اردو ڪانفرنس ۾ علائقائي ٻوليون شامل ڪرڻ تي سرهائي ٿي: مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عالمي اردو ڪانفرنس رڳو شهر ڪراچي، صوبي سنڌ ۽  پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ اسانجي سڃاڻپ ۽ هڪ قيمتي تحفو آهي جيڪا گذريل 16 سالن کان لڳاتار منعقد ٿي رهي آهي. بين الاقوامي اردو ڪانفرنس اسان جي نه بلڪه سڄي ملڪ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ان سان قلم ڌڻين ۽ ڏاهن، ميڊيا، سماج ۽ خاص ڪري نئين نسل لاءِ گڏجي ويهڻ، سکڻ، سيکارڻ ۽ تهذيب و ثقافت لاءِ نوان معيار پيدا ڪرڻ جو هڪ موقعو ملندو آهي، هن چيو ته ادب جو مطالعو هميشه فردن ۽ قومن کي باشعور، متوازن، باوقار، انسان دوست، همدرد ۽ نفيس بنائڻ جو ذريعو رهيو آهي. ادب ۾ سماج کي تبديل ڪرڻ جي اڻ ڏٺي طاقت آهي هن چيو ته ادب ۽ ثقافت ذريعي فردن ۽ قومن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ نهايت ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو ويندو آهي جن قومن ان ۾ ثابت قدمي ڏيکاري آهي اهي تاريخ ۾ پنهنجي منفرد مقام سبب اڄ مهذب قومون سڏجن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ان ڳالهه جي پڻ سرهائي ٿي آهي ته 16هين عالمي اردو ڪانفرنس ۾ هميشه جيان سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي ۽ پاڪستان جي سڀني ٻولين سان محبت ڪندڙن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن  چيو ته جيڪڏهن سماج کي بهترين سماجي تبديلين ذريعي امن ۽ ڀلائيءَ جو گهر بڻائڻو آهي ته پوءِ اسان کي به پنهنجي علمي، فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.  اسان روشن خيال ۽ امن پسند ماڻهو آهيون پر پوءِ به اسان تي اهڙا الزام لڳايا وڃن ٿا جن جو جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ساک کي مثبت رکڻو آهي. اسان ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ذريعي دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته اسان ائين نه آهيون جيئن توهان سوچيو ٿا، ان کان اڳ  ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر ڪيو، ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ افتخار عارف، زھرا نگاھ ،ڪشور ناھيد، نورالھدي شاھ، پيرزاده قاسم، منور سعيد، مرزا اطھر بيگ، اسد محمد خان، گڏيل عرب عمارتن جي قونصل جنرل  بخير عتيق الرميثي،غازي صلاح الدين، سهيل وڙائچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي شروعات فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم خلاف ھڪ منٽ جي خاموشي سان ٿي، ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ چيو ته  سورھن سال اڳ جڏھن ھي ڪم شروع ڪيو ته ڪيترن ئي اديبن منھنجو ساٿ ڏنو ، ھي پھريون سال آھي جو ضياء محي الدين اسان سان گڏ ناھي  پر اسان مايوس ناھيون  ڊجيٽل ميڊيا اردو ڪانفرنس جي پذيرائي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي  اسان پرڏيھ ۾ به اردو جي ترقي لاءِ وڃون پيا اسين گڏيل عرب امارتن ۾ به اردو جي حوالي سان پروگرام ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.