10 جنوري 1966ع تي تاشقند جي ماڳ تي ٽه سربراهي ڪانفنرس ڪرائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي صدر جنرل محمد ايوب خان ۽ ڀارت جي وزراعظم لال بهادر شاستريءَ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن به شرڪت ڪئي. پاڪستان جو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو هو ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سورن سنگهه هو. سربراهي دستاويزن تي صحيحون ٿيڻ ۽ اهي ٻنهي جي حوالي ڪرڻ وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا.
وطن واپسيءَ کانپوءِ هن پنهنجن خدشن تحت چيو ته جنگ ۾ وڏين قربانين سان کٽيل ڀارتي زمين ۽ ملڪيتون ٽيبل ٽاڪ ۾ هارائي وئي. پاڪستاني وفد جي ملڪ پهچڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو وڏي سوچ ۽ ويچار ۾ پئجي ويو. هن 24 جنوري 1967ع تي پرڏيهي معاملن واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن عوام سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽرين ذريعي لاهور کان ڪراچيءَ جو سفر ڪيو. رستي ۾ سڀني ريلوي اسٽيشنن تي ماڻهن جي وڏي انگ سندس والهانه ۽ پرتباڪ استقبال ڪيو. هو سڄي رتي ۾ لڙڪ لاڙيندو رهيو ۽ ماڻهن جي عزم ۽ استقلال جو جواب ڏيندو رهيو. رستي ۾ هو لڙڪ لاڙي جنهن رومال سان اُگهندو رهيو اُهو لاهور جي هڪ شخص خطير رقم ڏئي خريد ڪيو.
ان تحريڪ جي ڪري سڄي ملڪ ۾ هر طرف جلوس، مظاهرا، بک هڙتالون، جلسا ۽ جدوجهد تبديليءَ جو ڏونڪو وڄايو ۽ خود ساخته ”فيلڊ مارشل“ جنرل محدم ايوب خان نيٺ گوڏا کوڙيا ۽ هن اقتدار جو واڳون جنرل محمد يحييٰ خان جي حوالي ڪيون. هن پڻ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي. ۽ بطور چيف مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر ملڪ ۾ عوام جا بنيادي حق معطل ڪيا ويا. ڪارا قانون لاڳو ڪيا ويا. اسپيشل برانچ کي نيون ذميواريون ڏنيون ويون جن ۾ ماڻهن کي هراسان ڪري گرفتاريون ڪرڻ شامل هئا.
ذوالفقار علي ڀٽي 30 نومبر 1967ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي لاهور واري گهر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو. ان اهم اجلاس ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن کان علاوه جي اي رحيم، ميان محمد علي قصوري، لائل پور جي مختيار رانا، مير رسول بخش ٽالپر، محمد بخش ڌامراهه، شاگرد اڳواڻ نجيب احمد، معراج محمد خان، عبدالحفيظ پيرزادو، خانصاحب عبدالحميد جتوئي، حيات محمد شير پائو ۽ ٻين شرڪت ڪي. بعد ۾ 9 ڊسمبر 1967ع تي پارٽيءَ جو جهنڊو ۽ منشور پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چار (4) اهم نقطن کي نظر ۾ رکيو ويو هو. 1. اسلام اسان جو مذهب، 2، جمهوريت اسانجي سياست، 3. سوشلزم اسانجي معيشت، 4. طاقت جو سرچشتو عوام آهي.
پيپلز پارٽيءَ فوجي ڊڪيٽيٽرشپ خلاف هڪ ڊگهي جدوجهد ڪئي ۽ معاشري کي جمهوريت جي راهه تي روان رکڻ لاءِ تڪليفون برداشت ڪيون. سماجي ۽ معاشي انصاف ماڻڻ لاءِ شروع کان وٺي پيپلز پارٽيءَ جو اهم مقصد رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي سمورن طبقن ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي جمهوريت جي اهميت کان متعارف ڪرايو ۽ منجهن سياسي شعور پيدا ڪيو.
ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اُها واحد پارٽي آهي جنهن جموري عمل ذريعي چوٿون ڀيرو ڪاميابي ماڻي پنهنجي سمورن دورن ۾ پارٽيءَ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ حل پيش ڪيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ هڪ اهڙي ملڪ ۾ جمهوري سرشتو لاڳو ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي جيڪو لاڳيتو آمر حڪومتن جي تسلط ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن ۾ ڦاٿل رهيو. 77-1971ع، 90-1988ع، 96-1993ع ۽ 2008ع، حڪومت جي چئني دورن ۾ پ پ حڪومت پنهنجي منشور موجب واعدن کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
ان وچ ۾ جنرل يحيٰ خان ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو ذڪر ڪيو. اُن ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان پهرين جولاءِ 1970ع ۾ ” هالا ڪانفرنس“ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ مان وائيس چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پنجاب جي وائيس چيئرمين ميان محمود علي قصوري، صوبي سرحد جي وائيس چيئرمين حيات محمد شير پائو، بلوچستان جي وائيس چيئرمين نواب غوث بخش رئيساڻي ۽ اوڀر پاڪستان جي وائيس چيئرمين مسيح الرحمان شرڪت ڪئي. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي خوشخبري ٻڌائي ته ملڪ مان ون يونٽ جي لعنت ختم ڪرڻ جو جنرل يحيٰ خان اعلان ڪيو آهي ۽ سمورا صوبا بحال ٿي ويا آهن. ڪانفرنس جي ڪارروائي پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي اي رحيم هلائي. ڀٽو صاحب وري مائيڪ تي آيو ۽ چيائين ته اڄ سڀ کان پهرين ڪير خطاب ڪرڻ گهري ٿو. اتي پارٽيءَ جي سرگرم ميمبر احمد رضا قصوري اٿي هٿ مٿي کنيو. ڀٽي صاحب چيو ته سٺي ڳالهه آهي جو ”قصور دا منڊا“ خطاب ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙي طرح احمد رضا قصوري پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ سرحد صوبي جي حق نواز گنڊاپور پنهنجي هٿ ۾ سائي ۽ گندي پاڻيءَ جي بوتل مٿي اُڀي ڪندي حاضرين جو ڌيان ڇڪايو. ڀٽو صاحب! اسان ۽ اسان جا ٻار اهڙو گندو ۽ زهريلو پاڻي پيئون ٿا. ڀٽي صاحب واضح ڪيو ته اسان هتي ان غليظ نظام جي تبديليءَ لاءِ ته گڏ ٿيا آهيون ۽ حڪومت قائم ڪرڻ شرط، اسان پيئڻ جو پاڻي، تعليم، صحت، سماجي انصاف ۽ روزگار ۽ سڀني لاءِ ترقيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪنداسين اُن دور ۾ اليڪٽرانڪ چئنل ۽ لائيو نشرياتون ڪونه هونديون هيون. جڏهن ته پرائيويٽ ويڊيو ڪئمرائون، اي پي، بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، سرڪاري اي پي پي، ٻاهرين ملڪن توڙي ملڪي صحافي پروگرامن، ڪانفرنسن، مذاڪرن جي ڪوريج لاءِ ايندا هئا. پارٽيءَ جي نوجوان ۽ پرجوش مقرر طارق عزيز صحافين تي ڪڙي تنقيد ڪئي. ان تي ميڊيا، صحافي وغيره ناراض ٿي بائيڪاٽ ڪندي ٻاهر هليا ويا. ڀٽي صاحب ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ۽ طارق عزيز کي هدايت ڪئي ته انهن کي پرچائي واپس آندو وڃي. ساڻس گڏ سيد قمر الزمان شاهه ۽ سيٺ عبدالرزاق ميمڻ کي موڪليو ۽ بائيڪاٽ ڪندڙن کي پرچائي اجلاس ۾ آندو. اجلاس ۾ پروفيسر اين ڊي خان ڳاڙهي شرٽ پائي انقلابي تقرير ڪئي.
