قمر شهباز جون تخليقي خدمتون، سنڌي ادب ۾ هميشه زندهه رهنديون

مبصر

سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن ڪنهن شخصيت کي حقيقي معنيٰ ۾ گهڻ رخي يا آل رائونڊر سڏجي، ته اهو نالو بيشڪ قمر شهباز جو ئي آهي. هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان شاعري، ڪهاڻي، ڊراما ۽ ڪالم نويسيءَ جي دنيا ۾ هڪجهڙو اثر ڇڏيو ۽ هر ميدان ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي۔ قمر الدين ولد محمد مقبول ٻگهيو، جيڪو ادبي حلقن ۾ قمر شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو، 13 اپريل 1938ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو. ابتدائي کان وٺي بي اي تائين تعليم هن پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ حاصل ڪئي. 1955ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1959ع ۾ بي اي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، هن 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. سندس ابتدائي تعليم هڪ قابل استاد ايم ايڇ خواجا جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنهن سندس فڪري اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

پيشوراڻي زندگيءَ جي شروعات هن ليڪچرار طور ڪئي ۽ ميرپورخاص، نوابشاهه، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جهڙن شهرن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصي لاءِ ايئر فورس سان لاڳاپيل رهيو، پر پوءِ سول سروس ۾ شامل ٿي ويو. مختلف سرڪاري ادارن جهڙوڪ وزارت صحت، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ۾ خدمتون انجام ڏنائين. 1985ع کان گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ڪم ڪندي رٽائرمينٽ ورتائين. 1965ع ۾ هن معروف افسانه نگار ارشاد سومرو سان شادي ڪئي، جيڪا پوءِ ارشاد قمر جي نالي سان سڃاتي وئي۔قمر شهباز جي ادبي شروعات تمام ننڍي عمر ۾ ٿي. چوٿين درجي ۾ پڙهندي ئي هن لکڻ شروع ڪيو. سندس پهريون شعر پنهنجي استاد جي مان ۾ لکيل هو، جيڪو هڪ تقريب ۾ پڙهيو ويو. ان کانپوءِ هن هڪ هٿ سان لکيل رسالو جاري ڪيو، جيڪو پوءِ چڻنگ جي نالي سان سائيڪلو اسٽائيل صورت ۾ شايع ٿيو. ان دور ۾ هن پاهوڙي تخلص سان مزاحيه شاعري پڻ ڪئي۔پهرين ڪهاڻي، جيڪا هن پنجين درجي ۾ لکندي، دادو مان نڪرندڙ رسالي اسان جي منزل ۾ ڇپي. اڳتي هلي نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ادا سان لاڳاپيل ٿيو، جتي هن چئي ڇا ٻڌايان نالي تنقيدي سلسلو شروع ڪيو. هي رسالو جيتوڻيڪ ٿوري عرصي لاءِ جاري رهيو، پر ڪيترن ئي وڏن اديبن کي ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو سبب بڻيو۔ 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران قمر شهباز به ٻين اديبن ۽ شاگردن سان گڏ سرگرم رهيو. ان دور ۾ سندس قومي گيت عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪندا هئا ۽ جلسن ۾ جذبو پيدا ڪندا هئا۔ هن تحريڪ ۾ سرگرميءَ سبب کيس ۽ سندس ساٿين کي ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پيو۔

قمر شهباز نه رڳو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو، پر هڪ ڪامياب ڊراما نگار به رهيو. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي يادگار ڊراما لکيا، جيڪي عوام ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ واچوڙن ۾ لاٽ، ڪاري، قرض مرض فرض، رشتا ۽ تنهنجون ڳالهيون شامل آهن، جڏهن ته ٽي وي لاءِ راهون جدا جدا، واريءَ سندو ڪوٽ ۽ شڪست خاص شهرت ماڻي۔ ان کان علاوه هن اسٽيج ڊراما، مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيا، ۽ ڊاڪيومينٽري فلمون به تيار ڪيون، جن مان هڪ تي کيس عالمي سطح جو ايوارڊ پڻ مليو. سندس سندس مزاحيه ڪالمن ڄڃ پرائي ۽ احمق نچي پڙهندڙن ۾ خاص مقبول رهيا۔

قمر شهباز جي تخليقي سفر جي شروعات شاعري سان ٿي. بعد ۾ هن ٻين صنفن ڏانهن رخ ڪيو، پر شاعريءَ سان سندس ناتو برقرار رهيو. سندس شاعري جو مجموعو چنڊ رهين ٿو دور 1988ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ مختلف دورن جي چونڊ شاعري شامل آهي۔ سندس شاعريءَ ۾ احساس، فڪر ۽ اظهار جي انفراديت نمايان نظر اچي ٿي۔ قمر شهباز گهڻو ڪجهه لکيو ۽ سنڌي ادب کي قيمتي خزانو ڏنو. سندس اهم ڪتابن ۾ چونڊ ڪهاڻيون، اٺون گهر، ضمير جو موت، واچوڙن ۾ لاٽ ۽ ترجمو آکيرا آڪاس شامل آهن۔

5 مئي 2009ع تي ڪراچي ۾ سندس وفات ٿي، پر سندس ادبي خدمتون اڄ به سنڌي ادب ۾ زنده آهن۔ قمر شهباز هڪ اهڙي تخليقي شخصيت هو، جنهن پنهنجي گهڻ رخي صلاحيتن سان ادب جي هر شعبي ۾ پنهنجو نقش ڇڏيا، ۽ سندس نالو سدائين احترام سان ياد ڪيو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.