ڪوئلي جي متاثر ماڻھن کي اجها ڏيو، دربدر ته نه ڪيو

غازي بجير

ٿرڪول بلاڪ ون جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو اوپن پٽ ڪوئلي جي کوٽائي وارو منصوبو سمجهيو وڃي ٿو،جيڪو علائقي ۾ ترقي سان گڏ تڪرارن جو به مرڪز بڻجي ويو آهي،هن منصوبي تي ڪم شروع ٿيڻ سان پهرين مرحلي ۾ ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جا رهواسي متاثر ٿيا،جن کي ملڪي ترقي خاطر پنهنجا اباڻا گهر،زمينون ۽ اجها ڇڏڻا پيا،گھر تڙ ڇڏيندڙن کي اھا خبر ھئي ته اھا ترقي اسان لاءِ خوشي جو پيغام کڻي ايندي ھتي اسان جي زندگي تبديل ٿيندي اسان خوشحال زندگي گذارينداسين پر اھا ڄاڻ نه ھئي ته ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ملڪي قانون کي لتاڙيندي اسان ڌرتي ڌڻين لاءِ جيئڻ مشڪل بڻائينديون ۽ روزگار ملڻ ته پري جي ڳالهه پر ويتر دربدر ٿينداسين،مقامي ماڻھن ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڪوئلو ڪڍي ملڪ کي روشن ڪرڻ واري عمل جي آجيان ڪئي ۽ پنھنجا اباڻا اجھا ڇڏڻ تي راضي ٿيا،ڪمپنين شروعاتي ڳوٺاڻن سان جيڪي واعدا ڪيا ھئا انھن مان پھرين مرحلي ۾ اڌ قسط جاري ڪرڻ واري مرحلي کي اڳتي وڌائيندي آھستي آھستي ڪم نڪرندو ڪري بعد ۾ ڪمپنيون پنھنجا رويا تبديل ڪنديون ويون،ڳوٺاڻن جا مطالبا تسليم نه ٿيڻ ۽ خدشات وڌڻ ڪري مسئلا وڌنڌا ويا جيڪي ھن وقت وڌي وڻ ٿي ويا آھن،ڳوٺ وروائي جي ڳوٺاڻن کي لڏائي ٻي ھنڌ شفٽ ڪرڻ سان گڏ اتي ڪجھ اھڙا خاندان موجود آھن جن کي زمين توڙي گھرن جو معاوضو ناھي ۽ ڪمپني ڳوٺ کي چئوطرف ڪنڊيندار تار لڳائي گيٽ چاڙھي پوليس مقرر ڪري ڇڏي آهي،

ٿرڪول بلاڪ ون منصوبي تي جيئن ڪم شروع ٿيو انھيءَ بعد 2019ع ۾ بجلي پيدا ٿي،2019ع ۾ هن منصوبي مان پيدا ٿيندڙ 1320 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ذريعي پنجاب جي شهر فيصل آباد تائين پهچڻ شروع ٿي پر افسوس ناڪ ڳالهه اها آهي ته جنهن ڌرتي مان ڪوئلو نڪري رهيو آهي، اتان جا مقامي رهواسي اڄ به بجلي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڳوٺاڻن موجب سندن مٿان بجلي جا پول ۽ لائينون گذرن ٿيون پر کين بجلي مهيا نٿي ڪئي وڃي،جڏھن ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني مقامي ڳوٺاڻن کي متبادل رھائيش ۽ سھولتون بدران ويتر انھن کي دربدر ڪري ڇڏيو آھي،بلاڪ ون جي کوٽائي سبب متاثر ٿيل ڳوٺ وروائي جا رهواسي اڄ به پنهنجن حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن،متاثرن جو چوڻ آهي ته کين نه مڪمل معاوضو ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي مناسب متبادل رهائش فراهم ڪئي وئي آهي،هنن الزام هنيو ته مائينگ تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني سندن مسئلا حل ڪرڻ بدران طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان کين تنگ ڪيو پيو وڃي،

هاڻ ڪمپني تي اهو به الزام آهي ته هن مقامي ماڻهن ۽ متاثرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،تازو متاثرن جي آبادڪاري واري عمل دوران علائقي ۾ ھڪ نئون تڪرار شدت اختيار ڪري ويو اھي جنهن سبب مختلف ڳوٺن جا ماڻهو آمھون سامھون اچي ويا آھن،روينيو انتظاميا ۽ ڪمپني پاران ڳوٺ وروائي جي راهمان برادري جي متاثرن کي ويجهو واقع ڳوٺن مهاوو ڀيل،ڀاوي جوتڙ ۽ شهمير وڪيه ڀرسان سرڪاري گئوچر زمين تي آباد ڪرڻ لاءِ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ان فيصلي خلاف مقامي ڳوٺاڻا سخت احتجاج لاءِ نڪري آيا آھن،جڏهن ته متاثرن پاران ٽريڪٽرن ذريعي زمين هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سوين مقامي ماڻهو،عورتن ۽ ٻارن سميت، ميدان ۾ اچي ويا ۽ احتجاج شروع ڪيو آھي،پھرين ٿيندڙ احتجاج جي اڳواڻي سيد،وڪيا،ڀيل برادري جا ماڻھو ڪري رھيا ھئا جيڪي ڳوٺ شهمير وڪيا،ڀاووي جو تڙ جا رھواسي ھئا،

