تحريڪ انصاف جو نگران چيئرمين، سياسي اڳواڻ بدران ھڪ وڪيل ڇو ؟

تحرير: ثنا آصف ڊار

”مان عمران خان جو نامزد ڪيل  آھيان ۽ ھن جي واپسي تائين سندس جانشين رھندس“.اهڙو اعلان 29 نومبر  جي ٽپھري تي تحريڪ انصاف جي نامزد چيئرمين بئريسٽر گوهر ان وقت ڪيو جڏھن سينيٽر علي ظفر ھن جو پي ٽي آءِ چيئرمين طور نامزدگي جو اعلان ڪيو.

اھا ھلندڙ  سال آگسٽ جي ڳالھه آھي جڏھن  تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ گڏيل  طور تي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو هو ته عمران خان تاحيات پارٽي چيئرمين رهندو.ان وقت عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ قيد ٿئي هڪ هفتو به نه گذريو هو ۽ سندس غيرموجودگيءَ ۾ پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي پارٽيءَ جي واڳ سنڀالڻ ۾ مصروف هو. پر پوءِ صورتحال بدلجي وئي ۽ شاهه محمود قريشي به جيل جي جي ديوارن پٺيان قيد ڪيو ويو

.بئريسٽر گوهر جي نامزدگي کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڪهڙي حڪمت عملي تحت هڪ پارٽي اڳواڻ کي ايترو وڏو عهدو ڏنو ويو، جنهن کي سياست جي ميدان ۾ گهٽ شھرت آھي. عمران خان جي اھڙي  فيصلي سان تحريڪ انصاف جي اندروني سياست تي ڪهڙا اثر پوندا ؟ڀلا ڪنھن سياسي شخصيت بدران وڪيل ڇو؟

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هن وقت راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ سندس اقتدار ۾ ھن سان گڏ رھندڙ ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن  9 مئي جي واقعي کانپوءِ يا ته تحريڪ انصاف کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي ويا آھن يا وري جيل ۾ واڙجي ويا آھن.ڪجھھ اھڙا بھ آھن جيڪي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان روپوش ٿي ويا آهن ۽ ٿورا اھڙا بھ آھن جيڪي سياست ئي ڇڏي ويا آهن.

اهڙي صورتحال ۾  اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم ”عمران خان سان صلاح مشوري“ کانپوءِ نه رڳو 2 ڊسمبر تي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، بلڪھ نئين چيئرمين جي نامزدگيءَ  بھ ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف موجب انهن سمورن قدمن جو مقصد مستقبل ۾ قانوني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي چونڊ نشان “بيٽ“ کي محفوظ بڻائڻ آهي.

عمران خان پاران ڪنھن  سياسي شخصيت کي نگران چيئرمين جي عھدي جي لاءِ ڇو نه چونڊيو ويو آهي؟ ۽ موجوده صورتحال ۾ تحريڪ انصاف ۾ اهم عهدن تي رڳو وڪيل ئي ڇو نظر اچن رھيا  آھن ؟ صحافي ۽ اينڪر عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان خود تحريڪ انصاف اندر به سوال اٿاريا پيا وڃن.عاصمه شيرازي چيو  ته پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي آهي ۽ اڃا تائين ھن کي سزا بھ  مليل نھ آهي، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي کي به اڃا تائين ڪنهن به ڪيس ۾ سزا ناهي ملي، پارٽي کي فعال جماعت بڻائڻ جي ۽ مضبوط چيئرمين کي ان  جاءِ تي مقرر ڪجي ھا جنھن جو جماعت سان پراڻو تعلق ھجي ھا، پر ائين نھ ڪيو ويو.

تجزيه  نگار عارفه نور جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي هن وقت ڪيتريون ئي قانوني رڪاوٽون آهن ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪنهن سياستدان کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ بظاهر پارٽي کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهڻ آھي. جڏهن ته ان جي برعڪس ھڪ قانوندان کي ان پوزيشن تي ھجڻ  سان ان جو خطرو گھٽجي سگھي ٿو.

سينيئر صحافي سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر ڪافي مشھور آھي. هن 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهي. جيتوڻيڪ ان وقت عدليه جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ بھ هلي رهي هئي ۽ هو ماضي قريب ۾، پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو  آھي. هن چيو ته ان صورتحال ۾ ”قدرتي چونڊ“ شاهه محمود يا پرويز الاهي جي ٿيڻ گهرجي ها ته اسٽيبلشمينٽ سان رستو کولڻ ۾ آساني ٿئي ها.

سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته ”وڪيل اسٽينڊ وٺن ٿا، هڪ موقف تي اصرار ڪن ٿا، پر اها ’خوبي‘ ۽ چونڊن ۾ کٽڻ ٻه الڳ شيون آهن“ اهي توهان جي نمائندگي تھ ڪندا، پر اهو خيال آهي ته وڪيل توهان کي اليڪشن کٽرائيندا،اھو دل کي خوش ڪرڻ جو خيال آھي.جنهن وڪيل جو حلقي ۾ اثر رسوخ هوندو اهو ئي کٽندو“

ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ وڪيل کي جيڪڏهن ڏسون ته حڪومت جي حمايت نه هئڻ باوجود مخالف ڌر به ساڻن گڏ ٿي وڃي ٿي. عدالتون به عام طور تي قانوني برادريءَ جي حق ۾ هونديون آهن ۽ وڪيل عام طور تي اسٽيبلشمينٽ جي گهڻي دٻاءُ هيٺ پڻ نه ايندا آهن. ان ڪري تحريڪ انصاف طرفان وڪيلن کي استعمال ڪرڻ کي ڍال سمجهيو پيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن موجب عمران خان جي جاءِ تي نئين چيئرمين جي مقرري عارضي فيصلو آهي.پي ٽي آءِ جي نامزد چيئرمين بئريسٽر گوهر خان، عمران خان جي قانوني ٽيم جو اهم ميمبر آهي، هو سمورا قانوني معاملا سنڀالڻ جو ذميوار ۽ قانوني معاملن تي پارٽي جو فوڪل پرسن پڻ آهي.ٻئي طرف عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت مسلسل قيد ۾ آھي.

جماعت جي اندر  انتظامي معاملن ۾ بھ بي ترتيبي واري صورتحال آهي. اهڙي صورتحال ۾ بئريسٽر گوهر، جنهن جي پارٽيءَ سان وابستگي جو عرصو چند سالن کان وڌيڪ نه آهي، اهو ڪيئن پارٽيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلي سگھند و۽ فيصلا ڪري ۽ پنهنجي ڳالهه قبول ڪرائي سگھندو ؟ان حوالي سان جڏهن پڇيو ويو ته عاصمه شيرازي چيو ته هن وقت تحريڪ انصاف اندر ڪيترا آواز اٿن پيا،  هڪ خبر ڏئي ٿو، ٻيو ترديد ڪري ٿو ۽ ٽيون  وضاحت جاري ڪري ٿو. تنهنڪري اھا ھڪ افراتفري جي حالت آهي.ٿيڻ  ائين گهرجي ها ته موجوده صورتحال ۾ ڪنھن مضبوط شخصيت کي اڳيان آندو وڃي ها جيڪو پارٽي جا معاملا اڳتي وڌائي يا فيصلا ڪري ھا. ھڪ ڪائونسل بھ ٿي سگھي پئي. گهٽ ۾ گهٽ ڪا اهڙي شخصيت هجي ها، جنهن کي هرڪو ٻڌي ها ۽ مڃي ھا. هن وقت لڳي ٿو ته ان نامزدگي کانپوءِ پارٽي اندر ورهاست اڃا به وڌي ويندي.

اسان تجزيه نگارن کان سوال ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت هن وقت قيد آهي ۽ ان جي جماعت جنھن بد نظمي جو شڪار آھي تھ ڇا ماضيءَ ۾ به اهڙا مثال موجود آهن ۽ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪتا ھئا ؟ان سوال جي جواب ۾ سهيل وڙائچ چيو  ته پاڪستان جي سياست ۾ ان قسم جي صورتحال ماضي ۾ به وڏين سياسي پارٽين سان رھي آهي.جڏھن جنرل پرويز مشرف جو دور ھو تڏھن  پيپلز پارٽيءَ به اهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ان وقت مخدوم امين فهيم کي اڳتي آندو ويو. اهو ئي تجربو مسلم ليگ ن ۾ به ٿيو. سياسي پارٽيون مختلف وقتن تي اهڙا تجربا ڪنديون رهيون آهن.

ساڳئي سوال تي عاصمه شيرازي جو چوڻ ھو تھ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي هٽايو ويو ته ان جي جاءِ تي سندس هڪ ڪارڪن پرويز رشيد کي چيئرمين بڻايو ويو، پر هو سياسي دٻاءُ جو بار برداشت نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو کي چيئرمين مقرر ٿيڻو پيو هو.

"جڏهن  پارٽيون مضبوط هونديون آهن ۽ فيصلا ڪرڻ واري طاقت هيٺان هوندي آهي، شيون مختلف هونديون آهن.”هن چيو ته عمران خان کي گهڻي وقت کان خبر هئي ته هن سان اهو ئي ٿيڻو آهي، ان ڪري سندس پارٽي ورهائجي وئي آهي، ان لاءِ اهو وڏو امتحان هوندو ته سندس پارٽي چونڊن ۾ ڪيئن رهندي ۽ تحريڪ انصاف هڪ پارٽي جي حيثيت سان ڪيئن اڳتي وڌندي، اهڙي صورتحال ۾ سندن پارٽيءَ لاءِ اهو امتحان ئي امتحان  نظر اچي رهيو آهي.

 

تجزيه  نگار عارفه نور جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي هن وقت ڪيتريون ئي قانوني رڪاوٽون آهن ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪنهن سياستدان کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ بظاهر پارٽي کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهڻ آھي. جڏهن ته ان جي برعڪس ھڪ قانوندان کي ان پوزيشن تي ھجڻ  سان ان جو خطرو گھٽجي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.