چلاس ۾ بس تي فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

چلاس (م ڊ) چلاس ۾ مسافر بس تي فائرنگ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شام جي وقت چلاس جي علائقي هڊور پڙي جي سامهون  گلگت کان پنڊي ويندڙ بس تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، بس سامهون ويندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، واقعي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڊي سي چلاس ڪيپٽن رٽائرڊ عارف احمد پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته بس جي حادثي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جن مان هن وقت تائين پنج ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي آهي، 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا، ڊي سي چلاس موجب مري ويندڙن ۾ فوج جا 2 جوان به شامل آهن، حادثي ۾ جن پنج ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن ۾ عبدالقيوم ولد عبدارئوف ساکن شهدادڪوٽ، نصير حوالدار جو تعلق به سنڌ سان آهي، ڪمال عباس ولد مرزا حسين ساکن نلتر، اورنگزيب ولد صوبيدار ساکن پالس ڪوهستان، مير عالم ولد دائود ساکن هنزه شامل آهن، ڊي سي چلاس عارف موپجب هي بس خصر جي علائقي گاگوچ کان راولپنڊي جي لاءِ روانو ٿي هئي، مسافرن ۾ گوپيز سان تعقل رکندڙ مفتي شير زمان به شامل هو، جيڪو واقعي ۾ زخمي ٿي پيو، ريسڪيو ذريعن موجب مارجي ويلن جو انگ وڌي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.