سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ قبيلائي جھيڙن جو عذاب ڪڏھن ختم ٿيندو؟

گذريل ڏينھن ماڇڪي ٿاڻي جي حد ۾ زمين تي ڪم ڪندڙ سولنگي برادري جي ماڻھن مٿان ھٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ھڪ عورت سميت نئون ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب مقتول ڌر مٿان پوليس جي مخبري جو الزام ھڻي ڌاڙيلن جي ھڪ ٽولي ڪاهه ڪري نو بيگناهه انسان شھيد ڪري ڇڏيا آھن، ابتدائي اطلاعن موجب مارجي ويلن ۾ سيلرو ذات سان تعلق رکندڙ ھڪ عورت، ٽي پنجاب پوليس جا اھلڪار، ڇهھ ڳوٺاڻا ۽ چار ڏوھاري قتل ٿي ويا آھن، جڏھن ته ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ھڪ پوليس موبائل تباهه پڻ ٿي وئي آھي. ان واقعي ۾ مجموعي طور تيرنھن ڄڻن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آھن.

ڪجهھ وقت اڳ ۾ به ماڇڪي جي ڪنھن ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن سولنگي برادري جي ھڪ چڱي مڙس کي گھران سڏي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنھن تي پڻ پوليس جي مخبري جو الزام ھنيو ويو. ڪجھه  مھينا اڳ ڪشمور جي ڪچي ۾  مارجي ويل جانو انڍڙ جي ٽولي جيڪو انڍڙ گينگ طور مشھور ھو/ آھي. پنھنجي ئي برادري جي پيٽرول پمپ تي حملو ڪري ڏينھن ڏٺي جو سري عام ست ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا ھئا. نه رڳو ايترو پر ڏھاڪو سال پھريان سردار اسلم خان سولنگي کي پڻ ڪوش برادري جي ماڻھن ساڳي بھتان يعني مخبري جو الزام ھڻي ساٿين سميت قتل ڪري گاڏي کي باهه ڏئي سندن لاشن کي ساڙيو ويو ھو. ان واقعي کان پوءِ ڪوش ۔ سولنگي تڪرار ڪر کنيو ھو،  جنھن ۾ ڪيئي بيگناه ماڻھو قتل ۽ ڪيترائي گھر اجڙي ويا ھا.

ملڪ ۾ لاقانونيت جو راڄ ھجڻ سبب ڌاڙيل ڪنھن تي به مخبري جو الزام ھڻي کيس قتل ڪري ڇڏين ٿا، يا کين زبردستي علائقي مان لڏايو ويندو آھي. ڌاڙيل مخبري جي الزام ۾ ڪيترن ئي شريف ماڻھن کان زبردستي ڏنڊ وصول ڪرڻ لڳا آھن. انھن الزامن جا نه ته ڪنھن کي ثبوت ڏنا ويندا آھن ۽ نه ئي روايت مطابق ڪنھن چڱي مڙس وٽ ان جو ڪو فيصلو به ڪيو ويندو آھي. ڌاڙيل ڏاڍ مڙسي جو مظاھرو ڪندي فريادي به پاڻ ته جج به پاڻ بڻجي الزام ھيٺ آيل شخص لاءِ سزا ۽ ڏنڊ تجويز ڪندا آھن.

ڪوش ۽ سولنگي برادري ۾ ٺاھ ٿيڻ سبب تر ۾ بدامني گھٽ ٿي ھئي ۽ ڪنھن قدر امن قائم ٿيو ھو. ويران ٿيل اسڪول ٻيھر آباد ٿيڻ لڳا ھئا ۽ زندگي معمول تي اچڻ لڳي ھئي ته ڌاڙيلن ھڪ ڀيرو ٻيھر من گھڙت الزامن جي پاداش ۾ بي گناه ماڻھو قتل ڪري نون قبيلائي جھيڙن جو بنياد وجھڻ لڳا آھن.

