سنڌ جون زمينون ادارن حوالي ڪرڻ بدنيتي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سنڌين جو  هزارين سالن کان تاريخي مادر وطن آهي ان جي انچ انچ سنڌي قوم جي ملڪيت آهي. سنڌ جو زمينون سنڌي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ بدنيتي آهي،صوبائي نگران سرڪار کي اهو حق نٿو پهچي نه وري ان کي قانوني طور اهو اختيار آهي ته هو ان طرح جا ايڏا وڏا فيصلا ڪري جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مستقبل جو سوال لاڳاپيل هجي. هڪ پاسي سنڌ  اندر رھائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو ٿو وڃي ته وري ٻي پاسي مختلف ميگا پروجيڪٽ جي نالن ۾ سنڌ جي لک جي لڳ ڀڳ ايڪڙ زمينن کي مختلف ادارن کي ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ترقي جي خلاف ناھيون پر ترقي جي نالي ۾ اصل ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ وارو عمل ڪنهن به ريت قبول ناهي. سنڌ اندر ميگا پروجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ مالڪي جي حقن سان مشروط هجڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام احتجاج جو حق رکي ٿو.

نگرانن کي دفاعي اداري کي زمين ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي: جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي

حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي سربراھ رياض علي چانڊيو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اسلم خيرپوري نواز خان زئور ۽ سورھيه سنڌي  پنھجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي وسيلن جي مسلسل ڦرلٽ جي ڪري سنڌ جا ماڻھو غربت واري لڪير کان ھيٺ پيا زندگي گذارين سندن غربت ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين قبضي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي ترقي جي آڙ ۾ ميگا رھائشي اسڪيمون جوڙي ڪراچي ڄامشورو حيدرآباد ۽ ٺٽي جون لکين ايڪڙ زمينون والارجي چڪيون آھن ھڪ دفعو وري لکين ايڪڙ زمين ملڪ جي دفاعي اداري کي ڏئي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڀڙڀانگ ڪيو ٿو وڃي نگرانن جو مذڪوره فيصلو قابل مذمت آھي اھو عمل غير قانوني آهي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته اھا زمين سنڌ واسين ۾ ورھائي وڃي

زرعي ترقي نالي تي سنڌ جي زمين وفاق حوالي ڪرڻ قبول ناهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي، ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ قبول ناهي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري تين وال ڪيا، سڄي سنڌ ۾ بي زمين ھاري خاندانن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 ايڪڙ في خاندان ۾ زمين ورھائي وڃي ته جيئن لکين خاندان پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن،  نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل آھي، جيڪا سنڌ بابت خطرناڪ فيصلا ڪري آھي، نگران حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي، هن چيو ته هڪ طرف بلڊر مافيا ذريعي زمينن تي قبضو ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف مختلف منصوبن جي نالن ۾ لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، ٿر مان اربين روپين جو ڪوئلو نڪتو آھي پر ٿر جي عوام جي ڪا به زندگي تبديل ناھي ٿي.جيڪي منصوبا سنڌ جي عوام لاءِ ناھن، سنڌ  جي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ مالڪي جي حقن سان مشروط ناھن، اھي قبول ناھن.

سنڌ جون زمينون ادارن حوالي ڪرڻ منظور ناهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي ثقافت جون سنڌي قوم کي واڌايون ڏيندي عوامي تحريڪ مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ڌرتي جي وجود ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ به سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهي، سنڌ جي بهادر ماڻهن ارغونن، ترخانن، مغلن، تاتارين، يونانين، انگريزن ۽ ٻين ڌارين حملا آورن سان بهادريءَ ۽ دانائيءَ سان مقابلا ڪري سنڌ ڌرتي بچائي آهي، هن وقت به سنڌ مٿان گهڻ طرفو حملو ٿيو آهي پر امن جمهوري جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام ڪبو، سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌين کان زمينون ڦري سنڌ کي مڪمل طور تي ڌارين جي حوالي ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين زرعي انقلاب جي نالي تي غيرملڪي سرمائيدارن کي ڏني پئي وڃي. 52713 ايڪڙ زمين جوائنٽ وينچر منصوبن جي نالي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪئي پئي وڃي. نگران سرڪار جي اهڙي غير قانوني فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.