لاڙڪاڻي ۾ قومي عيد،”هن جنم هُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان“گيت تي جذباتي ماحول

لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي۾  عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان ڏنل 3 ڊسمبر تي ثقافتي سڏ ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي سري ھيٺ وڏي شاندار نموني سان ملھايو ويو پورو شھر اجرڪ ۽ ٽوپي ثقافتي  ويسن سان رنڱجي ويو مک تقريب ۾ سياسي سماجي مذھبي ڌرين جي اڳواڻن اڳوڻي صوبائي وزير سھيل انور سيال جي ڀاءُ ۽ پ پ اڳواڻ ٽائون چيئرمين سردار شاھ رخ انور سيال جيئي سنڌ ليڊيز ونگ اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ نصير احمد ڪلھوڙو ڪامريڊ طارق جتوئي مستوئي اتحاد اڳواڻ محمد موسي مستوئي ڪرم سيٺار محمد نواز عمراڻي سميت شاگردن ۽ شھرين ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ثقافتي تقريب دوران نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪيو قومي راڳي ماسٽر حبدار ميراڻي سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميار ۽ جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جھڙا ڪلام ڳائي ماحول مھڪائي ڇڏيو اڳواڻن چيو ته اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ جا شڪرگذار آھيون جنھن سنڌ ڌرتي جي ثقافت جي بحالي ۽ ميرٽ جي بنياد تي ايڪتا سڏ ڏئي ڪروڙين سنڌين کي ھڪ لڙي ۾ پوئي ڇڏيو آھي اسان سنڌ واسي فخر ٿا ڪيون ته ڌرتي ننڌڻڪي ناھي جو ڪو قبضاگير اچي ٽڪرا ڪري سگھي آخر ۾ آيل مھمانن عوامي آواز ميڊيا گروپ لاڙڪاڻي جي اڳواڻن عبدالوحيد ابڙو ۽ حسين بخش ابڙو کي ڪامياب ثقافتي پروگرام ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا ھار پھرايا . هوڏانهن ٻي تقريب ۾ ناليواري راڳي سڄڻ مائري، راجا سمون، شيراز عباسي، نادر لاشاري، عاشق مگسي، لياقت سمون، ظهور شيخ، منظور سمون ۽ ٻين فنڪارن هن جن هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو هجان“، ”سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“، سميت گيت پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.