بلوچ مسنگ پرسنس جو ڪيس ۽ عدالتي حڪم

تحرير: نثار لغاري

ڪجهه عرصي کان بلوچستان ۾ گم ڪيل ماڻھن جو ڪيس شدت اختيار ڪري ويو آھي خاص طرح جڏھن پنجاهه بلوچ شاگردن جيڪي اسلام آباد ۾ پڙھندا هئا انهن کي گم ڪيو ويو. آھستي آهستي بلوچ ماڻھن جي جدوجهد سبب رياستي ادارا به تحرڪ ۾ آيا آھن. سپريم ڪورٽ طرفان نوٽيس ورتو ويو عالمي ميڊيا ۾ به ھي ڪيس زور وٺي رهيو آھي انڪري مجبورن هنن حاڪمن کي به ڪجهه ڏيکارڻو پئجي رهيو آھي

هن سموري صورتحال مان هڪ ٻي ڳالهه به ثابت ٿي رهي آھي ته حڪمران بلوچن مان هاڻ تنگ ٿي چڪا آھن هاڻ ھو اهو ڏسي رهيا آھن ته جبر تي جيترو هنن کي هلائي سگهجي ٿو هلائجي  ڇو ته هاڻ ملڪي ادارا بظاهر دانهون ڪري رهيا آھن ته توهان هي ڇا ڪري رهيا آھيو هي رپورٽ ان جو ثبوت آھي

ٻاويهه لاپتا بلوچ شاگرد لڀي ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو باقي 28 جي ڳولا جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو معاملن جي نگران وزير سرفراز بگٽيءَ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڳولي لڌل 22 بلوچ شاگردن جي ماءُ پيءُ سان ملاقات کان پوءِ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.

جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ اربع ڏينهن بلوچ شاگردن کي ڳولي لهڻ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ان موقعي تي لاپتا ٿيل شاگردن جي ڪٽنبن ۽ درخواست ڏيندڙ ايڊوڪيٽ ايمان مزاري به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئي.عدالت جي حڪم جي پوئواري ڪندي، گهرو معاملن وارو نگران وزير سرفراز بگٽي عدالت ۾ پيش ٿيو. هاءِ ڪورٽ نگران وزير اعظم کي به ذاتي حيثيت ۾ گهرايو هو، پر اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هو ملڪ کان ٻاهر آهي.

ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 22 بلوچن کي ڳولي لڌو ويو آهي ۽ اهي گهر پهچي چڪا آهن، جڏهن ته 28 شاگردن جي سڃاڻپ ڪارڊن جا تفصيل نه هئڻ جي ڪري اهي اڃان تائين لاپتا آهن.ان تي، درخواست ڪندڙ ايمان مزاريءَ چيو ته ”مان اڃان چيڪ ڪنديس، جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اُهي ملي چڪا آهن“.جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ چيو ته آرٽيڪل 4 جي مطابق، حڪومت جي ذميواري آهي ته گم ٿيل شهرين کي ڳوليو وڃي. اهو بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پاڪستان ۾ مختلف تعليمي ادارن مان بلوچ شاگردن جي زوريءَ گمشدگين ۽ ٻين الزامن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ پوئين سال هڪ ڪميشن ٺاهي وئي هئي جنهن هلندڙ سال فيبروريءَ ۾ پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي هئي. پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ڪميشن چيو هو ته سيڪيورٽي ايجنسين جي طرفان ترديد جي باوجود ان ڳالهه جون زباني ۽ لکت ۾ شاهديون موجود آهن ته قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادارا ۽ ڳجهيون ايجنسيون بلوچ شاگردن کي لاپتا ڪرڻ ۾ ملوث آهن.

اربع تي ٻڌڻيءَ جي دوران، جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ اٽارني جنرل کان پڇا ڪئي ته ڇا سمورا لاپتا نوجوان يونيورسٽين جا شاگرد آهن؟ ڇا اُهي پاڪستاني شهري ناهن؟ سمورو الزام سيڪيورٽي ايجنسين تي لڳي رهيو آهي.جسٽس ڪيانيءَ چيو ته ڪميشن جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي ظاهر ٿئي ٿو ته ’’ملڪ ۾ ڪو ’لا اينڊ آرڊر‘ ڪونهي، جنهن کي جيڪو وڻي ٿو اُهو ڪري ٿو“. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ وفاقي ڪابينا جي آڏو پيش ٿي هئي، جنهن تي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن کي هيءُ معاملو موڪليو ويو هو. ڪميشن کي حڪم هيو ته کنيل ايڪشن متعلق تجويزون ڏئي.

نگران وزير روسٽرم تي ٻڌڻيءَ دوران گهرو معاملن جو وزير سرفراز بگٽي روسٽرم تي آيو ته جسٽس ڪيانيءَ کيس چيو ته جيڪڏهن لاپتا فرد ڳولي نه لڌا ويا ته توهان ۽ وزير اعظم جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو، ۽ بچاءَ واري ۽ گهرو معاملن واري کاتن جا سيڪريٽري ذميوار هوندا.

جسٽس ڪيانيءَ گهرو معاملن جي وزير کان پڇيو ته ’’متاثر ڪٽنبن سان گڏجاڻي ڪرڻ ۾ توهان کي گهڻو وقت لڳندو؟“ ان تي سرفراز بگٽيءَ چيو ته ”ٻن ڏينهن ۾ ملي وٺندس. کين مانيءَ تي سڏائيندس“.

عدالت کيس هدايت ڪئي ته ٻه هفتن ۾ متاثر بلوچ خاندانن سان ملي ۽ جيڪي بلوچستان ۾ آهن انهن سان اتي وڃي ملاقات ڪري، ۽ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 جنوري 2024 تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي  پر ٻئي طرف عوامي جدوجهد تيز ٿيندي پئي وڃي ان ۾ خاص طرح عورتن جي شرڪت وڏي پئماني تي وڌي رهي آھي  گم ٿيل ماڻھن جي تحريڪ هاڻ عوامي هلچل ۾ بدلجي رهي آھي

ٻاويهه لاپتا بلوچ شاگرد لڀي ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو باقي 28 جي ڳولا جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو معاملن جي نگران وزير سرفراز بگٽيءَ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڳولي لڌل 22 بلوچ شاگردن جي ماءُ پيءُ سان ملاقات کان پوءِ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.