ملڪ تي 76 سالن کان مافيا مڙهيل آهي، جن ادارا تباهه ڪيا: سراج الحق

منصوره )م ڊ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون 50 سيڪڙو  ٽڪيٽون نوجوانن جي هٿ ۾ آهن، اليڪشن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي سان  نه پر  عوام سان اتحاد هوندو.  چونڊن ۾ سمورن سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ نظام تبديل نه ٿو ٿئي، ڏاڙهيون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. هن چيو ته گيس جي قيمتن ۾ 1100 سيڪڙو اضافو، بجلي جا اگهه 200 سيڪڙو، دوائون اگهن ۾ 500 سيڪڙو واڌ، کنڊ، اٽي، گيهه ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه به عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن، 35 لک ٻار غربت سبب اسڪولن کان ٻاهر آهن، سراج الحق چيو ته مافيا گذريل 76 سالن کان ملڪ تي مڙهيل آهن، انهن ادارن کي تباهه ڪيو، قوم کي آءِ ايم جو غلام بڻائي ڇڏيو، غزه ۾ اسرائيلي ظلمن تي آمريڪي خوف سبب حڪمرانن هڪ لفظ به نه چيو.  هن چيو ته چونڊن کان اڳ اسٽيٽسڪو پارٽيون هڪ ٻئي کي هٿي ڏيڻ ۾ مصروف آهن، هي سڀ مفادن جي راند آهي، جنهن جو عوام جي خوشحالي، امن ۽ ترقي سان ڪو به تعلق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.