اسلام آباد(م ڊ) نگران حڪومت عوام کي مڪمل رليف نه ڏنو، عالمي منڊي ۾ لاٿ باوجود پيٽرول جي قيمت ساڳي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڊيزل 7 رپيا سستو ڪيو آهي. پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين ڪو به واڌ يا گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي پر ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 4 رپيا 52 پيسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.