ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو ٻيهر آئوٽ ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو ٻيهر  ورتل پرچو به مبينا طور آئوٽ ٿي ويو، سنڌ جي 41 هزار شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو،  يم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف ڊائو يونيورسٽي جي ٻاهران احتجاج ڪيو، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ميڊيڪل ڪالجز ۾ داخلائن جي لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ تي ڪجهه ڏينهن بعد ٻيهر ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ 41 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي هئي، ذريعن موجب ٻيهر ورتل ٽيسٽ جو پرچو به آئوٽ ٿي ويو، رپورٽ موجب ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف ڊائو يونيورسٽي ٻاهران احتجاج ڪيو، شاگردن جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم کي ثبوتن سان گڏ درخواست ڏني آهي، پهرين ٽيسٽ وٺندڙ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا خلاف به پرچو ليڪ ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊائو يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر سعيد قريشي شاگردن جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو آئوٽ ناهي ٿيو، هن چيو ته پي ايم ڊي سي ميڊيا تي بيان ڏيڻ کان منع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.