غزا تي اسرائيلي جارحيت سبب 240 ڄڻا شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ 7 ڏينهن جي عارضي جنگ بندي کانپوءِ اسرائيلي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر بربريت جو مظاهرو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل  خطي ۾ جنگ جو دائرو وڌائيندي شام جي راڄڌاني دمشق جي آس پاس ۽ لبنان جي سرحد تي به حملا ڪيا ويا آهن. شام جي سرزمين تي اسرائيلي حملن تي ردعمل ڏيندي روس جو چوڻ آهي ته دمشق تي اسرائيلي حملو شام جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. اسرائيلي فورسز طرفان لبنان جي سرحد تي به فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 3 لبناني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اسرائيلي حملن جو جوابي ڪارروائي ڪندي حزب الله به هڪ ڪلاڪ ۾ اسرائيل تي 5 حملا ڪيا. غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ صحافين سميت 240 ڄڻا شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. خان يونس ۽ رفح سميت مختلف علائقن ۾ 200 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري ڪرڻ کان علاوا اسرائيل رفح ذريعي فلسطينين جي امداد به بند ڪري ڇڏي. غزا تي اسرائيلي حملن جي جواب ۾، حماس پڻ اسرائيلي شهرن تي جوابي راڪيٽ حملا شروع ڪيا آهن، جنهن سبب تل ابيب ۾ سائرن پڻ وڄايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.