سن(ن ع آ) سن ۾ ايس يو پي جو 13هون جنرل ڪائونسل جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي تي ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جي عهديدار ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . اجلاس ۾ مرڪزي عهديدارن سميت ضلعي جي اڳواڻن پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. سنڌ جي موجود سياسي صورتحال تي پڻ غورويچار ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي اليڪشن ڪميشن چيئرمين روشن علي ڪلهوڙي ايس يو پي جي مرڪزي چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ اڳوڻي باڊي کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. نيئن سر عهدن جي چونڊ جي لاءِ اميدوارن کان فارم وصول ڪرڻ جي لاءِ واڪ ڏنو. ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ۽ سيد زين شاھ جي اڳيان ڪو به عهديدار نه بيهڻ جي ڪري اليڪشن چيئرمين سيد جلال محمود شاھ کي ٻن سالن جي لاءِ پارٽي جو چيئرمين ۽ سيد زين شاھ کي صدر طور بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو. پارٽي جي مرڪزي اليڪشن ڪميشن موجب مرڪزي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۾ سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، نائب صدر امير آزاد پنھور، نائب صدر سيد منير حيدر شاھ، نائب صدر منير احمد نائچ، نائب صدر عارف نياز آرائين، جنرل سيڪريٽري جگديش آھوجا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انعام ڀٽي، جوائنٽ سيڪريٽري رمضان ٻرڙو، اطلاعات سيڪريٽري خواجه نويد امين، ماليات سيڪريٽري مختيار احمد ميمڻ چونڊيا ويا آھن. ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاھ اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته جمهوريت رڳو بيانن مان نه پر عملي قدمن سان ايندي آھي جنھن جو مظاھرو ايس يو پي جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ڏسڻ لاء مليو، هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي 16 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ادارن ڪرپشن کي جنم ڏنو آھي، جنهن جي ڪري خوشحال سنڌ تباهي جي ڌٻڻ ۾ ٻڏي رهي آهي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نگران وزير اعلى اڻ ڌريو ناھي اسان کي وطن دوست ۽ اھل سنڌ جو وزير گھرجي. هن وقت اسان کي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻا پوندا اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪري سمورين ملڪي سرحدن تي نرمي ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي ميگا پروجيڪٽ ذريعي زبردستي بي دخل ڪيو پيو وڃي، بحريا ٽائون خلاف اسان جي پرامن احتجاج کي سازش جو رنگ ڏئي اسان کي جيلن ۾ وڌو ويو، سائين جي ايم سيد پنھنجي وطن سان حقيقي عشق ڪيو، سيد زين شاھ چيو ته اسان ملڪ ۾ انصاف جي نظام جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين ۽ ملڪي آئين کي اھل ۽ ايماندار سياسي قيادت سان گڏجي 1940ع جي قرارداد مطابق ريويو ڪنداسين. سيد زين شاھ اعلان ڪيو ته اسان ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ ايس يو پي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان پيپلزپارٽي جي اميدوار سامهون پنهنجو اميدوار بيهارين اليڪشن ۾ ڀرپور مقابلو ڪندي. ٻئي طرف ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته آئون هن ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سنڌ جي ثقافت امن جي ثقافت آهي،ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد محبت، ڀائيچاري،ايڪي ۽ اتحاد کي عام ڪرڻ ۽ بين الصوبائي هم آهنگي کي ھٿي ڏيڻ آھي، اجلاس ۾ ايس يو پي جي نيئن چونڊجي آيل عهديدارن کي اليڪشن ڪميشن چيئرمين روشن علي ڪلهوڙي حلف پڻ کڻايو جڏهن ته اجلاس کان اڳ ۾ ايس پي صدر سيد زين مرڪزي اڳواڻن سان گڏ مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي سنڌ جي ترقي خوشحالي جي لاءِ دعائون گھريون.