ڪنهن سياسي پارٽي جو جنم ڏينهن ان جي ڪارننن جيالن لاءِ ڏي اهميت رکندڙ هوندو آهي. خاص طور انهن لاءِ جن جي ان پارٽي سان دلي توڙي جسماني وابستگي هوندي آ. بلڪل ائين جيئن پ پ سان اسان جي دلي همدردي ۽ وابستگي آهي. اسين به هن پارٽي سان گڏ جوان ٿياسين. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن اسين ضياءَ جي مارشل لا ۾ لڪي پڇي پ پ جو جهنڊو کڻي گهر جي اندر ورانڍي ۾ هڻندا هئاسين. مان هن پارٽي جي جواني به پنهنجي اکين سان ڏٺي جڏهن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هيو ۽ ايران جو بادشاهه رضا شاهه پهلوي موهن جو دڙو گهمڻ آيو هيو. قائد عوام ۽ ايراني بادشاهه جڏهن موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي ته موهن جو دڙو جي انٽري گيٽ تي ان وقت جي ليفٽيننٽ جنرل ضياءُ الحق حفاطت لاءِ وي آئي پيز جي ڊيوٽي لاءِ بيٺل هيو ته هن ان وقت ڀٽو صاحب کي نوڙي سلام پيش ڪيو ۽ اهو منظر مون کي اڄ به پنهنجي اکين ۾ چٽيل آهي.
پ پ جي جوانيءَ جو ٻيو عروج مون اپريل جي سخت گرمين ۾ ڏٺو جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني کان پوءِ پهريون ڀيرو جهاز وسيلي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي پهتي. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اهيا آهي ته ان وقت رمضان شريف جو مهينو هيو ۽ سخت گرميون به هيون ان جي باوجود به عوامي سمنڊ ڏسڻ وٽان هيو ۽ عوام جي دلين ۾ ڀٽن لاءِ اها محبت هئي جو جهاز جڏهن موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو ته عوام رن وي تي اچي ويو ۽ جهاز کي ايئرپورٽ بلڊنگ تائين به پهچڻ ڪونه ڏنو. بلڪل ايئن جيئن اڄ به ملڪ جو عوام پ پ جي ٽن رنگن واري جهنڊي سان محبت ڪري ٿو. عام راءِ اها به آهي ته ماڻهوءَ جيان پارٽيون به پنهنجي پوڙهائپ واري عمر ڏانهن گامزن هونديون آهن. پر اها ڳالهه ڪافي حد تائين صحيح به آهي. ڇاڪاڻ ته تحريڪ استقلال ۽ ٻيون پارٽيون يا اتحاد جيڪي پ پ مخالف ٺهيا يا ٺهندا آهن اهي جلد ئي پوڙها ٿي ويندا آهن ۽ پ پ بدستور پنهنجي جوڀن جوانيءَ جيان ان ئي وقت سان جوان بيٺل ڏٺي آهي. هن وقت منهنجي عمر به ڪا ننڍي ڪانهي آءٌ به 48 سالن جو آهيان. پنهنجي ان سڄي عمر ۾ پ پ کي ائين ئي جوان ڏسندو پيو اچان. ڪجهه وقت ۾ سندس کاڌ خوراڪ تي خاص ڌيان نه ڏنو ويو جنهن جي ڪري سندس جسم ٿورو ڪمزور ضرور ٿيو. پر جيئن جيئن زرداري پارٽي جون مشڪل وقت ۾ واڳون پنهنجي هٿن ۾ سنڀاليون پ پ جي خوراڪ بهتر ڪئي ان کان پوءِ وري پارٽي جي رڳن ۾ ساهه پيو.
هاڻي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کي سنڀالڻ شروع ڪيو آهي ته پارٽي ڦوهه جوانيءَ ۾ اچي رهي آهي. ڏسو زرداري پوڙهو ٿي ويو آهي پر پارٽي اڄ به جوان آهي. 30 نومبر تي پارٽي جي عمر 56 سال ٿي ويئي آهي ۽ سندس سالگرهه ملائي پئي وڃي. هن ڀيري سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽيو ويو آهي. پارٽي جي سالگرهه تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. سنڌ مان وڏي تعداد ۾ اڳواڻ ۽ جيالا ڪوئيٽا پهتا.. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته پارٽي جي هن عمر کي نه ڀٽو صاحب پهچي سگهيو نه شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پهچي سگهي. نه ڀٽو صاحب جا پٽ پهچي سگهيا. پر جيڪڏهن اڄ پارٽي ۾ شهيدن جو رت شامل نه هجي ها ته شايد وقت کان اڳ پارٽي ختم ٿي وڃي ها. پر جيڪڏهن اسين ان ڳالهه تي بحث ڪريون ته پهريان پارٽي چئن صوبن جي زنجير هئي ان کي سنڌ تائين ڪيئن محدود ڪيو ويو ۽ پارٽي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سازشون ڪيون ويون ته ان بحث ۾ وڏو وقت لڳي ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پ پ قيادت اليڪشن کٽڻ کان پوءِ عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ بهتر منصوبا لائونچ ڪري ۽ ڪارڪنن توڙي جيالن جي بهتري لاءِ چيڪ اينڊ بيلنس قائم ڪيو وڃي ۽ پارٽيءَ کي سختيءَ سان چئني صوبن ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ دؤر ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي اليڪشني مهم ۾ ڏکيائي پيش نه اچي.