ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي فنڪارن صوفي ڪلامن ۽ لوڪ گيتن سان ملڪ، هن ڌرتي ۽ ان جي بهادر اولاد، شهيدن ۽ ابن ڏاڏن کي ڀيٽا پيش ڪئي، سنڌ پوليس کاتي پاران جاري پريس رليز موجب تقريب جي مهمان خاص آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ زندگي ڏني ڇو ته پاڻي زندگي آهي، سنڌي ثقافت دنيا جي قديم ثقافتن مان هڪ آهي، هن چيو ته صوفين جي ڌرتي کي امن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو، ان کي سنڌ جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌي ثقافت کي دنيا جي قديم ترين ڌرتي ۽ ثقافت سمجهيو وڃي ٿو،هن چيو ته اسان کي ٽوپي ۽ اجرڪ جي لڄ رکڻي آهي، اسان کي عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻي آهي، اسان کي ماڻهن کي عزت ڏيڻي آهي ۽ انهن ۾ تحفظ جو احساس اجاگر ڪرڻو آهي،