چونڊن جو نه جڙي سگھيل ماحول ۽ لاڳاپيل ادارن جو ڪردار

ملڪ ۾ بجلي.گئس ۽ پيٽرول جي اگھن ۾ ٿيندڙ واڌ جاري آھي.پر چونڊن جي ميدان ۾ موجود سياسي ڌرين مان ڪا اھڙي سياسي جماعت نھ آھي جيڪا انھن اھم مسئلن کي تفصيل واري پنھنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ھجي ۽ انھن جي کي گھٽ ڪرڻ يا وري انھن جي لاءِ ڪنھن نعم البدل انرجي بابت ڪا رٿا جوڙي ھجي.

اليڪشن جي لاءِ سياسي ڌريون سرگرم ٿي ويون آھن ۽ روز روز سياسي جماعتن جي نون اعلانن ۽ بيانئين تي جيڪڏھن سنجيدگيءِ سان غور ڪجي تھ اھو چئي سگھجي ٿو تھ انھن وٽ يا تھ گھربل صلاحيت نھ آھي يا وري انھن جو عوام سان ڪو سڌو تعلق ئي نھ آھي.

جيتوڻيڪ چونڊن جو اعلان ٿي ويو آھي ان جي تاريخ بھ ڏني وئي آھي ان ھوندي چونڊن ٿيڻ بابت ڪئين افواھ گردش ڪندا رھن ٿا.جنھن ڪري ماڻھن ۾ بي يقيني واري ڪيفيت ختم نھ پئي ٿي.اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو آهي ته  ميڊيا جي حلقن ۾ چونڊن ۾ دير جون خبرون مڪمل طور تي بي بنياد ۽ گمراهه  ڪندڙ آهن، اليڪشن ڪميشن انهن جي سخت ترديد ڪري ٿي.اليڪشن لسٽون تيار نه ٿيڻ جي خبر به بلڪل ڪوڙ آهي،  اليڪشن ڪميشن اهڙين غلط خبرن کي پکيڙيندڙن خلاف پيمرا سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته جيئن اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن مختلف چينلن تي نشر ٿيندڙ خبرن جي ٽرانسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ملاقات ڪئي. ملاقات بعد  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جو مقصد سنڌ جي صورتحال بابت کيس آگاهه ڪرڻ هو. پنهنجا خدشا چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو رکيا آهن، اميد آهي ته ان تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ قانون تي اعتماد آهي.

سمجھيو ٿو وڃي تھ مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران چونڊن ۾ سمورين ڌرين کي ھڪ جھڙا موقعا فراھم ڪرڻ واري ڳالھه تي اھا شڪايت ڪري رھي آھي تھ مسلم ليگ ن کي سنڌ ۾ اليڪشن ۾ برابر جي فيلڊ پلئنگ نھ ملي رھي آھي.مبصرن موجب مسلم ليگ ن  ان سلسلي ۾ ئي چيف اليڪشن ڪميشنر سان ملاقات ڪئي آھي. اھو درست آھي تھ چونڊون ٿي رھيون آھن پر ھن ڀيري سڄي ملڪ ۾اھڙو سياسي ماحول نھ جڙي  سگھيو آھي جنھن سان سموري عوام کي اھو احساس ٿئي تھ ملڪ ۾ ڀرپور اليڪشن ٿيندي.

نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن توڙي لاڳاپيل ادارن تي اھا ذميواري لاڳو ٿئي ٿي تھ اھي چونڊن بابت قانون تي عمل ڪرائيندي اھو بھ احساس ڏريارين تھ رڳو ھنن جي لفظن ۾ تھ ڪنھن سان ڪا زيادتي نھ ٿي رھي آھي پر اھڙي شفافيت بھ نظر اچي ۽ ان تي عوام کي اعتبار بھ اچي.

  • ڌاڙيلن  وري عوام ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو

سنڌ سان پنجاب جي لڳندڙ علائقي ۾ ڌاڙيلن جي سرگرمين بعد ھڪ ڀيرو وري علائقي ۾ خوف ڇانيل آھي.جنھن ڪري اتي رواجي زندگيءَ متاثر ٿي رھي آھي.ڪجھھ وقت اڳ سنڌ جي نگران حڪومت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو ھو.جنھن سان اتر سنڌ  جي چئن ضلعن ۾ ڪنھن حد تائين سڪون ٿيو ھو پر بااثرن جي ۽ ڏوھاري قسم جي حلقن ۾ وري سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آھن.

