جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجي عوام کي شعور ڏنو:اديب/دانشور

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ تعليم دانن چيو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ مزاحمت شامل آهي، جي  ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ ٻين عوام کي ظلم خلاف شعور ڏنو، اهڙو اظهار هنن ڪالهه عالمي اردو ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان و ادب ڪي مشاھير جي عنوان ھيٺ سيشن ۾ ڪيو ويو، سينيئر صحافي ناز سھتو چيو ته  جي ايم سيد جو ادب ۽ تاريخ ۾ اھم ڪردار آھي،  ھن 1920 يا 30 ۾ سن ۾ اسڪول کوليو، هن چيو ته  جنهن زماني ۾ جاگيرن تي جھيڙا پي ٿيا ته ان زماني ۾ جي ايم سيد سنڌ يونيورسٽي جي اسڪيم آندي، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽائي ڪلچرل سينٽر سميت ٻيا ادارا آندا، هن چيو ته سيد  ادب زندگي لاءِ واري سوچ تي يقين رکندڙ ھو، مھاڻن تي ۽ ڀاڳين تي ريسرچ وارو ڪم ٿيو، هن چيو ته 50/1940 تائين شاھ لطيف اسان وٽ پير ھو، سيد پھريون ڀيرو اھا ڳالهه ڪئي ته شاھ ڀٽائي حب الوطني جو پيغام ڏنو آھي،  1960 ع کان اڳ جي ايم سيد سنڌ جي ثقافت تي ڪتاب لکيو، ھاڻي جي رچ سنڌ ۾ سيد جو وڏو ڪردار هو.  اديب شاھ محمد پيرزادو چيو ته  ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ڪيترين ئي خوبين مان سياسي ورڪر ھجڻ ھڪ اھم ڪردار ھو، جي ايم سيد کيس انقلابي ۽ حساس سياسي ورڪر طور لکيو آھي، شيخ اياز جي ڇاپ  سنڌي ادب تان ناھي لٿي، ون يونٽ کي لاڳو ڪرڻ وقت اسٽبليشمينٽ  ھڪ ايڊوينچر ڪيو جنهن ۾ کيس ناڪامي ملي هن چيو ته  ھتي انقلابي، جمهوري توڙي قومي ڌرين سميت سڀني کي اياز جي شاعري جي مدد وٺڻي پوندي آھي سنڌي شاعري تي شاهه عڀدالطيف ڀٽائي کانپوء شيخ اياز جي شاعري جي ڇاپ آھي. سياسي سماجي اڳواڻ مھتاب اڪبر راشدي چيو ته پير حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي مدرسي مان فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙھندا ھئا پر اتي ئي ويجھي ريلوي اسٽيشن جي اسٽيشن  ماستر کان انگريزي سکي ھئي. مهتاب اڪبر راشدي حميده کھڙو تي ڳالهائيندي چيو ته حميده کھڙو جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي ھوءَ ڪامياب سياستدان نه ھئي پر ھو 2 ڀيرا سنڌ جي تعليم واري وزير رھي، هن چيو ته   هن جو تعلق ادب سان هو، هن پنهنجي جدوجهد سان پاڻ مڃايو  هن چيو ته حميده کهڙو جو والد ايوب کھڙو ون يونٽ جي ڪري تڪراري بڻيو ته ھن جا سٺا ڪم به نظرانداز ٿي ويا جنهن تي حميدا کھڙو ڪتاب لکيو،جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ اديب امجد سراج ميمڻ چيو ته عثمان ڏيپلائي بھترين صحافي ۽ ناول نگار ھو،  گل حسن ڪلمتي جو جيڪو تاريخ تي ڪم ھو انھي جا ٽي ڪتاب مون انگريزي ۾ ترجمو ڪيا آهن سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي لکڻ لاءِ وقت لڳو پر ڪلمتي اتي به ويو جتي ناخندا به وڃڻ کان لنوائيندا ھئا، هن چيو ته گل حسن جو  ڪراچي جي لاءِ لکيل ڪتاب تاريخ جو حصو آھي. دانشور جامي چانڊيو چيو ته  رسول بخش پليجو جا ڪيترائي پاسا آهن،  جديد سنڌ جو فڪري معمار رسول بخش پليجو آھي، ھو مارڪسي فڪر سان تعلق رکندڙ ترقي پسند اديب ھو، هن چيو ته  بطور نقاد ۽ اديب جڏهن سنڌ جي سماج ۾ شعور پاسو ورايو 60 جي ڏھاڪي ۾ سائين جي ايم سيد کي فڪر جي حوالي سان ۽ شيخ اياز کي ادب جي حوالي سان نشانو بڻايو ويو،  ان وقت پليجي شيخ اياز جي حق ۾ ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ لکيو ھو.  ليکڪ  نورالھدي  شاھ  چيو ته ڪنهن به ٻولي کي زنده رکڻ ڪمال آھي پر انھي ٻولي ڳالهائيندڙن کي جاڳائي رکڻ وڏي ڪمال جي ڳالھ آھي، هن چيو ته  جن اسڪول ٽيچرز سراج الحق ميمڻ جھڙا ماڻهو ڏنا اھي استاد ڇا ھوندا؟ 1947 ع کانپوءِ سنڌ جي تاريخ کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ شاگردن کي ڪوڙي تاريخ پڙھائي وئي، اصل ھيروز کي دٻايو ويو  اديب ڊاڪٽر ايوب شيخ  چيو ته مرزا قليچ بيگ ايسٽ ۽ ويسٽ جي تھذيب کي ملايو، ھن زينت ناول کان اڳ شيڪسپيئر جي ڊرامي تي ڪم ڪيو، علمي وسعتن کي تبديل ڪرڻو پوندو، ڊي جي ڪاليج مان 7 وزيراعظم نڪتا ھزارين ڪميشن پاس آفيسر نڪتا آھن مظهر جميل چيو ته  جديد سنڌي ادب جي تقريبن سو ڏيڍ سو سال پراڻي تاريخ آھي ايتري ئي تاريخ جديد اردو ادب جي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.