لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو صدر آصف زرداري آخرڪار پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ مخدوم جاويد هاشميءَ جي اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ته ” آصف زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي“ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسو عمران خان جي ويجهو هجڻ باوجود پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪيئن موجود آهن، پر هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو ته اها آصف علي زرداريءَ جي سياسي حڪمت عملي هئي جيڪا بظاهر ڪامياب ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ جو چيئرمين ٿي ويو آهي. ان باوجود هن پي ٽي آءِ جي ٽوپي پائڻ يا مفلر ڳچيءَ ۾ وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر ماضيءَ جو جيالو آهي ۽ پ پ ٽڪيٽ تي چونڊ به وڙهي چڪو آهي، اعتزاز احسن وڏي مهارت سان عمران خان جو ۽ لطيف کوسا بشريٰ بي بي جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، جيڪا آصف علي زرداري جي حڪمت عملي هئي، جنهن جو مقصد ن ليگ مخالف پي ٽي آءِ جو ووٽ حاصل ڪرڻ هو. ان ۾ پ پ شريڪ چيئرمين ڪامياب ٿي ويو، هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته لطيف کوسو ۽ اعتزاز احسن کي هدف مليل هو جيڪو هنن حاصل ڪري ورتو آهي. ڇو ته شير افضل مروت به ماضيءَ ۾ جيالو رهيو آهي.