شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نعري” ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي“ کي ڀرپور موٽ ملي آهي،پريس ڪلب ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي عنوان "ميرٽ جي بحالي ۽ سنڌ جي خوشحالي” جي سري ھيٺ منعقد ڪيل تقريب ۾ شھر جي سماج سڌارڪن شھري اتحاد جي صدر ڪامريڊ وھاب پندراڻي، سن رائيز پبلڪ اسڪول جي چئرمين سنيل ڇاٻڙيا، ايس ٽي پي ضلعي صدر امداد سومرو، ڪائونسلر ڪرم مگسي،ڊاڪٽر مجاھد اعواڻ،ايڊوڪيٽ ياسين جوڻيجو، ايس يو پي اڳواڻ رميز تونيو،صحافي فدا ڀٽي ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته جيستائين ميرٽ جي يقيني بحالي نه ٿيندي تيستائين ڪنهن اھل کي حق ڪونه ملندا،ھنن چيو ته تازو ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي سر عام لتاڙ ڪئي ويئي آهي، جنھن سان ھزارين اھل شاگردن سان ناانصافي ٿي آهي پر انهن سان انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن ميرٽ ٿيندي، ھنن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي وچن ڪيون ته سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام کي روڪي اھل ماڻهن کي اڳتي آڻي خوشحال سنڌ جو خواب ساڀيان ڪري ڏيکاريون
ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ ثقافت جو جشن
ڪراچي: سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڪراچي ڊويزن ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ۾ موجود سنڌين پنهنجي ثقافت سان پيار جو ثبوت ڏيندي روڊن تي نڪري آيا، ٽوپيون، پٽڪا ۽ اجرڪون پائي جهمريون هڻندا پيار ۽ امن جو پيغام ڏيندا رهيا، صدر، شاهراهه فيصل، ڪورنگي، ابراهيم حيدري، گلشن حديد، گلشن اقبال، ملير، لانڍي، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، سهراب ڳوٺ، اورنگي، بلديا، ڪراچي سينٽرل، ڪلفٽن، ڪياماڙي، منهوڙو، سميت ٻين علائقن ۾ ننڍيون ۽ وڏيون تقريبون ڪوٺائي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪندي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت جو وچن ڪيو ويو.