رائونتي شهر ۾ بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن جو راڄ

تحرير: منير احمد شر

سنڌ پنجاب ، خيبر پختونخواهه سميت بلوچستان صوبي جي بارڊر واري علائقي ۾ واقع گھوٽڪي ضلعي جو قديم شھر رائونتي قبيلائي  تڪرارن ۽ ڏوھارين جي ڏوھي وارداتن سبب ڪچي جي علائقن سان تعلق رکندڙ سوين گلن جھڙا ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿي ويا آهن پر ھن وقت تائين ضلعي انتظاميا پوليس ، حڪومت ۽ گھوٽڪي ضلعي جي سياست دانن پاران اصل بد امني جي باھ جو سبب بڻجندڙ قبيلائي  تڪرارن جي خاتمي لاءِ  ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن جنھن سبب ھن وقت تائين قبيلائي  تڪرارن ۾ سوين ڳڀرو نوجوانن جي مارجڻ باوجود ھڪ طرف ٺاپر نه اچي سگهي آهي ته وري ٻئي طرف گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي جي علائقي سان تعلق رکندڙ ماڻھون گھرن ۾ قيدين واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏھن ته قبيلائي  تڪرارن جي خاتمي لاءِ  انتظاميا توڙي جو گھوٽڪي ضلعي جا سياستدان رڳو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اليڪشن جي موقعي تي سکڻا اعلان ڪرڻ بعد غائب ھجڻ ڪري قبيلائي  تڪرارن جي خاتمي لاءِ  ڪي عملي قدم نه کنيا آهن ان سلسلي ۾ ڪچي جي مختلف علائقن جو جائزو وٺڻ بعد مون مناسب سمجھو ته ڪچي ۾ رھندڙ مختلف برادرين جي ٻارڙن جي مستقبل کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ جي سلسلي ۾ آواز اعلي ايوانن تائين پھچائڻ جو فرض پورو ڪجي.

ان حوالي سان سروي ۾ مليل ڄاڻ موجب پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڏوھارين جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ رائونتي ڪچي ۾ اصل بد امني جو ڪارڻ قبيلائي  تڪرار آھن جنھن سبب ھن وقت تائين سوين ڳڀرو نوجوان گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن پر گھوٽڪي ضلعي جي پوليس توڙي جو گھوٽڪي ضلعي جي سياست دانن پاران قبيلائي  تڪرارن جي خاتمي لاءِ  ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آھي جڏهن ته ڪاروبار جي لحاظ سان سنڌ۔ پنجاب ۔خيبر پختونخواه بلوچستان جي سرحدي علائقن جي سنگم تي واقع رائونتي شھر جي پنھجي ھڪ وڏي اھميت ھئي جيڪا قبيلائي  تڪرارن جي ڪري نوگو ايريا بڻيل آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رائونتي سر سبز علائقو ھيو ڪجهھ ماڻھن جي ڪري رائونتي بدنام ٿي وئي سڀ ماڻھو ڏوھاري نه آھن رائونتي پوري گھوٽڪي جي ٻين علائقن کان وڌيڪ سر سبز آھي جيڪا بدامني آھي ان جو اصل ڪارڻ قبيلائي تڪرار جي آھن  ڪيئي ايس ايس پي گھوٽڪي آيا صرف قبيلائي تڪرارن جي نبيري جو سوشل ميڊيا تي بيان ڏئي خانه پوري ڪندا رھيا. پر ڪنھن به عملي ڪم نه ڪيو ھڪ ايس ايس پي مسعود بنگش آيو جنھن رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ امن ميلا به ڪرايا ۽ امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو ھو  پر ھاڻ نوگو ايريا بڻيل آھي جيتري تائين قبيلائي تڪرارن جي خاتمو نه ٿيندو ايتري تائين رائونتي جو ڪچو بد امني جي باھ ۾ ٻرندو رھندو ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ھاڻ سستي گاڏين ۽ عورتن جي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ وارو سلسلو گھٽجي ته ويو آهي پر امن و امان نه ھجڻ ڪري رائونتي ڪچي جا  سمورا اسڪول بند آهن ھزارين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي.

جڏھن ته ڪچي ۾ موجود چند ڏوھاري پڻ بار بار سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري رھيا آھن ته قبيلائي  تڪرارن کي نبيريو وڃي ته ھو پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيندا ان ڪري گھوٽڪي ضلعي جي پوليس ۽ سياست دانن نگران وڏي وزير ، آءِ جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کيتران کي جلد کان جلد قبيلائي  تڪرارن جي خاتمي لاءِ  اھم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيئن رائونتي ڪچي ۾  امن و امان جي فضا قائم ٿي سگھي ۽ بند پيل اسڪول کلي سگھن ۽ ھزارين معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگھي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.