صهيب مقصود جو ”سنڌ“ خلاف تعصبي بيان!

زرار پيرزادو

¨ پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود، سڪرنڊ پوليس جي رشوت وٺڻ واري واقعي جو شديد ردعمل ظاهر ڪندي سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته سنڌ ۾ اهڙي حالت ڏسي ڪري مان شڪر ٿو ادا ڪريان جو اسان سنڌ ۾ نٿا رهون. هن لکيو آهي ته هر پنجاهه ڪلوميٽر جي حد کانپوءِ پوليس رشوت لاءِ روڪي رهي هئي. هن چيو ته مان پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذريعي وڃي رهيو هوس.

¨ سڪرنڊ پوليس جي رشوت وٺڻ واري عمل جي بي شڪ شديد مذمت ڪجي ٿي پر ايئن به ناهي ته ڪو پنجاب يا ملڪ جي ٻين حصن ۾ پوليس اهلڪارن طرفان اهڙا واقعا ناهن ٿيندا. اهڙا واقعا ملڪ جي هر صوبي ۽ هر حصي ۾ ٿيندا رهندا آهن.

¨ پنجاب اندر خاص ڪري موٽر وي تي ته انتهائي خوفناڪ ۽ شرم جوڳا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. موٽر وي تي هڪ عورت سان ٿيل جنسي ڏاڍائي يا هڪ فيملي جو پوليس اهلڪارن هٿان مارجڻ وارا واقعا ڀلا ڪنهن کان لڪيل آهن.

¨ صهيب مقصود جيئن ڏٺو تيئن ڀلي اهو پنهنجو مشاهدو لکي پر پاڪستان جي ڪرڪيٽر طور کيس ڪنهن صوبي جي خلاف ايئن تعصباڻو اظهار نه ٿو سونهين.

¨ پنجاب جو صوبو صهيب جي جنم ڀومي آهي، اتي رهڻ تي ڀلي هو فخر ڪري پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اهو ٻين جي جنم ڀومين خلاف تعصب جو زهر اوڳاڇيندو رهي.ڇا پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ پوليس زيادتين کي ڏسي ڪري اسان کي چوڻ گهرجي ته اسان خوشنصيب آهيو جو پنجاب ۾نٿا رهون؟

¨ اهڙي تعصبي سوچ مجموعي طور تي سڄي ملڪ کي نفرتن جي نسلي باهه ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.نفرت مان نفرت ۽ تعصب مان تعصب ئي پيدا ٿيندو ۽ وڌندو آهي،

¨  ملڪ اندر اهو تعصبي رويو حڪومت ۽ قومي ادارن مان به ملندو رهيو آهي. سياسي طور تي سنڌ جي قومپرستن کي ته ڇڏيو پر سنڌ جي حڪمرانن جهڙوڪ ذوالفقار علي ڀٽي، بينظير ڀٽو، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي به پنجاب ۽ سنڌ ۾ فرق نظر آيو آهي.

¨ اهو فرق پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ به وڏي عرصي کان نظر آيو آهي. سنڌ سميت ننڍن صوبن کي هر دور ۾ اها شڪايت رهي آهي ته جنهن ٽيم ۾ ننڍين صوبن جا رانديگر نه هجن تنهن کي ”قومي راند“ يا قومي رانديگير ڪيئن سڏجي.

¨ اصولي طور تي پاڪستان جي ڪرڪيٽ بورڊ کي صهيب مقصود جي اهڙي بيان جو نوٽيس وٺندي کيس تنبيهه ڪرڻ گهرجي ته صوبن،  قومن ۽ سموري انسانذات جي عزت ڪرڻ سکو ۽ ڇاڪاڻ ته اوهان رڳو رانديگر نه پر پنهنجي ملڪ جا سفير به هوندا آهيو.

¨ رپورٽن موجب پوليس جو ته هڪ موقف اهو به آيو آهي ته اهي ڪرڪيٽ گاڏي ۾ شراب پي رهيا هيا. جيڪڏهن پوليس کين شراب سميت پڪڙي ويڊيو ريڪارڊ ڪري ها ته اهو عمل وڌيڪ بهتر هو. رشوت وٺي ڇڏڻ صحيح نه هو.

¨ بهرحال نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان کي اهو اعتراض ناهي ته سنڌ پوليس يا سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف ڇو ٿو آواز اٿاريو وڃِي يا انجي مذمت نه ڪئي وڃي پر انفرادي پوليس اهلڪارن جي عمل کي بنياد بڻائي سنڌ خلاف زهريلي تعصب جو اظهار ڪرڻ اصل ۾ مذمت جوڳو عمل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.