ڇا نواز شريف اقتدار ۾ چور دروازي کان ايندو؟

رياض ابڙو 

اها ڳالھه  مڃون ٿا ته جيڪي به چيف آف آرمي هجن ٿا اهي پهرين پاڻ چونڊرائيندا آهن پوءِ وزيراعظم به پاڻ چونڊيندا آهن ان ڪري هيل واري رياست جي محبوبيت مان پڪ آهي ته نوازشريف ئي سليڪٽيڊ هوندو ان ڪري ته ماضيءَ ۾ جيڪي سيلڪٽيڊ چئي چئي پنهنجي نڙي ويهاري ڇڏيندا هيا، جيڪي 13 پارٽيون هيون اهي رڳو سڄو ڏينهن هڪ ئي رٽَ هڻنديون هيون ته عمران خان سليڪٽيڊ آهي ۽ هاڻي نوازشريف سليڪٽيڊ هوندو پوءِ ان سليڪٽيڊ جي لاءِ اليڪشن جي ڪهڙي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ ليول پلينگ فيلڊ مهيا ڪئي اٿن ته اهي جيڪي به لوٽا پي ٽي آءِ جا هيا اهي هاڻي هن جا آهن، جيڪي ”باپ پارٽي“ وارا هيا اهي هاڻي هن نوازشريف جا آهن.

ان ڪري هن کي پڪ آهي ته جڏهن ملڪ جا ”اهم ٿنڀا“ جن ۾ عسڪري ادارا، عدالتون ۽ ايوان هن نوازشريف جا آهن (يا هوندا) ته معني هن کي ڪير چوڻ وارو نه هوندو پوءِ هي ووٽ ڀلي ان ساڳي ”اي وي ايم“ جي ذريعي ئي وٺي جنهن تي 13 پارٽين عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي ته جي عمران خان ”اي وي ايم” (اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين) آندي ته معني ڪنهن کي خبر ئي نه پوندي ته اهي سڀ ووٽ ڪٿان آيا، اهي ووٽ نوازشريف جي ملائڪن وڌا، اهي اڳ ئي مشينن ۾ نمبرن ذريعي طئي ٿيل هيا، اهڙي الڪٽرونڪ مشين کي ڪير چيلينج به نه ڪري سگهندو ته اهي ووٽ ڪاڏهون آيا، ڪاڏي ويا، اهي اڳ ۾ طئي ٿيل نتيجا هيا جيڪي شام تائين ٻڌايا ويندا جنهن کان پوءِ سياسي پارٽين جا هٿ ڪپجي ويندا ۽ اهي ڪنهن در دانهين به نه سگهندا ته نوازشريف جنهن جي محبوبيت پهرين ئي طئي ٿيل هئي جنهن پهرين ئي عدالت، عسڪري ۽ ايوان خريد ڪري ورتا آهن.

هاڻي نون ليگ، رياست جي ڪارندن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اهي اهڙا عمل به ڪن جن سان انهن سياسي پارٽين جي وچ ۾ فيملي يونٽي به ختم ٿي وڃي، مثال نون ليگ جي مخالفت واري درو ۾ رياست ۽ سياست جي ڪوشش اها هوندي هئي ته مريم نواز کي اسڪرين ٽائيم ڏنو وڃي ۽ شهباز شريف جي ڳالھه  کي پوئتي ڪيو وڃي ان ڪري ته جيئن انهن سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڏار پئجي سگهي، اهي پارٽيون ائين سوچن جو انهن جي فرسٽريشن ۾ واڌ اچي.

