افغانين بابت مولانا فضل الرحمان جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي: محمود خان

ڪوئيٽا (م ڊ ) پشتونخواملي عوامي پارٽي جي سربراهه  محمود خان اچڪزئي چونڊن کان اڳ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي گول ميز ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي اختيار تي سمجهوتو نه ڪنداسين. آئين جي ڳالهه نه ڪئي وئي ته پاڪستان ٻڏي ويندو، پاڪستان کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ميان نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سموريون سياسي پارٽيون پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خان شهيد عبدالصمد خان اچڪزئي جي 50 هين روسي جي موقعي تي ايوب اسٽيڊيم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته  سچ ته اهو آهي 75 سالن ۾ پاڪستان کي هلائڻ وارن پاڪستان کي پاڪستاني قوميت نه ڏني، هڪ ليڊر چئي رهيو آهي ته هو 30 سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي اک جو تارو آهي کيس شرم اچڻ گهرجي. محمود خان چيو ته  مارشل لا خلاف نوڪريون وڃائڻ وارن ججن کي آئين جو هيرو قرار ڏنو وڃي،  سنڌين، بلوچن، پشتونن، سرائيڪين کي سمورن ادارن ۾ حصو ڏنو وڃي. محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته افغانين بابت مولانا فضل الرحمان آرمي چيف سان ملاقات ڪئي آهي، خبر ناهي ڇا ٿيو آهي، اسان کي صبر ڪرڻو پوندو جيستائين مولانا فضل الرحمان ۽ سراج الحق ويهندا ۽ ڳالهيون ڪندا. محمود خان چيو ته ويش بارڊر تي سموريون بازارون چمن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي زمينن تي ٺهيل آهن، هتي پاسپورٽ ڪم نه ٿا ڪري سگهن، ڪراچي جي 8 رستن تي ڪسٽم يا ٻيا ادارا ٽيڪس وصول ڪن ٿا. اسان طورخم، انگور اڊا، بل مل، قمرالدين تي ادا ڪندا آهيون. لاهور يا ڪراچي ۾ رڳو پشتونن کي نشانو بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.  هن چيو ته عمران خان سان اختلاف آهن، هو منهنجو دوست هو پر هن غلط رستو اختيار ڪيو، پاڪستان جا سمورا ادارا دنيا جا طاقتور ادارا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.