ايل پي جِي مهانگي، في ڪلو 254 رپيا 86 پئسا ٿي وئي

اسلام آباد ( م ڊ ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا)  ايل پي جِي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. اوگرا ايل پي جِي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پهرين ڊسمبر کان ايل پي جِي جي 11.8 ڪلو گهريلو سلنڊر جي قيمت ۾ 45 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.نئين گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 3 هزار 7 رپيا 35 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، ايل پي جِي جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رپيا 82 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب پهرين ڊسمبر کان ايل پي جِي في ڪلو جي نئين قيمت 254 رپيا 86 پئسا ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.