نوازشريف کي مليل عدالتي رليف

تحرير: رياض ابڙو 

نوازشريف کي ڊسمبر 2020 ۾ پاناما ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران اشتهاري مجرم قرار ڏنو ويو هيو، ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون 2021 ۾ سندس سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي هئي، ان ڪري ته نوازشريف سعودي عرب ۾ العزيزيا اسٽيل ملز ۽ هيل ميٽل اسٽيبلشمينٽ (HME)  قائم ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيل رقم جو ذريعو غلط بيان ڪيو هيو، ۽ اهو معاملو آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ هجڻ واري الزام تي ٻڌل هيو. نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر موجب شريف خاندان خلاف اهي ڪيس، الزام ۽ سوال ان ڳالھه  جا گهرجائو هيا ته شريف خاندان جون ڪمپنيون ڪيئن ۽ ڪهڙن وسيلن ذريعي قائم ٿيون يا انهن اهي پيسا اتي ڪيئن پڄايا يا ڪهڙي بينڪ جي ٽرانزيڪشن وسيلي اهي پيسا لنڊن ۽ سعودي عرب پڳا.

وري ٻئي پاسي شريف خاندان جي طرفان عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست موجب نوازشريف جي والد مرحوم ميان محمد شريف 1974ع ۾ يو اي اي ۾ گلف اسٽيل ملز (GSM) قائم ڪئي هئي، ۽ هن ”جي ايس ايم“ جا 75 سيڪڙو شيئر عبدالله ڪياد اهلي کي وڪرو ڪيا هيا، 1978ع ۾ ان اداري جو ٻيهر نالو اهلي اسٽيل ملز (ASM) به رکيو ويو هيو ۽ باقي 25 سيڪڙو شيئرز به 1980ع ۾ ASM کي وڪرو ڪيا ويا هيا، جنهن ۾ قطري شاهي خاندان سان سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي. اها ڳالھه  تڏهن جي آهي جڏهن سڄو شريف خاندان جلاوطني ۾ هو ته مرحوم ميان شريف حسين نواز لاءِ 5.4 ملين درهم ۽ حسن نواز کي سعودي عرب ۾ العزيزيه ۽ هيل ميٽل اسٽيبلشمينٽ ۽ برطانيه ۾ فليگ شپ انويسٽمينٽ ۽ 16 ٻيون ڪمپنيون قائم ڪرڻ لاءِ 4.2 ملين درهم فراهم ڪيا هيا. پر پراسيڪيوشن جي ڳالھه  موجب شريف خاندان اهڙن فرمن ۽ فيڪٽرين جي قائم ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيل رقم جو ذريعو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هيو يا سچائي سان نه ٻڌائي سگهيو هيو ته انهن ايتري رقم آندي ڪاڏهون؟ ان ڪري انهن جي خاندان تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس جڙيو. پر شريف خاندان اهو موقف اختيار ڪيو هيو ته 12 ملين درهم جي رقم ميان شريف قطري شاهي خاندان سان گڏ ڀاڱي ڀائيواري واري زمري ۾ لڳائي هئي. پراسيڪيوشن جو چوڻ هيو ته قطري شهزادو شيخ حماد بن جاسم بن جابر الثاني تفصيلات جي تصديق لاءِ پاڪستان ۾ گڏيل جانچ ٽيم (جي آءِ ٽي) آڏو پيش نه ٿيو هيو تڏهن احتساب عدالت ڊسمبر 2018 ۾ نواز شريف کي ڪرپشن جي اهڙن ريفرنسز ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ان سان گڏوگڏ مٿس 1.5 ارب روپيا ڏنڊ به وڌو هو.

پر پاناماليڪس ۾ اهو به انڪشاف ٿيو هيو ته نوازشريف جي ٽن ٻارن جون آف شور ڪمپنيون آهن ۽ اهي اثاثا سندس خاندان جي دولت واري تفصيل ۽ پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ظاهر نه ڪيا ويا هيا، جنهن سبب ڪرپشن جي الزامن جي جانچ جي لاءِ هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي ۽ پي ٽي آءِ پاران وزيراعظم جي نااهلي جو مطالبو ڪيو ويو هيو. جنهن تي سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ 2017 تي جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي نوازشريف کي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت وزيراعظميءَ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هيو. تڏهن عدالت اڳوڻي وزيراعظم (نوازشريف) خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ شريف خاندان خلاف سمورا ڪيس نيب ڏانهن منتقل ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا هيا ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ شروع ڪئي هين.

ان وقت سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن کي نيب ۽ احتساب عدالتن جي ڪارروائين جو مانيٽرنگ جج به مقرر ڪيو هيو، جنهن اهي جانچ جون وڌيڪ ڪاروايون ڪيون. جون 2020 ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت توشاخاني مان تحفي ۾ ڏنل واچون غير قانوني طريقي سان خريد ڪرڻ جي الزام ۾ نوازشريف جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هيا ۽ 8 سيپٽمبر 2020ع تي احتساب عدالت نوازشريف جي عدم پيشي تي کيس اشتهاري قرار ڏنو هيو. احتساب عدالت 6 جولاءِ 2018ع تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي 10 سال قيد جي سزا به ٻڌائي هئي، مريم نواز کي 7 سال ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

احتساب عدالت جي ان فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف پاران چئلينج به ڪيو ويو هيو جنهن بعد ڪورٽ اها درخواست ٻڌڻي لاءِ معطل يا خارج ڪري ڇڏي هئي. نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ان وقت جاري هئي جڏهن هو علاج لاءِ پرڏيھ ويو هو ۽ ان کانپوءِ اپيل جي پيروي ڪرڻ لاءِ واپس نه وريو.

