نيب جو شهرين کي فراڊ کان بچائڻ لاءِ نئين پاليسي آڻڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين هائوسنگ اسڪيمن لاءِ نئين پاليسي آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته هر 10 مان 7 ماڻهو هائوسنگ اسڪيمن جي فراڊ جو شڪار آهن، شهرين کي هائوسنگ اسڪيمن جي فراڊ کان بچائڻ لاءِ نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون، اڄ تائين هائوسنگ اسڪيمن ۾ بلڊر ۽ خريدار جي وچ ۾ ٻه طرفي ٽرانزيڪشن ٿيندي هئي، ٽرانزيڪشن ۾ ريگوليٽر مسنگ هو.
هن چيو ته هائوسنگ اسڪيمن جي نئين پاليسي ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر شامل هوندا، هاڻ بلڊر ۽ خريدار وچ ۾ ٽرانزڪيشن ٻه طرفي نه ٽه طرفي ٿيندي، پهرئين ڏينهن کان ئي بلڊر ۽ خريدار سان گڏ ريگوليٽر به هر ٽرانزڪيشن جو حصو هوندو، سمورا ٽرانزيڪشن بئنڪنگ چينل سان ٿيندي، روڪ ادائيگي جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.