دشمنن جي ڪنهن به ناپاڪ عزم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته اسان چئلينجز کان چڱي ريت واقف آهيون ۽ قوم جي حمايت  سان پاڪستان جي دشمنن جي ڪنهن به ناپاڪ عزم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج جي هر قسم جي ڏکيائين خلاف پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي. آءِ ايس پي آر طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) بهاولپور ڪور جي زميني مشق جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ خيرپور ٽاميوالي جي دوري ۽ مشق ۾ حصو وٺندڙ جٿن کي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. هن کي زميني مشق بابت بريفنگ ڏني ويئي، جنهن جو مقصد آپريشنل ماحول ۾ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مختلف درجن ۽ جنگ جي ميدان جي طريقيڪار تي پيشيواراڻي مهارت کي وڌائڻ آهي. پاڪ فوج جي سربراهه مختلف شعبن جي مربوط فائر ۽ جنگي مشقن جن ۾ آرمر، ميڪانائزڊ انفنٽري، ارٽلري، ايئر ڊفينس، اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائيل (اي ٽي جي ايم) جيڪو پاڪستان ايئر فورس ۽ ڪمبيٽ ايوي ايشن طرفان مڪمل طور تي سهڪار يافته آهي انهن جو مشاهدو ڪيو. بعد ۾ آرمي چيف مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جٿن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.