پر 24 ڊسمبر 2018ع تي احتساب عدالت نوازشريف کي فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو هيو، پر العزيزيه ريفرنس ۾ کيس 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي (جيڪا هاڻي معاف ٿي وئي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نوازشريف جي اپيلن جي ٻڌڻي جاري هئي کيس علاج لاءِ پرڏيهھ وڃڻو پيو هيو جنهن جي ڪري انهن اپيلن جي پيروي ڪرڻ لاء واپس نه ٿي سگهيو. پر چودري شگر ملز ڪيس ۽ پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب اڄ تائين نوازشريف خلاف ريفرنس داخل ناهي ڪيو، ان جي باوجود ان کي صرف هڪ پڇا ڳاڇا دوران گرفتار ڪيو ويو هيو. ان کان علاوه لاهور جي احتساب عدالت 24 جون 2023 تي پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ نوازشريف ۽ ٻين جوابدارن کي فرد جرم مان بري ڪيو هيو. عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ رمارڪس به ڏنا هيا ته نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي قانون موجب ناهي. عدالت وڌيڪ چيو هيو ته ڪيس جي رڪارڊ مان ظاهر ٿو ٿئي ته نوازشريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 31 آڪٽوبر 2019 تي نوازشريف جي طبي بنيادن تي ٻن سزائن کي معطل ڪندي کيس علاج لاءِ چئن هفتن لاءِ پرڏيهھ وڃڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي هئي ۽ عدالت اهڙو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو هيو. ڪورٽ جي حڪم ۾ اهو به هيو ته نوازشريف جي صحت بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ هو فوجداري قانون جي آرٽيڪل 104 تحت ضمانت ۾ واڌ لاءِ پنجاب حڪومت سان رجوع ڪري سگهي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيسن ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) پاران داخل ڪيل سزا خلاف نوازشريف جي اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بينچ اها ٻڌڻي ڪئي هئي جيڪو ڪيس ايون فيلڊ ريفرنس، پارڪ لين ۽ لنڊن ۾ چار فليٽن جي خريداري تي ٻڌل هيو، اهو انهن ٽن ڪيسن ۾ شامل هيو جيڪي نوازشريف ۽ سندس ٻارن خلاف نيب پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 28 جولاءِ 2017 جي پاناماليڪس واري ڪيس جي فيصلي تحت داخل ڪيا هئا. ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي سيپٽمبر 2017 ۾ شروع ٿي وئي هئي ۽ احتساب عدالت 19 آڪٽوبر 2017 تي نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر تي فرد جرم به لاڳو ڪيو هيو. نوازشريف بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي سزا جي خلاف اپيل به داخل ڪرائي هئي. جڏهن ته عدالت اڃان تائين اپيل جي ٻڌڻي واري عمل ۾ آهي ته مسلم ليگ نون جو اڳواڻ (نوازشريف) نومبر 2019 ۾ لنڊن ۾ علاج جي لاءِ انوکي اجازت ۽ نادر موقعي ملڻ واري پرميشن حاصل ڇو ڪئي ۽ ڪيئن ڪئي؟ نتيجي طور جسٽس فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هائي ڪورٽ جي بينچ 24 جون 2021 تي ان اپيل کي به رد ڪري ڇڏيو هيو ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ نون جو اڳواڻ (نوازشريف) ٻڌڻي لاءِ عدالت ۾ حاضر نه ٿيو يا هو وري لڙي نه آيو. گذريل مهيني اسلام آباد هائي ڪورٽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سندس سزا خلاف مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جي اهڙين اپيلن کي وري بحال ڪيو هيو. جڏهن ته هن برطانيا کان واپسي کانپوءِ اڳواٽ انهن جي بحالي لاءِ عدالت ۾ الڳ الڳ درخواستون به داخل ڪيون هيون. هن مهيني جي شروعات ۾ اسلام آباد هائي ڪورٽ 2018 ۾ عدليا مخالف تقريرن سان لاڳاپيل مسلم ليگ نون جي اڳواڻ (نوازشريف) جي خلاف توهين عدالت جي هڪ ڊگهي عرصي کان داخل ڪيل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو هيو، اهڙي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪئي وئي هئي ۽ عدالتي ڪاروائي دوران درخواستگذار جي طرفان نمائندگي نه هجڻ جي بنياد تي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي. هڪ لاهوري شهري عدنان اقبال نوازشريف خلاف اها توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ 2018 ۾ ڏنل بيان تي قانوني ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي هئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف جي بريت ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ۾ واڌ بابت نيب جي اپيلن تي به ٻڌڻي ڪري. فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف جي بريت خلاف اپيل ۾ نيب اهڙو موقف به اختيار ڪيو هيو ته احتساب عدالت جو فيصلو قانون جي خلاف آهي ۽ ثبوتن جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو وڃي ته العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هيو.

توڻي جو مٿس سمورا الزام به ثابت به ٿي چڪا هيا ۽ ان ڪيس ۾ کيس 7 سال قيد جي سزا ناڪافي ڄاڻائي وئي هئي، پر هيل ته اهي ساڳيون ڪورٽون جن وقت سر ڳوٽُن کي اڳتي پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ اهي سڀ ممڪنات جوڙي ڏيکاريون ته جيئن نوازشريف کي هر صورت رليف ملي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.