ٿر جي ويڄ ۽ وينجهار مائي سليمت هاليپوٽو به موڪلائي وئي

تحرير: احسان سنگراسي

هوءَ هڪ اهڙي مسيحا هئي، جيڪا نه ڪنهن ايڪسري، الٽراسائونڊ جي محتاج هئي، نه ڪنهن يو نيورسٽي مان وٽنري شعبي جي سند حاصل هئي، نه ڪنهن ناڙيويٽ ” ويڄ“ وٽ ويهي ڪي نسخا سکيا هئا، بس اهو مسيحائي ، موروثي ورثو سندن چاچي مهراڻ هاليپوٽو  هٿان مليل هوس. ذهانت جي انتها جو پري کان ناچاڪ جانور تي نظر پئي ته مرض جي شناخت، بيماري جا سبب، علاج، سڀ ذهن ۾ نقش ٿي ويندا هئا.

ڏاهپ ۽ شناخت جي دنيا ۾ وڏو نالو رکندڙ ٿر ڄائي ”مائي سليمت هاليپوٽو“ هئي، سندن اباڻو ڳوٺ ٿر جي ننگر پارڪر جي تعلقي تگوسر هاليپوٽو هو. هي ڳوٺ مهمان نوازي علم ادب، ڀٽائي جي پارکوئن سان سڃاتو وڃي ٿو، ڳوٺ جا اڱڻ، اوطاقون، ڊگهن گها ٽن نمن جي وڻن سان گهريل آهن، سيم جي وڻڪاري به هڪل هوڙي سبب اڃان ڪهاڙي جي قهر کان بچيل آهي، اڄ کان پندرهن کن سال اڳ، آرهڙ جي گرمي، مينهونگي مند ۾ منهنجو سائين علي محمد سنڱراسي سان گڏ انهيءَ ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو هو، جيپ جو سفر، ڊرائيور سيکڙاٽ، وروڪڙ واري رستي ۾ جيپ واسينگ وانگر واريءَ جو پيٽ چيريندي رات جو دير ۾ رڙهي وڃي رسي، اڳيان اوطاق تي ويٺل نج سنڌي پوشاڪ ۾ عمر جااڌ ڙوٽ سائين محمد ڪرن هاليپوٽو ۽ سائين محمد طالب هاليپوٽو ۽ ٻيا چند نوجوان نظر آيا ، سائين محمد ڪرن لسانيات ۽ لطيف جي جو وڏو ڄاڻو آهي، سڀ محبتي ماڻهو ڪچهري جاڪوڏيا، پر اسان کي سفر ساڻو ڪري ڇڏيو هو، اڃان به اڳتي سفر ڪرڻو هو. ڪچهري دوران سائين ڪرن هاليپوٽو چيو ته، مونکي اڄ رات پرھ ڦٽي ڀرڀات تائين راقم الحروف ”احسان“ سان ڪچهري ڪرڻي آهي. پر وقت بي رحم ايتري دير هن ڏاهي جي صحبت مان ڪجهھ سکڻ جي اجازت نه ڏني، رات ٺري چڪي هُئي مٿان رمجهم شروع ٿي وئي. اُٿڻ لاءِ دل نه پئي چيو، اسان جي منزل اڃان اڳتي هُئي، بس اهڙي سخنور ساٿ کان هٿ ٻڌي، وري ورڻ جو واعدو ڪري اجازت ورتي سين، پر افسوس !! جو اڄ تائين آئون واعدو وفا ڪري نه سگهيس.

اهڙي سلجهيل سٻاجهڙي ماحول ۾ پلجندڙ مائي مسيحا سليمت هاليپوٽو، هر جانور جي الگ الگ جي بيمارين جي نالن ءِ انهن جي ديسي نسخن کان آگاھ هُئي.ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن شهري پنساري جي اسٽور تي پير رکندي هئي ته پنساري جو ساھ سڪائي، پگهر ڪڍي ڇڏيندي هُئي. حڪمتن جي نسخن ءِ نالن ءِ شناخت ڪمال جي هُئي لڳندو پئي ته ڄڻ ديسي دوائون هن سان ڳالهائينديون هجن.

هُن سڄي حياتي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي مفت ۾ علاج ڪيو ، ايڏي وڏي خدمت سان هرهند واھ واھ هئي، اڄ به هُن جي رحلت جو ٻڌي ٿر سڄو ڏکارو آهي.

حقيقت ۾ جيڪي جڳ ۾ خدمت خلق، ٻين ڪارڻ جيئندا آهن، پوءِ انهيءِ جا حبدار، قدر دان به هزارين هوندا آهن.

شاعر ليکراج ڪشنچند ”عزيز“ چيو ته

جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا

لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.

سنڌ جا ڪيترائي نالي وارا همسوار، اٺن ۽ گهوڙن جا خفتي، پنهنجن وهٽن جي علاج معالج لاءِ هن مسيحائي مائي سليمت جا مهمان ٿيندا هئا. ٿر جي لوڪ ڏاهپ، سگهڙ، سياڻپ جهڙا منفرد ڪردارن واري هي جهوني مسيحا ذري گهٽ هڪ صدي علاج / خدمت ڪندي رهي، وهيءِ ۾ اٺن ۽ گهوڙن جي سواري، حفاظت لاءِ ريوالو رکڻ به سندس شوق هو، شاھ عبداللطيف ڀٿائي سان بي پناھ عقيدت هوندي هيس جو ڪيترائي بيت برزبان ياد هوندا هئا ٿرجي ڪوئل مائي ڀاڳي جي مداح هئي، اجرڪ جو استعمال به هميشه مزاج ۾ رهيو.

اهڙا ڪيترائي ٻيا ڪردار هُن جا هُئا، جيڪي ٻين عام عورتن ۾ ناهن، افسوس جو هيءِ اعلي ڳڻن، واريءِ مائي، ٿرڄائي. مائي سليمت هاليپوٽو هن فاني دنيا کي الوداع چئي هميشه لاءِ آرامي ٿي وئي.

ٿر کي اهڙي سپوٽ ۽ وينجهار، ۽ خداداد صلاحيت واري عورت مائي سليمت هاليپوٽو تي فخر رهندو.

مائي مسيحا سليمت هاليپوٽو، هر جانور جي الگ الگ جي بيمارين جي نالن ءِ انهن جي ديسي نسخن کان آگاھ هُئي.ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن شهري پنساري جي اسٽور تي پير رکندي هئي ته پنساري جو ساھ سڪائي، پگهر ڪڍي ڇڏيندي هُئي. حڪمتن جي نسخن ءِ نالن ءِ شناخت ڪمال جي هُئي لڳندو پئي ته ڄڻ ديسي دوائون هن سان ڳالهائينديون هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.