احتجاج ڪندڙن ٿرڪول کان ننگرپارڪر ويندڙ مک شاهراهه تي ڌرڻو هڻي اتي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي جيڪو احتجاج لڳاتار چئن ڏينھن کان ھلندڙ آھي،احتجاج ڪندڙ ڀيل برادري جا ماڻھو ٻارين ٻچين شديد گرمي ۽ نهٽڻ اَس جي باوجود عورتون،مرد ۽ ٻار روڊ تي ويٺل آھن جن جو مطالبو آھي ته مھاوو تڙ مڪان ۾ خالي زمين گئوچر زمين آھي جتي اسان جو چوپايو مال چرندو آھي انھي زمين تي ڳوٺ وروائي جي متاثرين کي آباد ڪري اسان کان گئوچر نه کسيو وڃي،احتجاج ڪندڙ ماڻھن بند ڪيل روڊ کولي روڊ جي سائيٽ تي جا ايل گئوچر زمين تي شاميانا لڳائي احتجاج شروع ڪيو ويو آھي جيڪو چئن ڏينھن کان احتجاج جاري آھي احتجاج ۾ عورتون،مرد ۽ ٻارڙا شامل آھن جيڪي چئن ڏينھن ۽ راتين کان اتي احتجاجي ڪئمپ تي ترسيل آھن،ٻدايو پيو وڃي ته ڪمپني ۽ انتظاميا پاران گئوچر زمين تي ڳوٺ وروائي جي متاثرين کي آباد ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پلاننگ ڪري ورتي آھي،طاقت جي استعمال ذريعي انھن کي احتجاج تان اتاريو ويندو،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٿرڪول منصوبن سبب سندن ڳوٺن کي تار لڳائي لنگهه بند ڪيا ويا آهن ۽ کين ڪا به بنيادي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي هنن چيو ته سندن چوپايو مال لاءِ موجود گئوچر زمين به هاڻي کسي پئي وڃي،ٿرڪول جا متاثر به سندن ڀائر آهن ۽ انهن کي به سهولتون ملڻ گهرجن پر حڪومت ۽ ڪمپنين پاران اهڙي رٿابندي ڪئي پئي وڃي جنهن سان مقامي ماڻهن ۾ تڪرار پيدا ٿي رهيا آهن،احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته روينيو عملدارن ۽ تپيدار مبينا طور رشوت عيوض هزارين ايڪڙ گئوچر زمين متاثرن کي الاٽ ڪئي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن کي ڪنهن ٻي خالي سرڪاري زمين تي آباد ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،سندن چوڻ هو ته هو ڌرڻو ختم نه ڪيو آهي،رڳو عوامي تڪليف کي نظر ۾ رکندي روڊ کوليو ويو آهي،جڏهن ته هو ڄاڻايل زمين ڀرسان ڪئمپ هڻي پنهنجو پرامن احتجاج جاري آھي،ھوڏانھن روينيو انتظاميا موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل زمين سرڪاري ملڪيت آهي ۽ ان تي بلاڪ ون جي متاثر راهمان برادري کي آباد ڪيو پيو وڃي،اختيارين موجب احتجاج ڪندڙ پاڻ سرڪاري زمين تي قبضا ڪندڙ آهن ۽ حڪومت اهڙا قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي،

ٻئي پاسي ڳوٺ وروائي جي متاثر راهمان برادري جي ڳوٺاڻن ياسين راهمون ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن به مقامي برادري سان ڪو تڪرار ناهي،هنن چيو ته بلاڪ ون منصوبي سبب سندن ڳوٺ متاثر ٿيو آهي ۽ هنن ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجون زمينون،گهر ۽ اباڻي قبرستان قربان ڪيا آهن،جيڪڏهن مقامي ماڻهو سندن آبادڪاري تي راضي ناهن ته هو زبردستي آباد نه ٿيندا پر ڪمپني کان متبادل زمين جو مطالبو ڪندا،سندن چوڻ هو ته معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ بدران سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي،احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻا ڄاڻايل هنڌ ڀرسان ڪئمپ قائم ڪري ويٺل هئا ۽ سندن پرامن احتجاج جاري هو،جڏهن ته علائقي ۾ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار رهي،

ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيھر آبادڪاري لاءِ سنجيده ناھي ڪمپني پوليس کي استعمال ڪري ڳوٺاڻن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ سميت آمھون سامھون ڪري ڇڏيو آھي،ھڪ طرف متاثر ڳوٺاڻا آباد ٿيڻ لاءِ دربدر آھن ته ٻي پاسي ويجھن ڳوٺن جا رھواسي انھن جي آبادڪاري تي اعتراض ڪندي سخت احتجاج تي ويٺل آھن ۽ موقف آھي ته ڄاڻايل گئوچر زمين بچائي متاثرين کي ڪنھن ٻي ھنڌ تي آباد ڪيو وڃي،ھن سموري معاملي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪمپني توڙي انتظام ذميواري جو مظاھرو ناھي ڪيو ويتر معاملي کي خراب ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ طاقت جو استعمال ڪرڻ تي سوچيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنھن وڏي مسئلي کي جنم ڏئي سگھي ٿو،هن سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي ته سائينو سنڌ ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميه فوري طور ذميواري جو مظاهرو ڪن،سڀني ڌرين متاثر ڳوٺاڻن،ويجهن ڳوٺن جي رهواسين ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي شفاف ڳالهين جو عمل شروع ڪيو وڃي،متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري لاءِ واضح،منصفاڻي ۽ قابلِ عمل پاليسي جوڙڻ سان گڏ گئوچر زمين بابت خدشن کي به سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي،جيئن ڪنهن به ڌر سان ناانصافي نه ٿئي،ان سان گڏ پوليس جي استعمال بدران ڳالهين ۽ مصالحت جو رستو اختيار ڪيو وڃي،ڇو ته طاقت جو استعمال صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو،حڪومتِ سنڌ کي گهرجي ته هن معاملي ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪندي هڪ گڏيل حل سامهون آڻي،جيئن علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جو عمل متاثر نه ٿئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.