بشريٰ بي بي جي گرفتاريءَ جا انتظام مڪمل

لاهور (عوامي آواز نيوز) القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاريءَ  جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته نيب جيڪو  رينفرنس تيار ڪيو آهي، ان ۾ ڪرپشن جي حوالي سان بشريٰ بي ي جا ٺوس ثبوت شامل آهن، جڏهن ته ملڪ رياض، علي رياض زلفي بخاري شهزاد ادا ڪبر، فرح گوگي ۽  بئريسٽر مصطفيٰ نذير کي به پرڏيهه مان گرفتار ڪري وطن آڻڻ بابت انتظام ڪيا پيا وڃن، هر قانوني رستو اختيار ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

صحافيءَ  جي مارچ ۾ چونڊن جي اڳڪٿي تي معذرت

لاهور (عوامي آواز نيوز) چونڊون مارچ ۾ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ تي معذرت ڪيان ٿو، نامياري صحافي حسن ايوب ٽوئيٽ ڪري معذرت ڪئي آهي، نامياري صحافي  گوهر بٽ جوچوڻ آهي ته صحافي حسن ايوب انتهائي باخبر آهي ۽ اسلام اباد ۾ هجڻ سبب اهم حلقن ۾ سندس  واسطا به آهن،  جنهن پنهنجي ذريعن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي هئي پر تازو ٽوئيٽ ڪري هن معذرت ڪرڻ سان گڏ چيو آهي ته چونڊون 8  فيبروري تي ٿي رهيون آهن، صحافي گوهر بٽ موجب  نواز شريف به هاڻي سرگرم ٿي ويو آهي. اليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيو ۽ اميدوارن سان سندن سيٽن تي وڃي هڪ هڪ سان مليو آهي. ان مان به محسوس ٿئي ٿو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.