بئرسٽر علي گوهر بنا مقابلي پي ٽي آءِ  چيئرمين ٿي ويو

لاهور (م ڊ ) پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بئريسٽر گوهر خان بنا مقابلي تحريڪ انصاف جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي. بئريسٽر گوهر پي  ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، تحريڪ انصاف جي رجسٽرڊ ووٽرن نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو ته عمر ايوب پي ٽي آءِ جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري ڪامياب ٿيو آهي. علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ ڪي پي ۽ ياسمين راشد کي پنجاب جو صدر چونڊيو ويو آهي، چيئرمين چونڊجڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گوهر خان چيو ته هي چيئرمين شپ مون وٽ تاحيات چيئرمين جي امانت آهي، هن چيو ته عمران خان هڪ جدوجهد سبب جيل ۾ آهي، پي ٽي آءِ ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندي، اڌ کان وڌيڪ ليڊر شپ جيلن ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.