ڇا پلينگ فيلڊ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ٿئي پئي؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

ڪجھه ڏينهن کان وٺي وري سوال اهو اٿي پيو آھي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون يا نه ؟ ڪجھه ڌريون سمجهن ٿيون ته 8 فيبروري تي چونڊون نه ٿينديون ڇو ته ملڪي معيشت ۾ اهو دم ناهي جو چونڊن جو بار کڻي سگهي۔ ڪجهھ ماڻھن جو خيال آھي ته افغانين جي واپسي کان پوءِ  پاڪستان ۽ افغانستان جا ويڇا وڌندا پيا وڃن ان ڪري ممڪن آھي ته سرحدن تي جنگ نه ڇڙي وڃي جنگ جي صورت ۾ چونڊون ڪٿي ٿينديون؟ چونڊن جي ٿيڻ وارن ماڻھن جو اهو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس فائز عيسي جي ويهڻ کان پوءِ  حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن ۾ ايتري همت ناهي جو اها چونڊن کان ڪن لاٽار ڪري بهرحال چونڊون وقت تي ٿيڻ ملڪ لاءِ  بهتر آھي۔

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي هر خطاب ۾ ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالهھ ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ته چونڊن کان اڳ نواز ليگ لاءِ  ماحول سازگار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي کيس اهو به ڊپ آھي ته ڪٿي طاقتور ڌريون سندس پارٽي سان ٻه هٿ ته نه پيون ڪن؟

ملڪي تاريخ ۾  چونڊن کان اڳ اهو پڙاڏو اڪثر ٻڌو ويندو آھي جنهن ۾ ڌريون پاڻ سان ٿيندڙ امڪاني ناانصافي جو راڳ ڳائڻ شروع ڪندا آھن۔ هر طرف کان هر اليڪشن کي ڌانڌلي زده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي۔ هارائڻ وارا هميشه اهو سور پٽيندا آھن ته اسان سان ڌانڌلي ٿي آھي۔

هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ائين ڇو پيو ٿئي ؟ ڇا اسان مان اخلاقي جرئت ختم ٿي وئي آھي يا واقعي اليڪشن جو ڍونگ رچائي پنهنجي پسند جا نتيجا وصول ڪيا ويندا  آھن؟ بهرحال چوڻ وارا چوڻ کان سواءِ رهي ناهن سگهندا۔ ليول پلينگ فيلڊ جو هوڪو لڳندو پيو اچي۔ هاڻوڪي عدالتي فيصلن کان پوءِ  ليول پلينگ فيلڊ نه ملڻ جي شڪايت جو زور وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندو ڀل عدالت جو فيصلو ميرٽ تي هجي پر پوءِ  به ايون فيلڊ جي فيصلي کي ڪٿي نه ڪٿي پلينگ فيلڊ سان ضرور ڳنڍيو ويندو ڇو ته ماضي ۾ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڌر کي فائدو ڏنو ويو آھي۔ ماضي جا ڪيترائي فيصلا اسان جي عدالتي نظام جي شفافيت ۽ انصاف جي گهرجن تي پورو نه لهڻ جي ڪري مشھور آھي۔

سياسي بساط تي مهرن کي پنهنجي اصل گهرن ۾ رکڻ جي شروعات ٿي چڪي آھي شاطر وڇايل بساط تي پنهنجون چالون 2017 واري پوزيشن کان هڪ دفعو ٻيهر هلڻ لڳندا۔ 2018 ۾ نواز شريف کي احتساب عدالت ڏهه سال سزا ۽ سڄي عمر لاءِ  نااهل قرار ڏيڻ جو اهڙو فيصلو ڏنو جيڪو نواز شريف جي بساط تي وڄ جيان ڪڙڪي پيو پر حالتون سازگار نه هجڻ باوجود به 2018 ۾ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي پر ان وقت عدالتي فيصلن آڏو نواز شريف جي بيماري مضبوط ديوار بڻجي بيٺي جنهن نواز شريف کي جيل مان سڌو لنڊن پنهنجي گهر موڪلي ڇڏيو۔ پنجن سالن ۾ نواز شريف جو ڪهڙو علاج ٿيو اهو بحث ناهي پر نواز شريف جي واپسي ۽ حفاظتي ضمانت کان وٺي ايون فيلڊ ڪيس مان بريت  فليگ شپ ريفرنس جو واپس ٿيڻ قابل بحث ضرور آھي.

نواز شريف ۽ نواز ليگ لاءِ  اسلام آباد جو فيصلو بهترين آھي پر مان ڏسان پيو ته اهو فيصلو نواز شريف جي سياست لاءِ  سندس مخالفن لاءِ  تنقيد جو هڪ وڏو وسيلو آھي۔ سندس سياسي مخالف ان عدالتي فيصلي تي خوب تقريرون ڪندا۔ جيئن ته ڳالھه هن وقت ليول پلينگ فيلڊ جي هلي پئي۔ نواز شريف جي بريت جو فيصلو ڀل ميرٽ تي ٿيو آھي پر هن وقت ان فيصلي کي ليول پلينگ فيلڊ جي اک سان ڏٺو ويندو۔  هن فيصلي پي پي پي جي خدشن کي ڪنهن حد تائين درست قرار ڏنو آھي ته سياسي پچ صرف هڪ پارٽي لاءِ  سازگار ڇو ٺاهي پئي وڃي۔

پاناما ليڪ ۾ جنهن انداز سان نواز شريف کي سزا ڏني وئي اها سزا گهڻن جي سمجھه کان ٻاهر هئي پر جئين ته راند لاءِ  پچ تيار ڪئي وئي هئي ان لاءِ  ٽيمپرنگ ضروري هئي سو بهترين موقعو پٽ کان پگهار نه وٺڻ وارو ملي ويو۔ هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ان وقت جي جي آءِ ٽي ۾ قابل ماڻھن کي شامل ڪري تحقيق ڪئي وئي ملڪي وسيلا ۽ ناڻو استعمال ڪري نواز شريف کي سزا ڏياري وئي ۽ هاڻي وري ساڳي سزا يافته ماڻھو کي باعزت بري ڪيو ويو ڇا اهو ملڪ ۽ قوم سان مذاق ناهي؟ آخرڪيستائين ملڪ ۽ قوم سان اهڙا لڪاءَ ڪيا ويندا؟ هميشه ٽيمپرنگ ڇو ڪئي ويندي آھي ؟ هميشه سياسي راند ۾ پنهنجي من پسند رانديگرن کي ڇو کيڏايو ويندو آھي؟ ڪيستائين امپائر جي آڱر کڄڻ جو سهارو ورتو ويندو؟ آخر ائين ڇو؟

جيئن ته ڳالھه هن وقت ليول پلينگ فيلڊ جي هلي پئي۔ نواز شريف جي بريت جو فيصلو ڀل ميرٽ تي ٿيو آھي پر هن وقت ان فيصلي کي ليول پلينگ فيلڊ جي اک سان ڏٺو ويندو۔  هن فيصلي پي پي پي جي خدشن کي ڪنهن حد تائين درست قرار ڏنو آھي ته سياسي پچ صرف هڪ پارٽي لاءِ  سازگار ڇو ٺاهي پئي وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.