گئس جو وڌندڙ گهوٽالو ۽ حڪمرانن جي وڌندڙ غير سنجيدگي

تحرير: زارا نواز شيخ

گرمين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سياري ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ڪيترن سالن کان معمول بڻيل آهي.  سيارو اچي ويو آهي ۽ هن ڀيري به ملڪ ۾ گئس جي کوٽ سبب ڪمرشل ۽ گهريلو صارفين کي گئس جي لوڊشيڊنگ کي وڌيڪ شدت سان ڀوڳڻو پوندو.

ملڪ جي ان صورتحال تي ڪو به سياستدان ڳالهائڻ لاءِ  تيار ناهي رڳو پنهنجي سيٽ جي ڳڻتي ته ڪيئن سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪجي، ليول گيم ڪئين پلي ڪيون. پاڪستان ۾ گيس جو بحران گذريل ڪجهه سالن کان شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ خطرو آهي ته هن سال اهو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو.پيپلزپارٽي جي آصف علي زرداريءَ ايران سان سستي گئس جو معاهدو به ڪيو هو.. پر سپر طاقت کي خوش ڪرڻ خاطر اھو منصوبو مڪمل نه ڪيو ويو. پر اسان جو ملڪ ته قرض وٺڻ، امداد پنڻ جو عادي ٿي چڪو آهي

اليڪشن جي تياري سان گڏ گئس جي لوڊشيڊنگ واري بحران تي به غور ڪيو وڃي. ٻارڙن کي صبح سوير گئس نه هجڻ يا گهٽ هجڻ ڪري بنا نيرن ڪرڻ جي اسڪول موڪلڻو پوندو آهي. اھو مسئلو تقريبن هر گهرسان آهي. جيڪڏهن گئس اچي به ٿي ته پريشر نه هئڻ برابر، نه ماني پچي ٿي نه ئي ڪا ڀاڄي گوشت وغيره.  عورتن جو خيال آهي ته هاڻي گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مٽيءَ جو چلهو ٺاهي ٻارن کي ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لاءِ  موڪليون ان کان سواءِ ڪو به حل نه آهي.لڳي ٿو ته اسين وري ڪاٺ ۽ ڪوئلي جي دور ۾ پهچي ويا آهيون.

ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن کان سياري دوران گئس جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ لڳي آهي پر هن سال ته اونهاري ۾ به گئس جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي وئي.چيو ويو ته حڪومت گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان جوڙي رهي آهي ته جيئن مختلف شعبن کي گهربل گئس فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي گئس جي کوٽ کان گهٽ متاثر ٿين.

پاڪستان ۾ گئس جو بحران گذريل سالن م به شديد رهيو آهي جڏهن ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي ۽ ان وقت جي توانائي واري وزير  گهريلو صارفين کي ڏينهن ۾ رڳو ٽي ويلا (جڏهن ماني تيار ڪئي ويندي آهي) گئس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جو اعلان ڪيو ويو هو پر عمل گهٽ نظر آيو.

پاڪستان ۾ توانائي جو مکيه ذريعو گئس آهي.  پاڪستان انرجي بڪ موجب ملڪ جي 31 سيڪڙو توانائي جون ضرورتون گئس مان پوريون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪا ملڪي پيداوار ۽ درآمد ٿيل گئس تي ٻڌل آهي.اسان جي ملڪ ۾ به گيس تمام گهڻي آهي پر حڪومت ڪڏهن به ان مان فائدو وٺڻ جي سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي.امن امان جي صورتحال تي جيڪڏهن ضابطو آڻجي ته بلوچستان مان تمام گهڻي گئس وٺي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي. مطلب ته جيئن جيئن گئس جو بحران وڌي رهيو آهي تيئن تيئن حڪمرانن جي غير سنجيدگي به وڌندي رهي ٿي ۽ اهي ان مسئلي جي حل لاءِ   ڪا سنجيدگي نٿا ڏيکارين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.