گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي شھر سميت ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن جا رهواسي ٻارڙا ٻڍا پڪا توڙي نوجوان ثقافتي ويس پهري مٿي تي ٽوپي يا پٽڪو پائي ۽ ڪلھن تي اجرڪ رکي ۽ ڪھاڙيون کڻي گھرن مان نڪري روڊن رستن تي آيا پريس ڪلب گمبٽ جي ميزباني ۾ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي گمبٽ حاجي عبداللطيف شيخ جي اڳواڻي ۾ ڦول باغ کان شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو، ان موقعي تي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي گمبٽ حاجي عبداللطيف شيخ، ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ خان شفقت خان مھيسر، اديب راز علي گل ڀٽو، صدر پريس ڪلب صفدر سھتو ۽ ٻين چيوته اڄوڪو ثقافتي ڏينهن سنڌ واسين لاءِ عيد جهڙو ڏينهن هوندو آهي، ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي پنھنجي ڌرتيءَ کي پاڪ ڪيو وڃي، پريس ڪلب گمبٽ اڳيان صوفياڻي محفل ۾ رانجهن ڀٽي قومي گيت ڳائي حاضرين کي جهومائي ڇڏيو ھوڏانھن مختلف ثقافتي ريليون درگاھ سچل سرمست تي پھتيون
عوامي آواز ڪئمپ تي ننڍي ٻارڙي پاران اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج
ڪراچي: عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڪئمپ تي هڪ ننڍڙي ٻارڙي اسرائيل جي ظلم خلاف آواز اٿاريو، صحافي مشتاق سرڪي جي پٽ ابصار سرڪي اسٽيج تي ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل فلسطين جي ٻارن کي بمن سان نشانو بڻائي رهيو آهي، اهو وڏو ظلم آهي، هن چيو ته پوري دنيا کي مظلوم فلسطينين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، اسرائيل جي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو.