جناح اسپتال ۾ ٻار جو لاش اڇلائي فرار ٿيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ٻار جو لاش اڇلائي فرار ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، جناح اسپتال ۾ 8 ورهين جي راول جو لاش اڇلائڻ واري معاملي ۾ پوليس واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ وارن جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻار جا وارث دفنائڻ لاءِ پنجاب ويا آهن، وارث پوليس سان رابطي ۾ آهن، ڪيس داخل ڪيو ويندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، پوليس ڊفينس ۾ گاڏي جي مالڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو پر گاڏي ۽ گاڏي جو مالڪ گهر ۾ موجود نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.