورسز جي چوڪي سان بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، جنھن سبب عمارت تباهه ٿي وئي ۽ چوويهھ فوجي جوان شھيد ٿي ويا، جڏھن ته جوابي ڪارروائي ۽ سرچ آپريشن ۾ ستاويهھ دھشتگرد پڻ مارجي ويا آھن.

ان حملي جي ذميواري پابندي مڙھيل تنظيم تحريڪ جھادِ پاڪستان قبول ڪئي آھي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ تنظيم جي ترجمان پاران چيو ويو آھي ته اھو حملو مولوي حسن گنڊاپوري ڪيو آھي.

آءِ ايس پي آر پريس رليز جاري ڪندي چيو آھي ته دھشتگردي جي ان تازي واقعي ۾ افغان شھري ملوث آھن، مارجي ويل سمورا دھشتگرد ڀتا خوري، دھشتگردي ۽ مختلف واقعن ۾ ملوث رھيا آھن. دھشتگردي جي ان واقعي تي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا ۽ ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ملي ويا آھن. سڀ کان پھرين اھا ڳالھه ثابت ٿي چڪي آھي ته پاڪستان ۾ رھندڙ غير قانوني افغانين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو درست آھي. ڇو ته افغاني ھميشه پاڪستان جي امن کي خراب ڪرڻ ۾ ملوث رھيا آھن، اھي ڀتا خوري، قبضاگيري سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف دھشتگردي جي وڏن واقعن ۾ به ملوث رھيا آھن، افغانستان جي سرزمين ھميشه پاڪستان ۾ دھشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿيندي رھي آھي، ماضي ۾ جڏھن به انھن جي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي ته انھن دھشتگردن خونريزي ڪري بدلو ورتو.

ڊيرا اسماعيل خان سانحي تي سامھون آيل آءِ ايس پي آر جو موقف ان ڳالھه جي تصديق ڪري ٿو ته افغانين سميت ٻين غير ملڪين بابت سنڌين جا سمورا خدشا درست آھن، جيڪي ڏھاڪن کان افغانين سميت غير قانوني غير ملڪين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ پرامن احتجاج ڪندا رھيا آھن، پر سندن احتجاج کي ڪا به اھميت نه ڏني وئي ۽ انھن جي ڳالھه ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته اھي محسن ڪش غير ملڪي اڄ  اسان جي ڌرتي تي اسان جو ئي رت پاڻي جيان وھائي رھيا آھن.

بظاھر ته افغان شھري جنگ سبب پاڪستان ۾ پناھ وٺڻ لاءِ آيا ھئا، جيڪي ڪيترائي سال پاڪستان ۾ سڪون سان رھيا، جڏھن ته ھاڻ افغانستان ۾ ڪا به جنگي صورتحال ناھي ته انھن جو وڌيڪ ھتي رھڻ ۽ ملڪي معيشت تي بار بڻجڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ناھي رھيو ۽ ان معاملي ۾ پاڪستان حڪومت ساڻن ڪا به زيادتي نه پئي ڪري ته پوءِ افغانستان ۽ افغاني شھري پاڪستاني فورسز جي خلاف دھشتگرد ڪارروايون شروع ڪري جنگ لاءِ ڇو تيار ٿي بيٺا آھن؟ اھو سوال اھم آھي، ڇا افغانستان پاڪستان جي خلاف عالمي قوتن جي ھٿان استعمال ٿي رھيو آھي، جيڪي پاڪستان کي مستحڪم ڏسڻ نٿيون چاھين. ڏٺو وڃي ته جيئن جيئن پاڪستان ۾ افغان پناھ گيرن جو انگ وڌندو رھيو، تئين تئين ملڪ ۾ دھشتگردي، آپگھاتي حملن ۽ بدامني ۾ تيزي ايندي رھي، انھن دھشتگردن کي سياسي پٺڀرائي به حاصل آھي، کين ڪجهھ سياستدان پنھنجي مقصد جي لاءِ استعمال ڪندا رھيا آھن، اھو ئي سبب آھي جو ملڪي مفادن کي پٺي ڏيندي ڪجهھ سياستدان افغانين جي وطن واپسي جي مخالفت ڪري رھيا آھن، ان سلسلي ۾ عمران خان پڻ جيل مان پريس رليز جاري ڪري چڪو آھي، جنھن ۾ ھن افغاني پناھگيرن کي واپس وطن موڪلڻ جي سخت مخالفت ڪئي.

ملڪ ۾ افغانين سميت ٻين غير ملڪين جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿيڻ جي باوجود به لکين غير ملڪي ملڪ ۾ موجود آھن. جن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي، ڇو ته جيستائين ملڪ ۾ غير ملڪي موجود رھندا ايستائين پاڪستان جو عوام ۽ ادارا غير محفوظ رھندا. پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ مان غير ملڪين جو مڪمل صفايو ضروري آھي، ٻئي صورت ۾ اسان کي ڪنھن نئي سانحي لاءِ تيار رھڻو پوندو.

  • نازيه ۽ ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي

8 مھينا اڳ اٺن مھينن جي ڳورھاري عورت نازيه کوسو کي سندس معصوم ڌيءَ ڪوثر سميت ڪنڌڪوٽ مان ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا. جيڪا اڃان تائين انھن جي قبضي ۾ آھي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته سڱاوتي تڪرار سبب کين ڀنگوار برادريءَ جا ماڻھو اغوا ڪري ويا آھن، جن وٽ ماءُ ۽ ڌيءَ اڃان تائين يرغمال بڻيل آھن، کين بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس ڪو به تحرڪ ناھي ورتو ۽ راڄوڻي ڪوشش پڻ ناڪام رھي، ڇو ته اغواڪار قبيلائي طاقت رکندڙ ۽ ڏوھاري ماڻھو آھن. سندن بازيابي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي پاران ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ تائين پيادل مارچ ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمون ۽ عام ماڻھن شرڪت ڪئي.

سنڌ جي روايت رھي آھي ته جنگن توڙي قبيلائي جھيڙن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي ڪو به نقصان نه پھچايو ويندو ھو، پر ھاڻ ماڻھو روايتون ته ڇا پر ماڻھن اخلاقي ۽ انساني قدر به وساري ڇڏيا آھن. فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، نازيه ۽ ڪوثر جو اغوا اھو ثابت ڪري ٿو ته  قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏاڍن اڳيان ھيڻا آھن ۽ سنڌي قوم اخلاقي ڏيوالي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي.

اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته نازيه ۽ ڪوثر کوسو کي ترت بازياب ڪرايو وڃي ۽ زميدارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.