هالا ڪانفرنس جو مکيه ايجنڊا جو اسم اهو فيصلو ڪرڻو هو ته ”انقلاب يا چونڊ“ ان تي سمورن ميمبرن مفصل بحث ڪيو. اڪثريت ان راءِ جي هئي ته چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي حڪومت قائم ڪري منشور جي پوئواريءَ ۾ انقلاب ڏانهن سنڀالي وڌجي. ٻئي ڏينهن ٻن ميمبرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. آخرڪار پارٽي چيئرمين موضوع کي دڳ لائيندي رات جو 8 وڳي مفصل خطاب ڪيو ۽ اهو خطاب 10 لڳي 13 منٽن تي مڪمل ڪيو. جنهن ۾ هن عوامي جدوجهد ووٽ جي افاديت ۽ مستقبل جي رٿابندي جو اُپٽار ڪيو. سوا ٻه ڪلاڪن جي تقرير هلندي هال ۾ مڪمل سانتيڪو ماحول ڏسڻ وٽان هو. بلڪل منظم پروگرام آهر چونڊون وڏي اڪثريت سان کٽي حڪومتي پروگرام تي عمل ڪيو. سندس وڏو ڪارنامو پاڪستان کي عبوري دستور ڏيڻ هو. جڏهن ته بعد ۾ سڀني سيست جماعتن جي سربراهن سان مشاورت، تجويزن ۽ غور بعد حتمي آئين بڻايو جنهن ۾ سڀني اڳواڻن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن عبدالحفيظ پيرزادي، مولانا ڪوثر نيازي، رفيع رضا معاونت ڪئي. اهڙي طرح ملڪ کي اسلامي، فواقي، جمهوري ۽ عوامي آئين ڏنو ويو. بعد ۾ ڀٽو صاحب 14 آگسٽ 1972ع تي نئين آئين تحت پارليامينٽ ۾ وزيراعظم طور قسم کنيو. فضل الاهي چوڌريءَ اسلامي جمهوري پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان قسم کنيو.
پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 1972ع ۾ پورهيتن لاءِ هڪ نئين پاليسي جاري ڪئي، جنهن ۾ مزدورن کي عزت سان روزگار ڪمائڻ جو موقعو مهيا ڪيو ويو. هارين کي زرعي قرضن جي شروعات ڪئي وئي. 1972ع ۾ ملڪ پهرين ائٽمي بجلي گهر جو بنياد رکيو، پورهيتن کي استحصالي نظام کان نجات ڏياري فيڪٽري مالڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪيا. 1972ع ۾ پاڪستان۽ ڀارت جي وچ ۾ شملا معاهدو ٿيو. جنهن تحت 5 هزار چورس ميل جو علائقو ڀارت واپس ڪيو ۽ 90 هزار جنگي قيدين کي آزاد ڪرايو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 1973ع ۾ پاڪستان اسٽيل ملز سان گڏوگڏ 23 نين صنعتن جو بنياد رکيو. سال 1974ع ۾ پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن سان مسلمان ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جون نيون راهون کليون، سال 1976ع ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
5 جولاءِ 1977ع تي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل محمد ضياءَ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جي آئيني ۽ قانوني حڪومت کي ختم ڪيو. ملڪ ۾ مارشل لاءِ مڙهي وئي ۽ ڪوڙا جڙتو ڪيس ٺاهي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق ذريعي سزا موت جو فيصلو ٻڌايو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس انوارالحق 3 ججن جي مقابلي ۾ چئن ججن سزا برقرار رکي. مولوي مشتاق ۽ انوارالحق سان رب پاڪ ڪهڙو حساب ورتو سو تاريخ جو حصو آهي. اهڙي طرح هڪ عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي عالمي سازش تحت عالمي مافيا سان ملي 4 اپريل 1979ع تي رات جي اونداهي ۾ ڦاهي ڏني وئي.