ڏوھاري وارداتن مان محسوس ٿي رھيو آھي تھ اتي تاحال قانون جي اھڙي گرفت نھ آھي.جنھن سان عوام بي اونو ٿي ڪري پنھنجي پيٽ گذر جي لاءِ ڌيان ڏئي سگھي.ھڪ عرصي کان گهوٽڪي کان ڪشمور تائين پکڙيل ڪچي ۾ ڌاڙيل ڪينسر جي صورت اختيار ڪري ويا ھئا.جنھن جي لاءِ ھڪ اثرائتي آپريشن  جي ضرورت ھئي.ھڪ ڀيرو ٻيهر  ڌاڙيلن جي ڪارراوين ڪري گھوٽڪي ۽ ان سان لڳندڙ پنجاب جي علائقي ۾ خوف جو  عالم آهي.

اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سنڌ پوليس جي آٿت ۽ آپريشن باوجود ڏوھن تي ضابطو نه آيو ھو.ان اھڙا بھ ڪيترائي واقعا ٿيا جو پوليس چيف جي اتر سنڌ جي دور ڪرڻ دوران وري ڌاڙيل وڌيڪ ماڻھن کي ڏينھن جي روشني ۾ اغوا ڪري ويندا ھئا،يرغمالي بڻايل ٻارن توڙي ماڻھن جو وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ھڪ خوف وارو ماحول پيدا ڪندا ھئا.جنھن سان سموري علائقي ۾ ڊپ پيدا ٿي ويو ھو. ھاڻوڪي ڌاڙيلن جي ڪاررواين سان نئين سر ماڻھن جي اندر موجود خوف وري ھنن کي ڇرڪائي رھيو آھي.

اھو قبول ڪرڻ گھرجي تھ سنڌ ۾ ڌاڙيل فئڪٽر ڪڏھن بھ رڪيو نھ آھي، ان کي ختم ڪرڻ يا  ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھر دور ۾ وقت جي حڪمرانن دعويٰ تي ڪئي آھي، پر ان طرف ڪنھن بھ حڪومت گھربل ڌيان نھ ڏنو آھي.اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جو ڳڙھ رھيا آھن،ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن وارا تجربا ھر حڪومت ڪيا آھن،پر اسان وٽ ڪڏھن بھ ڪنھن معاملي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش نھ ٿي آھي ۽ نھ ئي وري انھن کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ڪنھن جي اوليت رھي آھي.

اھو ڪو ايڏو ڏکيو سوال نھ آھي تھ ڌاڙيل ڪيئن ٿا پيدا ٿين. جتي انھن جي  کيپ يا لاٽ تيار ٿيندي رھي ٿي انھن کان بھ ماڻھو آگاھ آھن.  دنيا ۾ ھر مسئلي جو حل آھي،ان جا سبب پڻ ڳولي سگھجن ٿا. حڪومت، ان جي مشينري۽ حد جي پوليس ان ۾ سنجيدگيءِ اختيار ڪندي تھ ان سان ڪاميابي ٿي سگھي ٿي.ماڻھن کي اھو انتظار رھندو تھ سماج دشمن عنصرن خلاف ھي نگران سرڪار ڪڏھن ٿي ڪو نتيجا ڏيندڙ قدم کڻي جنھن ۾ ڪنھن سان بھ ڪا رعايت نھ ڪئي وڃي ۽ مفلوج ٿي ويل رواجي زندگي وري بحال ٿئي.

اميد ڪجي ٿي تھ سرڪار ھن اھم مسئلي کي اوليت ڏيندي، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪندي ۽ ان جي سببن ڳولڻ جي بھ ڪوشش ڪندي جنھن سان ھن علائقي ۾ ھيڏا سارا ڌاڙيل ڪئين  پيدا ٿيا ؟ ۽ سرعام قانون کي پنھنجي ھٿن ۾ کڻي ان جي سڌي سنئين لتاڙ ڪري رھيا آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.