ٽنڊي محمد خان ۾ ثقافتي ميڙاڪا، ”هو جمالو“ تي جهمريون

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ:اويس حيدر شورو)ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي ميرٽ  جي بحالي سنڌ جي خوشحالي واري  اعلان هيٺ خانگي اسڪول ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي وئي،سوين شاگردن ثقافتي لباس سان قومي گيتن تي جهمريون پائي هوجمالو ڳايو  تقريب کي عبدالحفيظ سٺيو،  اسد خواجه۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت پاڪستان جي ثقافت آهي جڏهن ته سنڌ  يونائيٽڊ پارٽي پاران ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ميوزڪل پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ لوگ فنڪارن پاران پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جمهائي ڇڏيو جڏهن ته آل پليدار يونين ، شهري اتحاد ، سول سوسائٽي طرفان پڻ ريليون ڪڍيون ويون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.