جيتوڻيڪ انتظامي لحاظ سان ماڇڪو پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جو شھر آھي، پر ماڇڪي شھر توڙي آسپاس جي آبادي سنڌي ماڻھن تي ٻڌل آھي، ڇا ڪاڻ ته ماڇڪو سنڌ جو تاريخي شھر رھيو آھي. جنھن کي ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو ھو. ان لاءِ ماڇڪي ۾ جھيڙن ۾ مرندڙ ماڻھو سڀئي سنڌي ھجن ٿا.  قبيلائي جھيڙن سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان ڏنو آھي.  قبيلائي جھيڙن ۾ سنڌ جي تعليم، سنڌ جو امن تباه ٿي ويو آھي. سنڌ جي خوشخالي ختم ٿي وئي آھي، پر جھيڙن کي مستقل طور تي روڪڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي آھي. حڪومت کي گھرجي ته ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي، جيڪي بيگناه ماڻھن کي قتل ڪري قبيلائي جھيڙن جو سبب بڻجن پيا.

جبري گمشدگين جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي

ھونئن ته جبري گمشدگين جو سلسلو گھڻو پراڻو آھي، اڳ ۾ اھڙا واقعا  ورلي ظاھر ٿيندا ھئا، پر موجوده دور ۾ ان ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ آئي آھي، جو سنڌ ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان سوين ماڻھو لاپته آھن.

جبري گمشدگين وارو معاملو نھايت ئي حساس آھي، جيڪو رڪجڻ جي بدران ڏينھون ڏينھن ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي. جنھن سان ملڪي سالميت خطري ۾ پئجي سگھي ٿي، ڇا ڪاڻ ته ملڪ دشمن قوتون ناراض ماڻھن کي آساني سان پنھنجي مقصد يعني تخريبي ڪاررواين ۾ استعمال ڪري سگھن ٿيون، جيڪي ملڪ کي مستحڪم ڏسڻ نٿيون چاھين ۽ ملڪ ۾ افراتفري ۽ فساد وغيره ڦھلائڻ لاءِ سرگرم آھن.

جبري گمشدگيون نه رڳو  غير قانوني عمل آھي، پر اھو غير انساني عمل پڻ آھي، جنھن سان انساني حقن جي ڀڇڪڙي ٿئي ٿي ۽ عالمي سطح تي ملڪ  بدنام پڻ ٿئي ٿو. آمريت واري دور ۾ به قيدين کي قانوني ۽ انساني حق حاصل ھوندا ھئا. جھڙوڪ کين ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻ، بچاءُ جو حق ڏيڻ، جيل ۾ ملاقات، خط و ڪتاب، اخبار ۽ مطالعو ڪرڻ ۽ ريڊيو وغيره ٻڌڻ جھڙيون سھولتون ميسر ھونديون ھيون، پر ھاڻ ماڻھن کي کنڀڻ کان پوءِ کين جيئري ئي ڄڻ قبر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو. جتي ھو مھينن جا مھينا سج به ڏسي ناھن سگھندا، کين ايتري به پروڙ ناھي پوندي ته رات ڪڏھن شروع ٿئي ٿي ۽ سج ڪھڙي وقت اڀري ٿو.

کنڀي گم ڪيل ماڻھن جا وارث پنھنجي پيارن جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج آھن. جيڪي وقت بوقت ملڪ جي مختلف شھرن جي پريس ڪلبن جي اڳيان مظاھرا ۽ بک ھڙتالون ڪندا رھن ٿا، جيڪي ھاڻ اسلام آباد ۾ ڪئمپ قائم ڪري بک ھڙتال تي ويٺل آھن، جنھن کي اڄ ٽيون ڏينھن آھي. احتجاج ڪندڙ ماڻھن جو بس ھڪ ئي مطالبو آھي ۽ اھو ھر لحاظ کان جائز به آھي ته جيڪڏھن ڪنھن تي ڪو الزام آھي ته مٿس ڪيس داخل ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ڇو ته ملڪ ۾ عدالتون موجود آھن، ڪنھن جو ڏوھاري ھجڻ نه ھجڻ جو تعين عدالتن کي ڪرڻو آھي ۽ ڪنھن کي سزا ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ جو اختيار پڻ عدالتن جو آھي.

جبري گمشدگين وارو معاملو نه رڳو ملڪ جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجي رھيو آھي، پر ان سان وفاق پڻ ڪمزور ٿي رھيو آھي، ڇا ڪاڻ ته صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي رھي آھي، جيڪا ملڪ جي حق ۾ ھرگز ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.