نواب شاهه ۾ لکين ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو، صوفي فقيرن جي پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي شاندار ريلي

 نواب شاهه (ڊ ر)سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل سنڌ جي قومي ثقافتي ڏھاڙي کي ملھائڻ واري اعلان کي سڄي سنڌ سميت نواب شاهه واسين پاران زبردست موٽ ڏني، نواب شاهه ۾ لکين ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو، پريس  ڪلب ٻاهران مک تقريب ٿي گذري جنھن ۾ حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم ڏاھري المعروف مست پروازي ۽ عقيدت مندن، صوفي فقيرن پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي ڇم ڇم جي آواز ۽ دھلن شھنائين جي گونج ۾ بيت التصوب ھائوس سوسائٽي نوابشاهه کان شاندار ريلي ڪڍي رقص ڪندي نواب شاهه پريس ڪلب پھتا، ريلي جي اڳواڻي فقير مشتاق ڪرڌ، فقير آچر، فقير حسين، فقير امتياز ۽ صوفي فنڪار عنايت خاصخيلي، ٻئي طرف جسقم جي سينئر اڳواڻن علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، شعبان ماٽي، فرمان ملاح، طارق سمون جي قيادت ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن ڳاڙھن جھنڊن سان ريلي ڪڍي مک تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ ثقافتي ڏهاڙي کي ڀيٽا پيش ڪئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، شاھنواز ڪيريو، رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ھائوس کان ريلي ڪڍي وئي پ پ  جي انفارميشن سيڪريٽري راشد چانڊيو، ڪائونسلر جاويد قريشي، فنڪشنل ليگ سنڌ جو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري اڪبر گل ڪيريو، يونس بروھي، سماجي تنظيم آل ھيومنز سپورٽ اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران محمد وسيم وڪي، فرزانه، انڊس سوشل ويلفيئر پاران نثار ڪيريو، محمد خان ڪيريو، سنڌي ادبي سنگت شاخ نواب شاھ پاران منور سراج، بخشل باغي، ستار سندر، امداد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏھن ته ٻئي پاسي غير قانوني پرڏيهين کان پاڪ سنڌ کي ڀرپور موٽ ڏيندي ايس يو پي جي مجيب ماڇي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي امتياز ڪيريو، امتياز ڪلھوڙو، اين پي پي اڳواڻ ڪامريڊ علي جان رند، سچوا جي معروف چانڊيو، عمير چانڊيو، پاڪستان زندہ باد مومينٽ پاران زبير قريشي، ملھار مشوري، مجلس قائد اعظم پاڪستان پاران اسد بروھي، سوشل تنظيم جي اڳواڻ سلمان ڪيريو، ايم ايس ايف قوئيسٽ جي عمران جمالي، سرمد بلر، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي خادم ٻگھيو، حيدر لاکو، بروھي ويلفيئر ايسوسيئشن پاران نور بروھي ۽ خليل بروھي، رم جھم دھل شرنائي پاران فقير اياز مڱڻھار، ڀيو اتحاد جي فقير ھدايت الله ڀيو، سولنگي اتحاد، سومرا اتحاد، ڀٽي ويلفيئر ايسوسي ايشن، ڳوٺ محمد ملوڪ رند کان محمد نواز رند، نور خان رند، لال ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جي بابر، رضوان قاضي، رڪشہ يونين پاران جان محمد، ڳوٺ صاحب خان بھراڻي مان بچل بھراڻي، ڳوٺ نواب خان ڀٽي مان مير جان ڀٽي، مجيب الرحمن ڀٽي، ڳوٺ عيسيٰ ڀٽي مان نوجوان ڀٽي اتحاد پاران عامر ڀٽي، عطاءُ الرحمنٰ ڀٽي، پي ايم سي اسپتال پاران تعمير خاصخيلي، سرمد سنڌي ۽ ٻيا مختلف علائقن کان ريليون ڪڍي وئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.