ملڪ رياض خلاف نيب ۾ 3 ريفرنس تيار ٿيڻ وارا

لاهور(عوامي آواز نيوز)نيب ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ٽي ريفرنس تياري جي مرحلن ۾ آهن، ٽئي ريفرنس نيب جي  عدالت ۾ فائل ڪيا ويندا، ڊي ايڇ اي جي انٽرنل اجلاسن ۾ اهو طئي ٿي چڪو آهي ته ڪيئن بحريا ٽائون کي ٽيڪ اوور ڪيو ويندو، رڪارڊ به پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويندو، وي لاگر رضوان رضي چيو آهي ته ملڪ رياض دبئي ۾ هڪ وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي ، هڪ اطلاع آهي ته ملاقات کان انڪار ڪيو ويو ٻئي اطلاع ۾ چيو ويو ته ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ملڪ رياض کي چيو ويو ته موجوده صورتحال ۾ توهان جي مدد ڪئي وئي ته ايندڙ چونڊن ۾ اسان لاءِ اسپيس گهٽ ٿي سگهي ٿو، ان ڪري انڪار ئي سمجهيو وڃي، پشاور ۾ بحريا ٽائون جي نالي تي کليل ريئل اسٽيٽ ڊولپرن کي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، ملڪ رياض هاڻي اهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي جيڪي هن ان کان اڳ ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.