نيب جي ماضي ۾ اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته شهبازشريف کان ڪيس ڦيرائي وري مريم نواز تائين آڻين، العزيزا شگر مل جا ڪيس بس ڪري وري ايون فيلڊ جي فليٽن جا ڪوڙ ثابت ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ کان 8 ارب روپيا رڳو ان ڳالھه  تي خرچ ڪرايائون. پهرين پناما ليڪس پوءِ وري وري پينڊورا پيپرز جا پيسا خرچ ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر ڪا شيءِ ثابت نه ٿي ۽ جن ڪورٽن نوازشريف کي ڪوڙن ميڊيڪل رپورٽن تي لنڊن موڪليو انهن ئي ڪورٽن وري ساڳا ڪيس به (فلحال) ڪوڙا ڪيا آهن، جيئن شهبازشريف کي ضمانتن جي عيوض اسيمبليءَ جي فلور تي بيهڻ ڏنو ويو ۽ هو به 19 مهينا ضمانت تي حڪومت هلائي ويو، جيئن سوين خون ڪري به ڪراچيءَ جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر به ڪم ڪڍي ويو ۽ هاڻي نوازشريف به ضمانت تي حڪومت هلائي ويندو شهبازشريف جي ڪپڙن کپائڻ واري ڳالھه  ماڻهن کان ناهي وسري جو ويو ته ماڻهن پنهنجا ڪپڙا کپائڻ جهڙا ٿي ويا ها، ڳالھه  ماڻهن کان اڃان ناهي وسري ته نوازشريف به پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هيو ته جيڪي زرداري سرڪار وارا ڪم خراب ڪري ويا آهن اهي اسان سڌا نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته ملڪ ۾ 70 سالن جو ڪم ڪچرو پيو آهي ۽ هي ملڪ هلائڻ کان زور آهي،ان ڪري وري ٻيا پنج سال گهرجن جنهن ۾ هي ملڪ سڌو ڪري سگهجي سو هاڻي ڇا ڪندو؟، ٿيندو ائين جو عمران خان جهڙي دادلي جي لاءِ به اها ڳالھه  بيٺي هئي جو ان جي خلاف هڪ منظم مخالفت اڀري آئي جنهن مشڪل سان اڍائي سال حڪومت ڪرڻ ڏنس پر جڏهن ويو ته وري عسڪري ادارن سان وڙهي نڪتو پر هاڻي به ساڳي صورتحال آهي ته جيڪي عسڪري ادارن جو امير ويٺو آهي،جنهن جي هٿ وس عدالت آهي اهي مشڪل سان ٻه سال هوندا ان کانپوءِ هن ايندڙ محبوب وزيراعظم کي به ائين گهر ڀيڙو ڪندا جيئن عمران خان هليو ويو ان ڪري ته رياست جي سائسن ڪنهن به سمجهھ ۾ نه ٿي اچي ته ايندڙ محبوب، رياست جي محبوبيت ڪيتري پائيدار هوندي ان ڪري ڳالھه  اها به ڪجي جيڪا هلي به سگهي.

نوازشريف جي پارٽي اهو ٿي سمجهي ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي سان هٿ ملائي سڀ ڪجھه  ڪري سگهجي ٿو، ماڻهن کي اها به خبر آهي ته نوازشريف جي پارٽي ڪراچيءَ ۾ ووٽ ناهي کڻندي ۽ ايم ڪيو ايم کي لاهور، سموري پنجاب ۾ ماڻهو سڃاڻن ئي نه ٿا، پي ٽي آءِ وارن کي ليول پلينگ فيلڊ نه به ملي پر اهي نون ليگ کي هارائڻ جي پوزيشن ۾ پوءِ به آهن. ان ڪري ته نون ليگ مٿين ليول تي ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالھه  ڪري سگهي ٿي ان ڪري ته انهن جي ڪرپشن جي ڪيسن جي باجود به ماحول سازگار آهي ۽ هنن پي ٽي آءِ وارن جي لاءِ اهڙي چال هلي جو اهي کل لڪائڻ ۾ پورا آهن، سمجهن ٿا ته جيڪي ڪرپشن جا ڪيس ۽ مني لانڊرنگ، شگرملن جا ڪيس نون ليگ جي خلاف ثابت نه ٿي سگهيا اهي ڀلا پي ٽي آءِ وارن جي خلاف ڪيئن ثابت ٿي سگهندا، اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته جيتري بدلي جي سياست نون ليگ ڪري ڄاڻي اوتري پي پي ناهي ڪندي، جيتري پي ٽي وارن ڪئي پوءِ ان جي بدلي جيتري سياست، نون ليگ به ڪري سگهن ٿا ان ڪري پنجاب ۾ پي پي دوبدو مقابلو نه به ڪري پر پي ٽي آءِ وارا ليول پلينگ فيلڊ نه هجڻ جي باجود به اهي سڀ سياسي سنوت ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ڳالھه  وري به پڌري پٽ پئي آهي ته ڪير به عوامي چاهت تي مٿين ليول تي ڳالهائي نه ٿو سگهي پر سڀني جي لاءِ چور دروازا اڃان به کليل آهن جيڪي ڪڏهن به بند نه ٿيندا ۽ اهي سلسلا پيا هلندا. هاڻي جي نوازشريف جو وارو آهي.

ان ڪري سوال اهو به آهي ته ادارن جي ساک ايتري خراب آهي جو هڪ پارٽي کٽندي ته ٻي پارٽي کي اها اليڪشن ”رجڊ“ لڳندي آهي،هڪڙو هارائيندو آهي ته اها ٻي پارٽيءَ کي ”رجڊ“ لڳندي آهي ان ڪري ڪا به پارٽي ان ڳالھه  جي پڪ نه ڪري ته اها عوام کي سو سيڪڙو پسند به آهي، سو سيڪڙو اهي ان پارٽي جي حق جي ڳالھه  ڪندا. ان ڪري رياست کي ادارن جي ساک بحال ڪرڻي پوندي نه ته ان رياست جي سياست کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته پوءِ محبوبيت به شڪ ۾ رهجي ويندي ۽ ملڪ انتشار جو شڪار ٿي ويندو پوءِ اهي چونڊون شفاف هجن، ايماندارن جي حدن کي به ٽڪرائن. ان ڪري سڀ ڪجھه  صحيح آهي ڪير به اچي پر ادارن جي ساک بحال ڪجي ته بهتر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.