تعليمي ادارن ۾ غير محفوظ بڻيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون!

سنڌ جا تعليمي ادارا شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مڪمل طور تي غير محفوظ بڻجي ويا آھن، جتي اهي عدم تحفظ جو شڪار آھن، جڏھن ته شاگردن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪيئي ملازم به مقرر ٿيل ھوندا آھن ۽ ان لاءِ لکين رپيا خرچ پڻ ڪيا وڃن ٿا، پر ان جو نتيجو اسان سڀني جي سامھون آھي.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڄ ڏينھن تائين انھن ماڻھن کان پڇاڻو ڇو ناھي ڪيو ويو، جن جي غفلت ۽ غير ذميداري سبب واقعا ٿيندا رھن ٿا، آخر انھن ماڻھن کي ڪنھن جي پٺڀرائي حاصل ھجي ٿي؟ جيڪي مقدس ادارن جو تقدس پائمال ڪندا رھن ٿا.

ھاسٽلن ۾ ڪيئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون رھنديون آھن، جتي ايمرجنسي جي صورت ۾ نه ته علاج ۽ ايمبولينس جي سھولت موجود ھجي ٿي ۽ نه ئي سيڪيورٽي جو ڪو معقول نظام، جنھن سبب سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪيئي ناخوشگوار واقعا رونما ٿي چڪا آھن، جن ۾  ھاسٽل رومن ۾ ڪيئي شاگرياڻين جا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ ايندا رھيا آھن ۽ انھن لاشن کي خودڪشي جو نالو ڏئي لوڙھيو ويندو رھيو آھي.

ويجھڙ ۾ ھمدرد يونيورسٽي جي ھاسٽل مان شھدادڪوٽ واسي امن ڪمار جو سندس ڪمري مان لاش ھٿ آيو ھو، جنھن جو موت اڃان تائين ڳجھارت بڻيل آھي، جڏھن ته سندس وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪيو ھو، پر ھن وقت تائين ان ڪيس بابت ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي، ۽ نه ئي سندس روم پارٽنر کي گرفتار ڪري کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آھي، جيڪو واقعي کان پوءِ ھاسٽل کان فرار ٿي چڪو ھو، وارثن پاران مٿس شڪ ظاھر ڪيو پيو وڃي ته امن ڪمار جي موت ۾ ان جو ڪو نه ڪو ڪردار ضرور آھي. ان واقعي جي ٻئي ڏينھن تي گمس ميڊيڪل ڪاليج جو ھڪ شاگرد ڪشمور واسي ذيشان دايو پڻ بيماري جو وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب  فوت ٿي ويو ھو.

تازو خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال ۾ پڙھندڙ ڏھرڪي واسڻ شاگردياڻي سنيا ڪيسواڻي پراسرار نموني فوت ٿي وئي آھي. ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنيا ڪيسواڻي گرلس ھاسٽل ۾ پنھنجي ڪمري جي ٻاھريان پڙھي رھي ھئي ته اوچتو ڪري پئي، جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين تڙپندي رھي، پر انتظاميه پاران ايمرجنسي لاءِ فرسٽ ايڊ ۽ ايمبولينس جي سھولت نه ھجڻ سبب کيس ساھيڙين رڪشي تي کڻي اسپتال پھتيون، جتي ڊاڪٽرن چڪاس کان پوءِ سندس موت جي تصديق ڪئي.

سندس وارثن جو چوڻ آھي ته سنيا جو موت طبي آھي ۽ اھڙي طرح وارٽن مطابق ذيشان دايو پڻ بيماري ۾ فوت ٿيو ھو، پر ان جي باوجود به تعليمي ادارن جي غير ذميداري ۽ لاپرواھي وائکي ٿئي ٿي، ۽ ڪنھن به طرح انھن کي بري الذمه قرار ڏئي نٿو سگھجي، ڇو ته جتي سوين شاگرد رھندا ھجن، اتي صحت ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا پڻ پيدا ٿيندا آھن. ڪنھن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ انتظاميه کي اڳواٽ جوڳو بندوست ڪرڻ گھرجي ھا. مھذب ملڪن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي، جيڪي ڪنھن امڪاني آفت يا حادثي کي منھن ڏيڻ لاءِ پھريان ئي مناسب بندوبست ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن سبب اتي وڏا حادثا به گھڻو نقصان ڪري ناھن سگھندا ۽ اسان وٽ ننڍا ۽ معمولي حادثا به وڏو نقصان ڏيندا آھن، ڇا ڪاڻ ته وٽ اسان انساني زندگي جو ڪو به  قدر ۽ ملھ ناھي، اسان وٽ ھڪ حادثو ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻئي حادثي جو انتظار ڪيو ويندو آھي، ان کان بچڻ لاءِ احتياطي تدابيرون اختيار ڪرڻ يا ڪجھه سکڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي ويندي.

جيڪڏھن سنيا ڪيسواڻي کي وقت سر اسپتال پھچايو وڃي ھا ته ممڪن ھو سندس زندگي بچي پوي ھا، پر ھن ڀيري ڪنھن سان به ڪا رعايت نه ٿيڻ گھرجي، غير ذميداري ۽ غفلت جو مظاھرو ڪندڙ ماڻھن کان سخت پڇاڻو ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ مستقل طور تي  تعليمي ادارن مان شاگرد ۽ شاگردياڻين جا لاش نڪرڻ وارو سلسلو بند ٿي سگھي .

  • مھانگائي جو ستايل عوام آخر ڪيڏانھن وڃي؟

ملڪ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر مھانگائي جي ستايل عوام مٿان ھڪ ٻيو سرڪاري جبر ڪيو ويو آھي، نه ڄاڻ اھو ستم جو سلسلو اڃان ڪيستائين ھلندو  ۽ ڪڏھن بند به ٿيندو الائي نه۔ جڏھن ته ھاڻ عوام ۾ سھپ جي سگھه مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آھي، ڇا ڪاڻ ته ناقابل برداشت مھانگائي عوام جو رت ست نپوڙي ڇڏيو آھي. خبر موجب بجلي جي اگھه ۾ ٽي رپيا پنج پئسا في يونٽ ۾ واڌارو ڪيو ويو آھي ۽ ان جو نيپرا نوٽيفڪشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي، ياد رھي ته بجلي جي قيمتن ۾ تازو ٿيل اضافو ڊسمبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو.

بجلي جي قيمتن ۾ ٿيندڙ لاڳيتي واڌ سبب ملڪ جو عوام خاص طور تي گھريلو صارفين سخت تڪليف ۾ مبتلا آھن، جن جي آمدني جا ذريعا انتھائي محدود ھجڻ سبب اھي بجلي جا ڳرا بل ڀرڻ کان لاچار آھن، ڇو ته بجلي جو مھانگو ٿيڻ سبب کين رڳو بجلي جا ڳرا بل ڀرڻا نٿا پون، پر ان سان ٻيون به ڪيئي شيون مھانگيون ٿي وينديون آھن، جنھن جو پڻ عوام جي کيسي تي بار پوندو آھي، ملڪ جو عوام جيڪو پنھنجون بنيادي ضرورتون به مشڪل سان پوري ڪري ٿو، اھو مھانگي بجلي جا بل ڪيئن ادا ڪري سگھندو؟ مھانگي جي ماريل عوام تي رحم ڪرڻ گھرجي ۽  نگران حڪومت کي عوام کي رليف ڏيڻ گھرجي ۽ تازو بجلي جي اگھن ۾ ٿيل واڌ وارو عوام دشمن  فيصلو فوري طور تي واپس وٺي  غريب عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.