پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي سرڪار وساري ڇڏيو، سکر ۾ احتجاج کي ٻه مهينا مڪمل

سکر (رپورٽر)  سکر ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ اصغر منڱريو سميت مغوين جي آزادي لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ کي 60 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، سنڌ حڪومت ۽ انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪو به اڳواڻ نه پهتو، ڊاڪٽر نذير کوکر   جي اڳواڻي ۾ راڻيپور کان احتجاجي مارچ بعد سکر پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري پريا ڪماري رھائي ڪميٽي جي پليٽ فارم تان معصوم نياڻي پريا ڪماري، علي اصغر مڱريو، علي حسن ميمڻ سميت سنڌ مان اغوا ٿيل سمورن مغوين جي آزادي لاءِ ڏينھن رات جاري  احتجاج کي 60هين به جاري رکيو، احتجاج ۾ شامل  ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلاول، محمد اعظم مڱريو، جاويد سولنگي زاهد منڱريو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته سکر ۾ 60 ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ مختلف ضلعن جي پوليس اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ ڪي به اپاءُ نه وٺي اهو ثابت ڪيو آهي ته ان کي مظلوم عدم تحفظ جي شڪار عوام جي ڳڻتي ناهي، سنڌ ۾ قبائلي دهشتگردي هر روز ڦرلٽ، چوري ۽ اغوا جي وارداتن سبب اڳ ئي سنڌ جا ماڻهو سخت مونجهارن ۽ پريشانين جا شڪار آهن پر نگران وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي جيڪو سنڌ جي عوام سان وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي، اسان جي احتجاج کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.