جوهانسبرگ (م ڊ ) نوبل امن انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي چيو آهي ته طالبان افغانستان ۾ ڇوڪري هجڻ کي غيرقانوني بڻائي ڇڏيو آهي.نيلسن منڊيلا فائونڊيشن جي 21هين اجلاس کي خطاب ڪندي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي چيو ته 2 سال اڳ تائين افغانستان ۾ عورتن ڪم ڪنديون هنيون، وزارتون سنڀاليون هنيون، ڪرڪيٽ ۽ فٽبال کيڏيون ۽ ڇوڪريون اسڪول وينديون هيون. هن چيو ته جيتوڻيڪ سڀ ڪجهه ٺيڪ نه هو پر ترقي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي هئي، پر طالبان جي حڪومت سنڀالڻ سان ئي عورتن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. ملالا يوسفزئي چيو ته طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ افغان ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم کان روڪيو ويو آهي، بيوٽي سيلون بند آهن، عورتون پارڪ ۾ نٿيون وڃي سگهن ۽ عورتن جي سفر تي به پابندي آهي. ملالا يوسفزئي موجب عالمي برادري کي طالبان حڪومت کي نسلي نفرت جو ڏوهي قرار ڏيڻ گهرجي.
 
			