عمارتن ۾ لڳندڙ باهه جي واقعن کي ڪيئن روڪجي؟

تحرير: عظيم ھڪڙو

ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي هڪ پلازا ۾ اوچتو باهه لڳي، جنھن ۾ يارنهن ماڻهو مري ويا ڇاڪاڻ ته پلازا ۾ ايمرجنسي دروازو ، باهه وسائڻ وارو سامان  ۽ الارم سسٽم نصب نه هئا. جيڪڏهن پلازا ۾اڳواٽ ئي حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ها ته گهٽ زندگيون ضايع ٿين ها.ڪي ايم سي جي فائر برگيڊ عملي پاران جاري ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب شاپنگ مال ۾ ڪو ايمرجنسي دروازو  نه هو ۽ نه ئي سيڪيورٽي جا انتظام هئا. اهڙي ڪنهن حادثي يا واقعي جي صورت ۾ بجلي جو ڪو به متبادل بندوبست نه هو ۽ نه ئي حفاظتي رستن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِ روشني جو ڪو بندوبست هو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مارجي ويل 11 ماڻهو باهه لڳڻ نه پر دونهين سبب دم گھٽجڻ ڪري فوت ٿيا. ڪراچي ۾ اھڙيون بيشمار غيرقانوني عمارتون آهن، جن جي ڊيزائن ۽ تعمير جي منظوري کان وٺي مڪمل ٿيڻ تائين ڪا به قانوني گهرج پوري طريقي سان ناهي ڪئي ويندي ۽ انهن پلازن ۾ حفاظتي اپاءَ جو به خيال نه رکيو ويندو آهي، جنهن ڪري اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي ٽن وڏن روڊن تي واقع سمورن هاءِ رائزز جي ”فائر سيڪيورٽي آڊٽ“ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آھي جيڪو ھڪ سٺو قدم آھي. ان سلسلي ۾ انسپيڪشن ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي 15 ڏينهن اندر ڪراچي جي سمورن وڏن عمارتن جو آڊٽ ڪنديون. ٽيم جي ذميواري ھوندي ته فائر سيفٽي جي بندوبست جو جائزو وٺڻ بشمول ايگزٽ ۽ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا ؛ بنيادي باهه جي حفاظت جو سامان جنهن ۾ سموڪ ڍٽيڪٽر ، فائر واچ گارڊ، باهه وسائڻ وارو سامان وغيره. اليڪٽرڪ وائرنگ ۽ بجليءَ جي سامان جي عام حالت، بجلي جا ميٽر بشمول سوئچز، پلگ، وغيره تي حڪومت کي سفارشون پيش ڪندي.

ڪراچي شهر جتي اڪثر عمارتن ۾ فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي مئنيجمينٽ سسٽم نه هجڻ ڪري حادثن جي سنگين خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. تازو تعميراتي ماهرن ڪراچي ۾ هڪ سمپوزيم دوران هنن نشاندهي ڪئي ته شهر ۾ 90 سيڪڙو رهائشي، صنعتي ۽ ڪمرشل عمارتون باهه ۽ ٻين خطرن جو شڪار ٿي سگھن ٿيون. تازو واقعو ڪو اڪيلائيءَ وارو نه آهي، پر بار بار پيدا ٿيندڙ مسئلي جو عڪاسي آهي، جنهن کي اختيارين طرفان ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. جاچ ۽ ڪارروائي جي واعدن جي باوجود حالتون جيئن جو تيئن آھن.باهه کان حفاظت هڪ تمام اهم مسئلو آهي، خاص طور تي وڏين عمارتن جهڙوڪ پلازا جتي ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪن ٿا، دڪانداري يا رھائش ڪن ٿا. باهه کي روڪڻ، ڍٽيڪٽ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏو گڏ ماڻهن ۽ ملڪيت جي حفاظت لاءِ، پلازا ۾ مختلف قسم جا فائر سيفٽي سامان گهربل ھوندا آهن. انهن مان هڪ باهه وسائڻ وارو آهي، جيڪو سڄي پلازا ۾ آساني سان پهچندڙ هنڌن تي رکيل هجڻ کپي. گھربل باهه وسائڻ وارن جو تعداد پلازا جي سائيز تي منحصر آھي، پر ھڪڙو عام اصول اھو آھي ته محفوظ عمارت جي ايراضيءَ جي ھر 3,000 چورس فوٽن لاءِ ھڪڙو وسائڻ وارو سامان ھئڻ گھرجي. ٻيا فائر فائٽنگ سامان، جهڙوڪ اسپريلر سسٽم، فائر ڪمبل، سموڪ جو الارم، ايمرجنسي لائٽنگ، فائر سپريشن سسٽم ۽ فائر الارم، پڻ نصب ھجن۽ باقاعده ورڪنگ حالت ۾ ھجڻ گهرجن.

ان کانسواءِ هڪ جامع ايمرجنسي رسپانس پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي، جنهن ۾ مخصوص نڪرڻ جون هدايتون شامل هجن، جهڙوڪ عمارت کان ٻاهر نڪرڻ جا بهترين رستا يا محفوظ ھڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ. سڀني ملازمن کي هنگامي جوابي منصوبي تي تربيت ڏني وڃي ۽ باهه يا حادثي جي صورت ۾ انهن جي ڪردار ۽ ذميوارين کي ڄاڻڻ گهرجي. باھ جي حفاظت لاءِ معمولي معائنن ۽ مشقن کي يقيني بڻائڻ گھرجي ته سڀئي فائر فائٽنگ سامان سٺي ڪم ڪندڙ حالت ۾ آھن ۽ ملازمن کي ايمرجنسي ريسپانس پلان کان واقف ھجن.

سمورن صوبن کي گهرجي ته ڪنهن به ننڍي يا وڏي حادثي کي روڪڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب انتظامن لاءِ موثر قدم کڻن. خاص ڪري ڪراچي ۾، جتي ڪيترائي ماڻهو پلازن ۾ رهن ٿا ۽ ڪمرشل گهڻ ماڙ عمارتون آهن، انهن اڏاوتن جي حفاظت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن حفاظتي عمل جي تعميل نه ڪئي وڃي ته پلازا انتظاميا سنگين نتيجن کي منهن ڏئي سگهن، جن ۾ ڏنڊ، قانوني ڪارروائي، ۽ بندش به شامل ھجي. تنهن ڪري، اهو ضروري آهي ته فائر سيفٽي کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ته جيئن باهه جي صورت ۾ جان ۽ مال جي نقصان کي روڪي سگھجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.