پاڪستان ۾ چونڊن جو ماحول نظر اچي رهيو آهي: وزيراعظم

ڊي آءِ خان ( م ڊ ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ حملو ڪندڙ دهشتگرد جنگ هارائي چڪا آهن،  جنگ رياست کٽي آهي، رڳو دهشتگردن جي شڪست جو اعلان باقي آهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپگهاتي حملي جي زخمين جي عيادت ڪرڻ بعد نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي انور حق ڪاڪڙ چيو ته جن جي حوصلا افزائي لاءِ ويو هوس انهن مون کي حوصلو ڏنو، دهشتگرد جنگ هارائي چڪا آهن، دهشتگرد هڪ حملو ڪندا اسان 10 قدم اڳتي وڌنداسين، اهي 10 حملا ڪندا اسان 100 قدم اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته اسان جي نوجوانن جو جذبو جوان آهي، هن فتح ٿيل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ۽ جنت ۾ امن ۾ هوندا، علماءِ حق رياست سان گڏ بيٺا آهن، دهشتگرد اسان کي ڪڏهن به خوفزده نه ٿا ڪري سگهن، چاهي ڪهڙا به حربا استعمال ڪن، ڪامياب نه ٿيندا.

  • عبوري ضمانت خارج، عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ به گرفتار

راولپنڊي (م ڊ) احتساب عدالت تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي،  احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻڌايو ويو، عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي، نيب ضمانت خارج ٿيڻ کانپوءِ توشا خانا ڪيس ۾ به عمران خان جي گرفتاري ڪئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته بادي النظر ۾ توشه خانه تحفا وصولي ۾ بي قائدگيون ٿيون، عدالت حڪم ۾ چيو آهي ته جسماني رمانڊ جي باوجود عمران خان جيل ۾ ئي رهندو ۽ ان کان جيل ۾ ئي جاچ ٿيندي، صحافين سان ڳالهائيندي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته عمران خان جو اڄ جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو، واضح رهي ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان عبوري ضمانت تي هو.

  • ملڪ ۾ ڊي سيز ۽ اي ڊي سيز جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾  ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عام چونڊن سان لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن (آر اوز)، ضلعي ريٽرننگ آفيسرن (ڊي آر اوز) ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن (اي آر اوز) جي مقررين جي ڪري بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي وئي آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته عام چونڊن ۾ ڊي سيز ۽ اي ڊي سيز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري ۽ چئني چيف سيڪريٽريز کي خط جاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.